سوال/سروي … سڀني کي نوڪريون نٿا ڏئي سگهو باقي سڀني کان ووٽ وٺي سگهو ٿا: وزيراعليٰ مراد شاهه جي بيان تي عوام جو شديد ردعمل

0
61

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀني کي نوڪريون نٿا ڏئي سگهون: وڏي وزير جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن وڏي وزير جي بيان تي شديد ردعمل ڏيندي چيو ته نوڪريون نٿا ڏئي سگهو ٿا ته ادارا بند ڪري ڇڏيو، چالان جا پئسا واپس ڪريو، چالان مفت ڪيو وڃي، گريڊ 5 کان 15 واريون ڀرتيون سال کان ناهن ٿي سگهيون، اهو به چيو ويو ته سڀني کي نوڪريون نٿا ڏئي سگهو باقي سڀني کان ووٽ وٺي سگهو ٿا؟ عوام پاران مطالبو ڪيو ويو ته ميرٽ جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته غريب ماڻهن کي نوڪريون نٿا ڏين باقي پئسن عيوض ڏين ٿا، پنهنجن ماڻهن لاءِ هنن وٽ نوڪريون آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ارشاد علي سومرو لکيو ته اھا ڳالھه ٺيڪ آھي ته سڀني کي نوڪري ڪونه ملي سگھندي پر ھڪ شريف عزتدار مسڪين جو ٻار جنھن ڏينهن رات محنت ڪري ھزارين خواهشون پنھنجي ۽ ابي امان جون پوريون ڪرڻ لاءِ جستجو ڪئي ته نوڪري ملندي ته ابي امان کي سک ڏيندس يا جنھن پيءُ رات ڏينهن پاڻ کي بکن تي رکي پنھنجي ٻچڙي کي پڙھايو ان آس تي ته پڙھڻ بعد منھنجي ٻچڙي کي سرڪاري نوڪري ملندي ان کي ڪڏھن به سرڪاري نوڪري ڪونه ملندي جيڪڏھن ملندي ته جيڪو رشوت پئسا ڏئي يا سرڪاري ڌر جو واٺو ھجي ته ان کي سرڪاري نوڪري ملندي باقي مسڪين شريف ۽ ھوشيار سرڪاري نوڪري جو آسرو نه ڪن، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته سڀني کي بلڪل ڪونه ڏيندا نوڪري هڪڙو ملنديون سياسي سپورٽ تي ٻيون ملنديون پيسي تي اهو ٻئي شيون عام ماڻهو وٽ ناهن سياسي سپورٽ غريب ماڻهو جي ڪير ڪونه ڪندو ۽ پيسا هن وٽ نه هوندا نوڪري حڪومت جا جيڪو پنهنجا ماڻهو آهن ڏينهن رات ڀوتارن جي بنگلن تي پيا آهن چمچاگيري پيا ڪن انهن کي ملنديون عام ماڻهو کي نه، نور احمد کوسو لکيو ته بلڪل سائين بلڪل نوڪريون رڳو توھان جي جيالن جي لاءِ آھن باقي اسان ڊگريون کڻي ھوٽلز تي مزدوري ڪنداسين ۽ ڪريون پيا انھي لاءِ اسان کي اسان جي والدين پڙھايو ايڏي محنت مزدوري ڪري، گل حسن خاصخيلي لکيو ته نوڪريون پ پ جي ماڻهن کي ملنديون سڀني کي نوڪريون مليون ته ڀوتارن جي بنگلن جا خرچ ڪٿان ايندا، ڀوتار جو اڻپڙھيل ڪمدار ۽ ڪمدار جو پٽ به نوڪري ۾ آھي سرڪار جي مدد سان، ان سڀني کي نه صرف پ پ جي خاص ماڻهن کي نوڪريون ملنديون باقي پيسن تي وڪرو ٿينديون ٽارگيٽ تي عھدا وٺندڙ ايم پي اي ۽ ايم اين اي مٿي منٿليون به پڄائيندا ۽ پنھنجا خرچ به ڪڍندا، اسد زرداري لکيو ته نوڪريون ڏنيون ڪٿي آھن جن ادارن ۾ پوسٽون خالي آھن انھن جا انگ اکر جاري ڪري ميرٽ جي بنياد جي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن سنڌ ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين ايز رڳو تڪ جي وڏيرن کي نوڪرين ڏين ٿا جيڪي سدائين پنھجن کي نوازين ٿا باقي غريبن جا ٻار تعليم حاصل ڪري سدائين ڌڪن ۽ سورن ۾ آھن پي پي جا وزير سدائين اھڙا بيان ڏئي سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪن ٿا. مختيار مولائي لکيو ته هنن سنڌ ۾ نوڪريون ڏنيون گهڻيون آهن هن وقت تائين؟ نوجوانن کي ھن وقت تائين پي ايس ٽي جي ايس ٽي جا آفر آرڊر پيپلزپارٽيءَ جي گذريل حڪومت تائين ملي نه سگھيا پيپلزپارٽي جو دور وڏيرن جو دور ۽ڪرپشن جو حڪومت آھي، راجا مهر لکيو ته ميرٽ تي نٿا ڏئي سگھن باقي پيسن تي جام نوڪريون جيترا زياده پيسا اوتري سٺي نوڪري ملندي، محمد حسين لکيو ته ميرٽ تي نوڪريون نه ڏيندا باقي پئسن تي جيتريون کپن اهي ڏئي ڇڏيندا ٻڏي مرڻ جو مقام آهي اوهان کان نظام نٿو هلي ته استعيفا ڏئي ڇڏيو، شاهد بلوچ لکيو ته نوڪريون نٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هارين کي ڪوئي رليف ڏيو، محمد پناهه به ردعمل ڏنو، احسان علي لغاري لکيو ته ٻڏي مرڻ جو مقام آھي نوجوانن کي کان درخواستون گھرائي نوڪرين جي نالي تي چالان جي آڙ ۾ پيسا وٺندا آھن باقي نوڪريون رات جي پيٽ ۾ پنهنجي ماڻهن کي ڏيندا آھن، محمد حسن نهڙيو کيو ته نوڪريون ته پئسن سان ملي رهيون آهن اڄڪلهه پر غريب مزدورن کي ڪو رليف پڪيج ته ڏيو، اي ايم عباسي لکيو ته مطلب ميرٽ تي عمل نه ٿيندو، بشير احمد لکيو ته نوڪريون غريبن کي ڏيڻ گهرجن، محبتي مڪيش جيپال لکيو ته سڀني کي نوڪري نٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ چالان ته فري ڪيا وڃن جئين غريب ماڻهو جي مزدوري واري ڏهاڙي بچي پوي. ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته اها ڳالھه سهي آهي سڀني کي نوڪريو نٿا ڏئي سگهن پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ جيالن کي ڏيندا باقي چند نوڪريون قانوني طور ڏيندا باقي غريب ويچارا چالان پيارڻ ۾ پورا هوندا آهن، سنڌ حڪومت مهل سان اشتهار جاري ڪري ته غريب مزدوري ڪن جنهن وٽ 12 يا 13 لک آهن اهو ڀلي نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪري. ذيشان کوکر لکيو ته سڀني کان ووٽ وٺي سگهو ٿا؟ ناياب اعجاز لکيو ته پهريان اين ٽي ايس وارا ڏهه سالن کان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن پهريان انهن کي ته انصاف فراهم ڪريو آفر آرڊر ڏيو 10سالن کان نوڪرين جي انتظار ۾ آهن، ساجد علي لغاري لکيو ته سڀني کي نوڪري نٿا ڏئي سگھن ته ميرٽ وارن کي ته نوڪري ڏين. سنڌ حڪومت 2023ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس ذريعي 5 کان 15 نوڪرين لاءِ ٽيسٽون ورتيون ۽ ٻڌايو ويو ته 90 ھزار کان مٿي نوڪريون آھن. جنهن کي ڏيڍ سال کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي. پر سنڌ حڪومت ھڪ ماڻھو کي به ٽيسٽ جي بنياد تي نوڪري ناھي ڏني. ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي اڃا تائين حق ناھي ملي سگھيو. ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جلد ٽيسٽ مارڪس جي بنياد تي ميرٽ لسٽ تيار ڪري ڀرتي عمل شروع ڪيو وڃي. جمشيد علي لکيو ته نوڪريون نٿا ڏئي سگهو ته پنهنجا سرڪاري ادارا بند ڪريو، ھر ضلعي ۾ فيڪٽريون لڳايو، جيئن نوجوان پنھجو روزگار ڪري سگھن، لکيل پڙھيل نوجوان بيروزگار لڳا پيا آھن غريبن کي سرڪاري نوڪري پئسن کان سواءِ ڪانه ملندي سرڪاري نوڪريون اميرن وڏيرن ايم پي اي. ايم اين اي کي ملنديون آھن جيڪي پنھنجن ماڻهن کي ڏيندا آھن غلام قوم کي ڪڏھن به پنھنجا حق ڪونه ملندا نوڪري ته پري جي ڳالھه پر عوام جا جيڪي بنيادي حق آھن اھي به نٿا ملن رياست مڪمل طور ناڪام نظر ٿي اچي، وڏي وزير جي بيان تي افسوس ڪري سگهجي ٿو، الهداد کوسو به وڏي وزير جو بيان رد ڪيو.