سوال/سروي … سوشل ميڊيا غريب مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اهم مورچو قرار، ڪوڙ پکيڙڻ بدران درست معلومات سان فائدو کڻڻ گهرجي: عوام

0
60

  دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا جي استعمال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪهڙا هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا آهن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ بهترين پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي غريب ماڻهن جو آواز بلند ٿئي ٿو، ظالم قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا، ناڪاري پاسو اهو آهي ته غلط معلومات پکيڙي ٿي وڃي، سوشل ميڊيا جو درست استعمال فائديمند آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرحيم منگي لکيو ته سوشل ميڊيا کي انفرادي مسئلن بدران اجتماعي مسئلن لاءِ استعمال ڪجي ته بهتر آھي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پسند نا پسند وارو عمل نه هئڻ گهرجي .رڳو ناڪاري پاسا نه هجن ڪنهن جي سٺي ڪم جي به ساراهه ڪرڻ گهرجي.غير اخلاقي تنقيد بدران دليلن کي استعمال ڪجي ته بهتر آھي ڪافي ڪمزوريون ڪوتاهيون هئڻ باوجود به بهتر آھي پر ان کي اڃا وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ مٿي ڏنل تجويزن سميت سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آھي، رياض سولنگي لکيو ته سوشل ميڊيا کي درست استعمال ڪجي ته چڱا ڀلا لڪيل چهرا جيڪي عوام مظلومن سان ظلم ڪري رهيا آهن اهي بي نقاب ٿيا آهن ڪيترائي ماڻهن جو آواز بڻجي سوشل ميڊيا ذريعي مسئلا حل ٿيا آهن سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪرڻ سان ڪافي مسئلا حل ٿيڻ سان گڏ وڏي ڄاڻ ملي ٿي. اشفاق چانڊيو لکيو ته نوجوانن کي گذارش آهي ته پنهنجي سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪن .نادر علي اڄڻ لکيو ته سوشل ميڊيا بھترين نموني سان عوام جا مسئلا اجاگر ڪري رھي آھي ، سوشل ميڊيا جي دوستن کي گذارش آھي سوشل ميڊيا جو صحيح نموني استعمال ڪن، ايم حسن کوسو لکيو ته بھترين اشوز آھي سوشل ميڊيا اچڻ سان ڪافي بھتري ٿيو آھي ڇو ته عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا ھڪ سٺو پليٽ فارم مليو آھي ۽ سوشل ميڊيا سان ڪافي بھتري آئي آھي سوشل ميڊيا عوامي طاقت آھي پر سوشل ميڊيا کي غلط بياني واري پکيڙ کان پاسو رکڻ گھرجي ڇو ته سوشل ميڊيا اهم مورچو آھي اگر ان سڀني پاسن کي نظر ۾ رکي سوشل ميڊيا کي عوامي استعمال ۾ وڌيڪ آڻجي سوشل ميڊيا جي بند ٿيڻ سان غريب عوام کي انصاف ملڻ وارو مورچو بند ٿي ويندو ان ڪري سوشل ميڊيا تمام بھترين پليٽ فارم آھي، واحد بخش به سروي ۾ حصو ورتو، آر بي سنڌي لکيو ته ھن وقت جو تمام بهترين ھٿيار آهي سوشل ميڊيا پر استعمال ڪرڻ جو طريقو درست ھجي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سوشل ميڊيا جيڪي درست استعمال ڪن ٿا انهي لاءِ سٺو پليٽ فارم آهي. باقي شر پسند ماڻهو هن کي غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي عزت مجروح ڪن ٿا جن لاءِ قانونسازي ڪري سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ آگاهي پروگرام ڪيا وڃن جيئن ماڻهو کي نفعي ۽ نقصان جي خبر پئجي سگهي ڇو جو سوشل ميڊيا هلائڻ وارن کي سائبر ڪرائيم جي خبر ئي ڪانهي. جنهن ڪري اڪثر ماڻهو من گهڙت پوسٽون هلائيندڙ آهن، بابر رستماڻي لکيو ته سوشل ھڪ بھترين پليٽ فارم آھي غريب مظلومن جو ڀرجھلو آھي، جيڪڏھن سوشل ميڊيا کي صحيح نموني استعمال ڪجي. ايم آچر ڪنڀر لکيو ته سوشل ميڊيا سٺو پليٽ فارم آهي خاص ڪري غريبن لاءِ، مظلومن جو سگهارو آواز آهي، درست استعمال ڪجي، ارشد علي مري لکيو ته  سوشل ميڊيا غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو آواز آهي، انهن جو آواز اقتداري ايوانن تائين پهچي ٿو، درست استعمال ڪرڻ گهرجي. عرض محمد پيرزادو لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ بھترين پليٽ فارم آهي جنهن جي ڪري فاطمه ڦرڙو واقعو ٽاپ ٽرينڊ رھيو ۽ سڀ جوابدار گرفتار ٿيا، زاهد سنڌي لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ بھترين پليٽ فارم آھي، جنھن مان ڪافي فائدا وٺي سگھجن ٿا.سوشل ميڊيا جو ھاڪاري توڙي ناڪاري استعمال اسان جي ھٿ ۾ آھي، پئسن جو زيان ڪري يا ڪجھه حاصل ڪري. غلام حسين بلوچ لکيو ته پنھنجي اخبار سٿ جو شڪر گذار آھيون جن ھميشه عوام جي آواز کي اجاگر ڪيو آھي ۽ بھترين اشوز اٿاريو آھي ھي سوشل ميڊيا جو جيڪو پليٽ فارم آھي ھي تمام بھتر وقتائتو ڪارائتو پليٽ فارم آھي ھن سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم خاص ڪري عوام کي وڌيڪ فائد ڏنو آھي سوشل ميڊيا بند ٿيڻ سان عوام کي نقصان آھي پر سوشل ميڊيا کي نفرت انگيز مواد جي پکيڙ کان پري رکڻ گھرجي ۽ عوامي استعمال ۾ وڌيڪ سرگرم رکجي. اسلم آزاد سمون لکيو ته سوشل ميڊيا جو هاڪاري پاسو اهو آهي جو، جن اشوز کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ادارا نه کڻندا هئا انهن کي سوشل بروقت هاءِ لائٽ ڪري ٿي. ناڪاري پاسا کوڙ آهن، بغير خبر ڪنفرم ڪرڻ بس انڌا ڌنڌ ان خبر کي وائرل ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به چڱي ماڻهو کي لوئڻ ۾ به سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي. سوشل تي هر ماڻهو جو ايڪسيس هجڻ ڪري ماڻهو ان جو غلط استعمال ڪندا آهن،جنهن ڪري حقيقي مسئلا دٻجي وڃن ٿا. ڄام فقير رند لکيو ته سوشل ميڊيا فائديمند آهي، محمد يونس بوزدار لکيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال اڄ جي دؤر ۾ تمام فائديمند ۽ لاڀائتو آھي جنھن سان ھر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي آواز اٿاري سگھجي ٿو .شفقت حسين ابڙو لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ بھترين نيٽورڪ آهي عوام جي نمائيندگي ڪرڻ ۾ وڏي سپورٽ ڪري ٿو ۽ ظالم کي به پنھنجي منطقي انجام تي پھچائي ٿو ۽ ھڪ ٻيو ته جيڪو صحيح استعمال ڪندو ان لاءِ فائديمند آهي جي ناڪاري ھلائيندو ته ان لاءِ به غلط اثر ڏيکاريندو، مراد علي لکيو ته سوشل ميڊيا پنهنجي حقن ۽ ٻين بي پھچ ماڻهن جو آواز اقتداري ايوانن تائين پھچائڻ جو ذريعو آهي درست استعمال ڪرڻ گهرجي، سمير احمد بروهي به سروي ۾ حصو ورتو، زبير احمد پنهور لکيو ته سوشل ميڊِيا غريبن جو سھارو پڻ آهي پر صحيح طرح استعمال ڪجي، نعمت الله نهڙي لکيو ته سوشل ميڊيا کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ بھترين پليٽ فارم آھي. ان کي صحيح طرح سان استعمال گھرجي، فاروق احمد لکيو ته سوشل ميڊيا سنڌ واسين جو آواز آهي، عرفان علي ملاح لکيو ته سوشل ميڊيا غريبن جو آواز ۽ ڄاڻ جو هڪ ذريعو آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته درست استعمال سان درست نتيجا ايندا، سيف الله پنهور لکيو ته سوشل ميڊيا عوام جو تڪڙو ۽ سگهارو آواز آھي، شبير جعفري لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ بهترين پليٽ فارم آهي، اياز علي ٻگهيو به سروي ۾ حصو ورتو، اياز بلوچ لکيو ته اسان نوجوانن کي گذارش ڪيون ٿا ته هو سوشل ميڊيا جو صحيع استعمال ڪن هروڀرو افراتفري ۽ فسادي پوسٽن کان پاسو ڪن، سهيل جويو لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ سٺو پليٽ فارم آهي، پر ان جو استعمال ويجهڙ ۾ ڪجهه صحيح نه ٿيو آهي، ان جا هاڪاري پاسا اهي آهن ته جتي به ظلم ٿئي پيو ۽ اهو جڏهن سوشل ميڊيا تي اچي ٿو ته ان جا بهتر نتيجا ملن ٿا پر ناڪاري پاسو اهو آهي ته غلط شيون رکي ماڻهن کي پريشان پڻ ڪيو وڃي ٿو، ممتاز علي سميجو لکيو ته سوشل ميڊيا اڄ جي ناسور سماج جي ظُلمن کي وائکو ڪرڻ ۾ هٿيار کان به وڌيڪ ڪردار نڀايو آهي باقي غلط يا صحيح استعمال واري تي ڊپينڊ ڪري ٿو .عبدالحئي مير لکيو ته سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ماڻھن ۾ گهڻي ڀاڱي شعور اچي ويو آھي البته ڪجهه ناڪاري اثر به پيا آھن سوشل ميڊيا جي اچڻ سان گهڻا معاملا سلجهڻ جي طرف به وڃن پيا، حنيف رضا لکيو ته سوشل ميڊيا ملڪ جي ڪيترن ئي لڪيل مافيائن تان پردو کنيو آهي ، سوشل ميڊيا ذريعي ڪيترائي اهم مسئلا انٽرنيشنل ليول تائين هائلائيٽ ٿين ٿا ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ متاثر ماڻهن جو فوري تدارڪ ٿي وڃي ٿو ، هي هڪ بهترين ۽ اهم پليٽ فارم آهي جتي فضول وقت جي زيان ۽ منفي شيون شيئر ڪرڻ کان بهتر ماڻهو پنهنجي علائقي بابت مسئلا  اجاڳر ڪري يا هن تان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، مظفر شبير بوزدار لکيو ته سوشل ميڊيا جي اچڻ بعد چڱن ڀلن جا ڪرتوت ظاهر ٿين پيا سوشل ميڊيا تي هر شئي آهي بس هلائڻ واري جي هٿ آهي ته ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪري ٿو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ سٺو پليٽ فارم آهي جنهن پليٽ فارم هر هڪ ماڻهو کي ڄاڻ ملي ٿي سوشل ميڊيا غريب مسڪينن جو سهارو پڻ بڻيو آهي جنهن وڏيرن جاگيردارن کي وائکو ڪيو آهي، اياز کهاوڙ لکيو ته ڪو اشو يا ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته ان مهل هر ماڻھون کي خبر به پوي ٿي ۽ گڏيل آواز به اٿاريو ويندو آهي. غلط معلومات پکيڙڻ سان عوام جو اعتبار کڄي ٿو وڃي، امتياز کوسو لکيو ته سوشل ميڊيا انفارميشن جو بهترين ذريعو آهي پر ان جي غلط استعمال سبب افراتفري پکڙجي وڃي ٿي ان لاءِ معلومات جي رسد واري هن پليٽ فارم کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين رسد کان محروم ماڻهون سوشل ميڊيا ذريعي ناانصافين خلاف آواز اٿاري سگهن. عرفان سيلرو لکيو ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪا به ٿوري گهڻي تبديلي يا شعوري سوچ ۽ چڻنگ ٻري آهي اها سوشل ميڊيا جي ڪري آهي باقي هاڪاري ۽ ناڪاري اثر هر قسم جي پليٽ فارم ۽ ايجادن ۾ ٿيندا آهن. صادق علي ڏاهاڻي لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن جي ذريعي غريب طبقو عوام بنا ڪنهن انويسٽمينٽ جي پئسو ڪمائي سگهي ٿو جيڪڏهن صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي سوشل ميڊيا جا گهڻائي فائدا آهن جيئن مظلوم عوام جو بنا ڪنهن پئسي جي ملڪ جي ايوانن تائين آواز جِي رسائي ٿئي ٿي. منظور ڪنڀر لکيو ته سوشل ميڊيا عام ماڻھن جو سگهارو آواز آهي، استعمال ڪرڻ ماڻھو تي ڊپينڊ ڪري ٿو ته اهو ڪيئن ٿو استعمال ڪري… امتياز بروهي لکيو ته پنهنجي جذبن خيالن ۽ احساسن جو کلي ڪري اظهار ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي، فيبس بوڪ ٽوئيٽر بهترين پليٽ فارم آهن، محبوب علي جلباڻي لکيو ته دنيا اڄ ايڏي اوج تي پھتي آهي ان ۾ سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار آھي ترقي يافته ملڪن ۾ سوشل ميڊيا جو اھم رول آھي، ابراهيم مخدوم لکيو ته سوشل ميڊيا کي گهڻا ماڻهو  غلط استعمال ڪن ٿا، شبير حسين ڀوت سوشل ميڊيا ذريعي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچي ٿو، ايم رحيم انڙ لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ بھترين پليٽ فارم آھي ليڪن اسان جا سنڌي ان مان فائدو نه پيا وٺن، سوشل ميڊيا قاتل پڪڙائي ڇڏيندي آهي ٻڌي ۾ طاقت آھي، نقاش پيرزادو لکيو ته فائدو ۽ نقصان ھٿ اوھانجي آھي، دانش شاهه لکيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال کي منهنجي نظر ۾ معاشرتي تعلق ٺاھڻ ۽ معاشرتي راءِ کي چوڻ/ ٻڌڻ /سمجھڻ آهي سوشل ميڊيا کي مختصر لفظن چوان ته ھڪ اوطاق آهي جتي ھر قسم جو فرد شامل آهي، قربان علي ميراڻي لکيو ته سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪرڻ گهرجي، علي مراد لاشاري لکيو ته سوشل ميڊيا مظلوم طبقي جو آواز آھي، ثناءُالله لاکير لکيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال هن دور کي ترقي ڏيارڻ آهي، رميز راجا لکيو ته بليڪ ميلنگ وڌي وئي آهي، امتياز بلوچ لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ سٺو پليٽ فارم آهي، پر ان جو استعمال ويجهڙ ۾ ڪجهه صحيح نه ٿيو آهي، عباس سنڌي لکيو ته سوشل ميڊيا بھترين پليٽ فارم آھي پر ھاڻي ان جا يوزر ڪوڙ هڻي غلط پوسٽون هڻن ٿا، سنڌي علي گل لکيو ته مثبت طريقو استعمال ڪجي مظلوم جو آواز آھي، خادم سياللکيو ته نقصان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين کي ئي آھي جيڪي خبرن لاءِ رشوت وٺندا هيا، هاڻي سوشل ميڊيا تي هرڪو پنهنجو موقف رکي سگهي ٿو، حاجي غلام نبي پنهور لکيو ته سوشل ميڊيا تي آزادي راءِ سان کليل لفظن ۾ پنهنجن علائقن بابت اظھار ٿئي ٿو، نصرالله لاشاري لکيو ته عوام جي نمائيندگي ڪرڻ ۾ وڏي سپورٽ ڪري ٿو،عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سوشل ميڊيا ھڪ بھترين ھٿيار آهي جنهن جي وسيلي ھر دادگير، پير، مير ۽ ظالم سوگهو ٿئي ٿو، سجاد ملاح لکيو ته سوشل ميڊيا اسان کي سوال ڪرڻ سيکاريو آهي دنيا جون رھنديون ڪھڻيون انهن جي باري ۾ ٻڌايو آهي سوشل ميڊيا اسان سنڌي قوم جو سجاڳي جو بھترين مورچو آهي، گداحسين لکيو ته سوشل ميڊيا غريبن جو سهارو آهي.