ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 52 سيڪڙو، گڊو ۽ سکر جا 7 ڪئنال بند: خريف جا فصل پوکڻ ناممڪن ٿي ويو، ذميوار ڪير ؟ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڪيئن ملندو؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ذميوار آهي، پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو سنگين مسئلو آهي، خريف جو فصل پوکڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مزاحمت کانسواءِ ٻي واٽ ناهي بچي، ڪئنال منصوبو رد ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام قادر لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري زميندارن کي ڪنگال بڻائي زمينون گرين انيشيٽو ڪمپني کي ڏيڻ جي سازش آهي فصل جا ريٽ نه هجڻ سنڌو مان ڇھه ڪئنال ڪڍڻ به انهي ان جي ڪڙي آهي هاڻ سنڌي قوم کي سستي ڇڏي مزاحمت ڪرڻ گهرجي نه ته سندن جياپو کسجي ويندو. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته پنجاب وانگر سنڌ ۾ به پ پ کي نيڪالي ڏيڻي پوندي، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي پيپلز پارٽي جي ڪاروباري سياست جو نتيجو آھي اڃا سنڌ اھڙو وقت ڏسندي جو ٻار کي فيڊر ۾ کير ڏيڻ لاءِ اسان وٽ پاڻي نه ھوندو، محمد يونس کوسو لکيو ته پ پ ذميوار آهي، شهمير جمالي لکيو ته پ پ پ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري، طيب جي لکيو ته سنڌ جا حڪمران ذميوار آهن، خدا بخش سنجراڻي لکيو ته ”اسان سنڌودرياءَ تي رَتَ جا ڏيئا ٻاريا ته پنجابيو!سنڌ کي پاڻي ڏيو. اسان وڏيون وڏيون احتجاجي ريليون ڪڍيون ته پنجابين سميت سمورا ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو. پر پنجاب جي مٿي جي جُونءَ به نه چري.پوءِ اسان کي سمجھه ۾ آيو ته هي ائين اسان جي ڪو نه ٻڌندا ٻئي طريقي سان سمجهائڻو پوندو، راجڪمار اوڏ لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پڇڙي جي آبادگارن کي چوپائي مال جي پيئڻ جو پاڻي به ناهي اسان وٽ روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي نه هئڻ برابر آهي انتظاميه آباد گارن کي آگاهي ڏئي چڪي آهي خريف جا فصل نه پوکيو سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب چوري ڪري رهيو آهي، پنجاب سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر ڪرڻ چاهي ٿو، اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين ٿي وئي آھي سنڌ ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آھي شاخن ۾ واري اڏامي رھي آھي پنجاب ضرورت کان وڌيڪ پاڻي کڻي پيو وري اضافي پاڻي کڻڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن پنجاب سنڌو درياءَ تي مڪمل قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي خريف جا فصل سنڌ ۾ مشڪل ٿي پيو آھي زراعت مڪمل طور تباھ ٿي رھي آھي پاڻي کوٽ جا ذميوار ارسا ۽ پنجاب حڪومت آھي، يوسف جميل لکيو ته پاڻي جي کوٽ سنڌ لاءِ زراعت، معيشت ۽ عوام جي بقا لاءِ وڏو چئلينج آهي. جيڪڏهن سنڌ پنهنجي حق لاءِ سياسي، قانوني، سائنسي ۽ عوامي سطح تي جاکوڙ نه ڪئي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي. سنڌ کي پنهنجي پاڻي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، نه ته ايندڙ سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. ارشاد سومرو لکيو ته ذميوار نااهل حڪمران آھن جنھن وٽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪو مثبت پلان ناھي ملڪ ڪرپشن جي ور چڙهيل آھي اسان جو زرعي ملڪ آھي ھر سال برساتون وسنديون رھنديون آھن پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿيڻ گھرجي پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ سبب فصل ڪونه ٿي سگهندا جنھن جو اثر تمام گهڻو پوندو ملڪ ۾ خوراڪ گھٽجي ويندي مھانگائي زور وٺندي جنھن جا ذميوار اسان جا حڪمران ئي آھن، عرفان علي ملاح لکيو ته ان سموري صورتحال جو ذميوار پ پ حڪومتن کي ٿا سمجهون سنڌ جي عوام کي وڏي قرباني ڏيڻي پوندي، وزير علي به سروي ۾ حصو ورتو، اي ڪيو شاهاڻي لکيو ته پاڻي جي کوٽ منهنجي سمجهه ۾ هن سال 2025 ۾ ڊيمو آهي پنجاب ۾ بهار جي شروعات ۾ ڪامياب فصل پوکڻ لاءِ هاڻي پر ايندڙ سالن ۾ سڄي سنڌ کي ربيع جي آخر ۽ خريف جي شروعات ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. زاهد حسين لکيو ته انهي جي زميوار پهرين سنڌ حڪومت آهي جهن اقتدار خاطر سنڌ جي حقن بابت وفاقي حڪومت سان سڌو نٿي ڳالهائي، چنگيز خان لکيو ته حڪومت جي نا اهلي آهي، بشير جوڻيجو لکيو ته سنڌ دشمن عناصرن جي اِها چال آهي پر اهي ڪامياب نه ٿيندا، قاسم خاصخيلي لکيو ته فصل پوکڻ ناممڪن ٿيڻ سان گڏ جر کارو ٿي رهيو آھي سنڌ حڪومت مڪمل ڄمي بيهي پنهنجو حق وٺي ته جيئن مستقبل جي خطرن کان ڪجھه بچي سگهجي، منور علي سميجو لکيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي، ڪئنالن جو رخ ڪجي، عمران مسڻ لکيو ته سنڌ مان ويندڙ ھر شي پنجاب جي بند ڪئي وڃي، جنھن ۾ تيل ، گئس ، ڪوئلي مان ٺھندڙ بجلي ۽ دنيا سان جيڪو اسان جي سمنڊ جي ذريعي ھي پنجابي جيڪو ڪاروبار ٿا ڪن ۽ ھر رستو بند ڪيو وڃي، منصور علي شاهاڻي لکيو ته پاڻي جي تقسيم ۾ انصاف جي کوٽ، بند ڪئنالن جي مسئلن ۽ حڪومتي ادارن جي ناڪامي ان صورتحال جي بنيادي ذميوار آهن. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان مسئلي جو حل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي هم آهنگي، شفاف پاڻي ورهائڻ ۽ آبي منصوبن ۾ سنجيدگي سان قدم کڻڻ آهي، برڪت علي لکيو ته درياءَ تي ڌاڙو نا منظور، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته پاڻي جي کوٽ جا ذميوار اسان جي نااهل سنڌ جا حڪمرانن آهن، جيڪي وفاقي حڪومت جو حصو هوندي به ڪجھه نٿا ڪري سگهن، اسان جي جياپي جو ذريعو فصل آهي اگر پاڻي کوٽ رهي ته اسان جو جيئڻ محال ٿئي ويندو،زبير جکرو لکيو ته سنڌ کي گڏجي 1945 جي معاھدي تحت پاڻي جي گھر زوردار نموني ڪرڻ گھرجي جيڪ سنڌ جو آئيني اخلاقي ۽ قانوني حق آهي، شفقت جروار لکيو ته سنڌ سان ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪربلا جهڙو قهر ڪيو پيو وڃي هڪ ته غربت سنڌ ۾ ماڻهن کي ٻچا وڪرو ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيا ته مٿان وري پاڻي جي بحران سبب سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ختم ڪري سنڌ جي عوام مان مايوسي ختم ڪئي وڃي، گل حسن شر لکيو ته سنڌي قوم کي سگھاري جياپي جي جنگ ڪرڻي پوندي نه ته سنڌي قوم تباھه ٿي ويندي، ڪائنات گل لکيو ته ذميوار وفاق ۽ پ پ آهي، محمد اسلم لکيو ته بس افسوس ئي آ جو سرسبز سنڌ سڪائي رڃ چولستان کي آباد ڪرڻ سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي چئبي سنڌ جي ڪئنالن جي پوچڙي تي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونه ٿو پهچي ڀائو وارا وري هليا آهن ڪئنال ٺاھڻ سنڌي قوم ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آهي ۽ رد ڪندي، دائود زئور لکيو ته پاڻي جي کوٽ ايتري ڪونهي، ورڇ غيرمعياري آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته سنڌ کي پنھنجو پاڻي جو ڪيس وفاق جي خلاف وڙھڻ گھرجي، وسيم علي ڪيريو لکيو ته سنڌ جي زراعت جي معاشي قتل عام جي ذميوار پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، نندلال رتن ڀيل، قربان ميراڻي به سروي ۾ حصو ورتو. ثناءُالله چنا، شعبان علي خاصخيلي، ڪامل ڪيريو، رياض ڪولاچي، حسين بخش، رياض ڪولاچي. جاويد جان ڪيريو، نادر علي شر، محمد هاشم، علي گل شر، ذوالفقار علي گهانگرو، مير محمد ڪيريو، دوست علي چانڊيو، عبد آريسر، دلچند اوڏ، الله ڏنو راهمون، علي بخش مهر، هزار خان،الفقراءَ رحيم مهر، بختاور سنڌو، نويد خان، لياقت علي زندپور، قادر بخش زئور، عبدالستار لنڊ، ڪريم بلوچ، بشير ميراڻي، پليجو وزير، مظفر شبير بوزدار، سردار حبدار علي، ڌڻي بخش نصيراڻي، ناديه ، اختر علي جمالي، مظهر مصطفيٰ، اختر علي جمالي، مير ساجد علي ٽالپر، ماجد علي انصاري، فيصل عزيز، ثاقب علي ڪولائي، شاهد پنهور، ظهر احمد، جليل احمد کوسو، پرويز علي ڪيريو، ذوالفقار ڪيريو، اياز ڪولاچي، جاويد علي، ساگر عالماڻي، اياز کهاوڙ، شاهد بلوچ، اصغر حسين، سڪندر علي گرگيج، روشن علي، امين فهيم زئور، ايوب بجير، نثار لغاري، عقيل مهر، رئيس سجاد ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.