سوال/سروي … سوشل ميڊيا بابت ٺهندڙ يونٽ انتقامي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جو خدشو: ڪئنالن خلاف اٿندڙ آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عوام

0
19
سوال/سروي ... سوشل ميڊيا بابت ٺهندڙ يونٽ انتقامي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جو خدشو: ڪئنالن خلاف اٿندڙ آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عوام

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران سوشل ميڊيا جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ يونٽ قائم: سنڌ سرڪار جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ ڇا انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي ؟ سوشل ميڊيا جي موجوده استعمال هاڪاري يا ناڪاري آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اهڙو يونٽ انتقامي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جو خدشو آهي، سنڌ سرڪار ڪئنالن خلاف اٿندڙ آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي، ڪجهه ماڻهن چيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال درست ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ظهور بوزدار لکيو ته اها نه ته انتقام جي ڪارروائي آهي نه ئي وري ڪو عوام جي خدمت آهي. اهو اصل ۾ سوشل ميڊيا تي ڪئنالن خلاف جيڪو ڀرپور آواز اٿاريو پيو وڃي، ان جي رستا روڪ ڪرڻ جي اٽڪل آهي. يعني هي اهو ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو سگهاريون قوتون ڪنديون آيون آهن. سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ جي شعور جو آواز دٻائڻ لاءِ ھي نئون نسخو تيار ڪيو ويو آھي ان کان بھتر ھو ته رياست پنهنجا عمل سڌاري باقي آواز دٻائڻ وارو آمريت مان ھنن کي ڪجهه نه ورندو، ضمير انصاري لکيو ته سدائين پنهنجي مفاد ۾ پئي فيصلا ڏنا اٿن جڏهن ڪو به غلط عمل يا ڪم ٿيندو ته ڇو نه شهري لکندا بس هي سڀ پنهنجي مرضي جا پيا فيصلا آڻيندا، سرمد ادل سولنگي لکيو ته سوشل ميڊيا هونئن ئي محدود آهي، سڀ کان سگهارو پليٽ فارم ”ايڪس بند“ آهي… فيس بوڪ جي ريچ هونئن محدود ڪئي ويندي آهي، جيڪو ڪم لک ڇپ ۾ ٿيندو هو هاڻي کڻي ظاهري ڪندا… طيب انقلابي لکيو ته سائين اھي انھن جا ڊراما آھن، باقي ھاڪاري يا ناڪاري نه پر جيڪو گھڻو سچ لکي ٿو ته سندس گلو دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته ان طريقي سان سنڌ جي حڪومت پنهنجي مقدس ڳئون کي بچائڻ لاءِ اهو يونٽ ٺاهيو آهي، حبيب مرکنڊ لکيو ته سنڌ سرڪار هاڻي اهڙا ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي جو رات جو ننڊ ۾ به کلڻ ايندو آهي، رضا جروار لکيو ته حڪمران سچ سامهون اچڻ تي خوفزده آھن، تنھنڪري ڀوتار چوڪيدار مير پير ھڪ نقطي تي آھن ته عوام جو آواز دٻيل رھي ، اھوئي مقصد يونٽ ٺاهڻ/ کولڻ جو آھي .عرفان علي ملاح لکيو ته ظالم ظلم ڪندو رهي ۽ مظلوم ان خلاف لکي يا ڳالهائي به نه سگهي هنن جي اها ڪوشش آهي، رجب بوزدار لکيو ته حڪومت جو اهو فيصلو ڪنهن حد تائين بهتر به لڳي ٿو اڄڪلھه سوشل ميڊيا جو استعمال غلط ٿيڻ لڳو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ قدم به ضروري آهي جنهن سان سوشل ميڊيا تي غلط مواد يا ڪنهن جي ذاتي ڪردار ڪشي به ختم ٿي سگهندي، عميد بوزدار لکيو ته اسين ائين ٿا سمجھون ته ھي اسان صحافين ۽ عام ماڻھن جي چپن تي تالا لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن پر اھا ھنن جي ڀل آھي اسان پنھنجي ماروئڙن جي حقن ڳالھه ڪندا رھنداسين ڀلي سرڪار سئو پابنديون مڙھي، خير محمد کاڙت لکيو ته ھتي ھر ادارو پنهنجي اھميت وڃائي ويٺو آهي ڪنهن به اداري تي ڪو اعتبار ناهي ھي جيڪو 26 آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ جھڙا ترميمي بل آئون سمجهان ٿو ماڻهن کي قيد ڪرڻ ۽ آواز بند ڪرڻ جا حربا آهن ليڪن ھي نفرت ۽ بيروزگاري ماڻهن کي آواز اٿارڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سھارو وٺڻو ٿو پوي، ھي آواز بند ڪيو ته ماڻهو مزاحمت ڪندا پوءِ ڀڄڻ لاءِ ھنن حڪمرانن کي رستو نه ملندو اڃا به وقت آهي ماڻهن کي ٻڌي مسئلا حل ڪيو نه ته وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري،  شهزاد چانڊيو لکيو ته سٺو ڪم آحي، فقير مير ايم مڱريو لکيو ته حقيقتي جدوجهد کي روڪڻ ، مخالفن جي آواز کي دٻائڻ ، ميڊيا تي اٿندڙ خلق خدا جي آوازن تي بند ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪندا، چندن سنگهه سوڍا لکيو ته سوشل ميڊيا جو غلط استعمال مان مراد ڪوڙيون خبرون ھلائڻ ، ڪنھن کي بليڪ ميل ڪرڻ، غير اخلاقي ٻولي لکڻ وغيره آهي ته ضرور ڪنٽرول ٿيڻ گھرجي. نظير احمد لکيو ته سنڌ حڪومت خوف ۾ ورتل آهي .عوامي ردعمل ڏسي ڊڄي ويا آهن، گلزار ٿهيم، لياقت نائچ، عبد آريسر به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالله کوسو لکيو ته سياسي حڪومت کي اھڙي روش نٿي سونھين اظھار جي آزادي تي ڪيتريون پابنديون لڳنديون جيتريون ھڻندو اوترو وڌيڪ شعور ايندو آ، صدام ميربحر، قادر بخش زئور، سرمد عباسي، احسان علي شيخ، اي ڊي بجير، سراج احمد سومرو، لقمان کوسو، جاويد ڪيريو، شاهد بلوچ، عبدالقادر، مير وسيم عباس، قاسم خاصخيلي، محمد جميل بلوچ، حاڪم چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، شبير حسين ڀوت لکيو ته سوشل ميڊيا تي اظھار جي آزادي ھجڻ گھرجي اھو مظلوم انسانن جو ھڪ تڪڙو ۽ سگھارو آواز آھي جيڪو اقتدار جي ارباب اختيارين تائين پھچي ٿو حڪومت اظھار جي آزادي کان ڪنھن کي نٿي روڪي سگھي، ڀائي خان پالاري لکيو ته سوشل تي جيترا ماڻهو حق سچ لکڻ وارا آهن اوترا ماڻهو ڪوڙ ۽ ڪنهن کي بدنام ڪرڻ وارا آهن ليڪن اھوخدشو آهي ته ڪنهن جي خلاف غلط ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، ۽ انتقام وٺڻ جو به خدشو آهي، ارشاد علي ميرالي لکيو ته سنڌ سرڪار پاران سوشل ميڊيا جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ يونٽ جو قيام هڪ بهتر قدم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ان جو مقصد صرف نفرت، ڌمڪين ۽ جعلي خبرن کي روڪڻ هجي. پر جيڪڏهن ان کي سياسي مخالفت دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته پوءِ اها انتقامي ڪارروائي بڻجي سگهي ٿي، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته منهنجو هڪڙو دوست چوندو آهي، اُٺَ پکي مصيبت ڏسي، منڍي کي ٻوٽي ۾ لڪائي پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي، سو سنڌ سرڪار ان اُٺَ پکي وانگر ٻوٽي ۾ منڍي لڪائي پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳي آهي.عرفان علي ملاح به سروي ۾ حصو ورتو.الياس سمون لکيو ته سنڌ توڙي وفاق ۾ھلندڙ وقت ۾جيڪي به قانون پاس ٿي رھيا آھن انھن تي عمل ذاتي دشمني جي روپ ۾ورتو پيو وڃي اقتدار ۾ويٺل قانون پنھنجي لاءِ بڻائين ٿا عام ماڻھو ان ۾ پيڙهجي ٿو، ثناءُالله چنا لکيو ته سوشل ميڊيا هڪ سگهارو آواز آهي خاص ڪري غريب طبقي لاءِ جيڪي ناجائزيون ٿين ٿيون ته اهي هاءِ لائيٽ ٿين ٿيون مظلومن جو آواز آ سوشل ميڊيا، سنڌ حڪومت خلاف جيڪا ڪئنالن لا جدوجهد هلي پئي ان کي روڪڻ لاءِ مظلومن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان سان انتقامي ڪاروايون به ٿينديون، غلام شبير، صفيان سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، گلزار ٿهيم لکيو ته سوشل ميڊيا تي پابندي جهڙو قدم آهي، زوار عبدالڪريم، چانڊيو عاقب رضا، سنڌي علي گل، علي وارث، محمد حسين، زاهد حسين زرداري به سروي ۾ حصو ورتو، جي آر چانڊيو لکيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، عمران مساڻ لکيو ته عوام کي تنگ ڪندا، مير عاجز لکيو ته سنڌ حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ کنيل قدم جي جتي ڪجهه ڌريون آجيان ڪري رهيون آهن، اتي ڪيترن ئي ماڻهن کي اظهارِ راءِ جي آزادي بابت خدشا به آهن. جيڪڏهن هي يونٽ صرف نفرت، افواهن ۽ عوام کي گمراهه ڪندڙ مواد جي روڪٿام تائين محدود رهي ته اهو هڪ مثبت قدم چئجي، پر جيڪڏهن ان کي تنقيد ڪندڙ آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته پوءِ اها جمهوريت لاءِ خطرناڪ ٿيندي. اظهارِ راءِ جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، جنهن جو تحفظ به ضروري آهي ۽ سوشل ميڊيا جي ذميوار استعمال لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ، غلط معلومات خلاف شعور وڌائڻ ۽ قانون تحت شفاف قدم کڻڻ ئي ان يونٽ جي ڪاميابي لاءِ ضروري هوندو، فقير جبل سنڌي، راجڪمار اوڏ، امتياز علي، غلام ياسين جمالي، مور ساگر، اختيار حسين تنيو، ڌڻي بخش نصيراڻي، عثمان خان، وزير علي، دريا خان چانڊيو، مظفر شبير بوزدار، صدام ايچ سمون، الهرکيو کوسو، راجا سرفراز ڪلهوڙو، احسان علي شيخ، ايم افضل جسڪاڻي،ضمير انصاري، نماڻو نوناري، عاقب وسطڙو، ايم عيسيٰ لنڊ، نجيب الرحمان ڏاھري، امين فهيم زئور، وسيم مرکنڊ، باغي ڪاڪا سنڌي، محمد جميل بلوچ، ريحان بلوچ، علي اڪبر، محسن علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.