سوال/سروي … سنڌ ۾ موبائل ڪمپنين جي نيٽورڪ جو ٻيڙو ٻڏل، انٽرنيٽ به نٿي هلي، پيڪيجز جا پئسا لڙهي وڃن ٿا: عوام جون دانهون

0
21

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا ايپس سست رفتاري جو شڪار: اوهان وٽ انٽرنيٽ صحيح ٿي هلي؟ اسپيڊ ڪيئن آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته انٽرنيٽ صحيح نٿي هلي، نيٽورڪ جو به ٻيڙو ٻڏل آهي، انٽرنيٽ پيڪيجز جا پئسا لڙهي وڃن ٿا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شاهنواز چاوڙو لکيو ته اسان وٽ انٽرنيٽ صفا سست ٿي هلي، آدم جانيارو لکيو ته ڪيٽي بندر ضلعو ٺٽو . اسان وٽ بلڪل نه پئي ھلي، علي عباس جمالي لکيو ته لعلورائنڪ ۾ صفا سست رفتاري سان نيٽ هلي رهي آهي، سمن راهي لکيو ته اڇڙو ٿر جتي اڳي ئي وڏو ڪميونيڪيشن گيپ آھي اتي ڪجھه مخصوص جڳھن تي مختلف ڪمپني نيٽورڪس جا سگنل ملندا آھن پر ھاڻي اھي به ڪم جھڙا ناھن اڇڙي ٿر جا ماڻھون ايمرجنسي ڪالز جي لاءِ ٻن کان پنجن ميلن جو پنڌ ڪري ايمرجنسي ڪال ڪندا ھئا موجودہ حالت ۾ ڪال به نٿي ٿئي اتي توھان پاڻ سوچيو ته نيٽ اسپيڊ ڪيتري ھوندي ٽو جي سروس به ڪونھي. قائم علي خان لکيو ته اسان وٽ انٽرنيٽ جي اسپيڊ 5جي آهي، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ زونگ ۽ٽيلي نار نيٽ ورڪ بجلي هوندي آهي ته هلندو آهي باقي موبلنڪ کي بجلي واري ڪنڊي وانگر وي پي اين کي لڳائي هلائي جڳاڙ ڪيون پيا، وسيم احمد لغاري لکيو ته چمبڙ جي آس پاس ۾ پھرين تي نيٽورڪ مڪمل بند هجڻ ڪري نيٽ نه هو پر جئين نيٽ بندش ختم ٿي آ پوءِ به نيٽورڪ تمام سست هلي پيو ۽ ڪال ڪنهن کي ڪر تي آواز ڪٽجي ٿو، فيس بوڪ واٽس ايپ وغيره به سستي سان هلن پيا، عرفان جروار لکيو ته نيٽ جي اسپيڊ ايتري آھي جو وائس ڪونه ٿو وڃي، محمد يونس لکيو ته حامد مير انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ فائروال لڳائڻ خلاف اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آھي، رياض حسين سومرو لکيو ته قادرپور ۾ وڏي حالت لڳي پئي آهي سارو ڏينهن زونگ ٽاور بند پيل هوندو ڪو چوڻ وارو به ناهي، شاهين سومار لکيو ته سهي نٿي هلي انٽرنيٽ جي اسپيڊ سلو آهي، سهيل جويو لکيو ته مزو ناهي انٽرنيٽ ۾ ڄامشوري ۾، علي جان جتوئي لکيو ته گولاڙچي ۾ سست رفتار آهي، راجا ريحان لکيو ته نالو 4G جو آهي باقي 2 G جي به اميد ناهي رهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽاور بند ڪيا وڃن ٿا …صارفين جون دانهون سوشل ميڊيا تي جاري ساري آهن، مسرور عالم لکيو ته سڄي ملڪ وانگر راڌڻ شھر ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ انٽرنيٽ آھستي ھلي رھي آھي، باغي صديقاڻي لکيو ته ٿرپارڪر ڏيپلو جي ڳوٺ کارو ڊاڀڙو ۾ لڳل ٽيلينار جو نئون ٽاور تمام بهترين ڪال ۽ نيٽ سروس ڏيئي رهيو آهي، شاهد بلوچ لکيو ته اسانجي شهر چونڊڪو ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي حڪومت انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو تحرڪ نه ورتو، ڪريم شيرازي لکيو ته جنھن وٽ پي ٽي سي ايل لڳل آھي انھن وٽ انٽرنيٽ زبردست ھلي ٿي. ملڪ جو گھڻو واپار ۽ سڄو ڪاروهنوار ماڻھو انٽرنيٽ تي ويھي ڪن ٿا . اھي ادارا ۽ ماڻھو آفيشلي پي ٽي سي ايل جو استعمال ڪن ٿا. ان ڪري انھن لاءِ ڪو مسئلو ناھي پر عام انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ لاءِ کوڙ مسئلا ٿين ٿا .جنھن جي ڪري انھن جي سوشل زندگي توڙي رابطي جو گھڻو ذريعو متاثر ٿئي ٿو. راجا رميش لکيو ته اسان وٽ ٿرپارڪر ۾ اڳ ئي سروس جو وڏو بحران آهي مٿان وري انٽرنيٽ جي سست رفتاري پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ايم دائود جوڻيجو لکيو ته ڪنڌرا ۾ نيٽ سلو آهي، ياسين جوڻيجو لکيو ته پيرولاشاري سميت ڀرپاسي واري علائقن ۾ ڪنهن ڪمپني جي انٽرنيٽ ڪونه ٿي هلي عوام پاران هزارين رپين جا ڪرايل پيڪيج مفت ۾ ضايع ٿيو وڃن ٿا، سرمد گاڏهي لکيو ته اسانجي شھر ڪي اين شاهه ۾ بلڪل به نه ھجڻ جي برابر آھي، لال محمد رند لکيو ته انٽرنيٽ سهي ڪٿي هلندي بندش لڳي پئي آهي، هر ماڻهو وي پي اين تي گذارو ڪري پيو، دنيا انٽرنيٽ جي بهترين سروس جي ڪري ترقي ڪئي آهي انڊيا هن وقت پوري دنيا ۾بهترين سروس جي ڪري پهرين نمبر تي آهي ۽ اسان ڏينهون ڏينهن پوئتي پيا وڃون دنيا فائيو ۽ سڪس جي کان ڪراس ڪري وئي اسان ٿري جي فور جي کي به روڪي ويٺا آهيون، افسوس اسانجي حڪمرانن تي انٽرنيٽ بند ڪري ٿا ملڪ هلائن، شوڪت علي جامي سولنگي لکيو ته شاهه پنجو تعلقو ميھڙ انٽرنيٽ اسپيڊ سست رفتاري جو شڪار آهي، نديم حسين ميمڻ لکيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ تمام سلو هلي رهي آهي، سجاد علي ڪانڌڙو لکيو ته ڪافي ڏينهن کان انٽرنيٽ ڪونه ٿي ھلي، نيٽورڪ جو بلڪل به حال نه آهي، اسان جا سمورو پيڪج ڄڻ پاڻي ۾ ويو ھليو، زونگ وارن کي گھرجي ته ڪندرا شھر ۽ روشن آباد ۾ انٽرنيٽ سسٽم صحيح ڪيو وڃي، عبدالستار شر لکيو ته سکر جھڙي وڏي شھر ۾ ئي نيٽ ڪانه ٿي ھلي باقي ڳوٺن جو ڇا حال هوندو. خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي فيضگنج ڪرونڊي ۾ نيٽ مئل گهوڙي وانگر آهي، ابراهيم مخدوم لکيو ته کورواھه سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ ٺپ نٿي هلي، ماڻهن جا هزارين رپين جا پيڪيج مفت ۾ ختم ٿي ويا آهن، فقير نواز علي لکيو ته صفا سست آهي، قادر بخش زئور لکيو ته ھر ھنڌ اھا ئي ڪار آھي نيٽ ٺپ ڪونه ٿي ھلي، بشير رضا مهر لکيو ته ڪا خاص اسپيڊ ناهي وي پي اين سان سٺي ھلي ٿي، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته انڙپور ۾ انٽرنيٽ جا سگنل ته پري جي ڳالھه پر عام طرح فون تي ڳالھائڻ وارا سگهل ڪونه آھن، عالم پالاري لکيو ته ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ ڪافي عرصي کان انٽرنيٽ سروس معطل آهي، اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي شھر آس پاس ۾ انٽرنيٽ رفتار صفا سست آھي vpn جي سھاري نيٽ صحيح ھلي ٿي، ھر نيٽورڪ جا مھانگا پيڪيج ڪرائي بيزار ٿي پيا آھن، سبحان شر لکيو ته تعلقو ڏهرڪي ۾ نيٽ سلو آهي، رياض مشوري لکيو ته جمال شاھه شهر ۽ ڀرپاسي نيٽ ورڪ صفا سلو آھي، صدام کوسو لکيو ته لڳي ٿو اسان جي موبائيل جا سگنل ڪچي جا ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن نيو جتوئي تعلقو مورو کان، علي جان ۽ رحيم علي، محمد يونس، زوهيب سنڌي، سجاد ملاح، غازي خان ڪورائي به سروي ۾ حصو ورتو، اعجاز کوسو لکيو ته همايون شريف ۾ گذريل ڪافي ڏينهن کان نيٽورڪ مڪمل بند آهي VPN تي ڪم هلايون ٿا پر اهو به سلو، حنيف رضا بلوچ لکيو ته گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا ايپس صحيع ٿا هلن باقي نيٽ جو حال پورو آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته 15ڏينهن ٿي ويا آھن اسان جي ڳوٺ مھاڙيو ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽيلينار سروس بند آھي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ به انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار آهي جنهن ڪري اسان کي واٽس ايپ ذريعي ڪمنيوڪيشن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان وٽ يوسي گھگھر ضلع ملير ۾ ھن سڄي مھيني ۾ انٽرنيٽ نه ھجڻ برابر آھي، جمشيد علي لکيو ته ڳوٺ حاجي محمد حسن مشوري نوشھرو فيروز ۾ نيٽورڪ جي حالت خراب آهي، حڪيم جروار لکيو ته امن آباد لڳ ڊگهڙي ۾ نيٽورڪ کان محروم آهي،نبي داد لاشاري لکيو ته اسان جي ڳوٺ محمد صفر لاشاري ۽ تعلقه ڏوڪري جي علائقن ۾ صفا سست آهي، خير محمد کاڙت لکيو ته پئڪيج جا پئسا فضول پيا وڃائيون،مصطفيٰ لاکو به سروي ۾ حصو ورتو، نادر ابڙو لکيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان نيٽ نه پئي هلي، عوام کي به گهرجي ته بائيڪاٽ ڪري به ڏينهن بيلنس لوڊ نه ڪرائن، گلشير ميمڻ لکيو ته سست انٽرنيٽ جي ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي علائقي مير پور بٺورو ۾ انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار آهي، عبدالله کوسو لکيو ته اظھار جي آزادي تي تالا نامنظور ھي حڪمران چاھين ٿا ماڻھو گهٽجي  مري وڃي ڀلي پر آواز نه اٿاري سگھي انـڪري ھنن نيٽ ورڪ سست ڪري ڇڏيا آھن انٽرنيٽ ته پري ضروري ڪم ڪار سانگي ڪال يا ميسيج به نٿو ڪري سگھجي مورو تعلقي جي سڀني ڳوٺن جو حال ساڳيو آهي،   ايم بي ڀٽي، الطاف حسين، غمشاد برفت، ديشي عابد حسين ابڙو به سروي ۾ حصو ورتو، ثناءُالله چنا، امجد علي آرائين، نسيم حيدر سيد، خالد نوتڪاڻي، سجاد علي، احسان سنڌي، رياضت عرفان لاشاري، ذوالفقار علي، امداد قادري، احسان چانڊيو، ميهر علي چانڊيو، ضمير بلوچ، شبير احمد، زاهد علي مشوري، نظام چانڊيو، شوق شهزادو اوڏ، عبدالستار انڙ، منظور خاصخيلي، عطا نهڙيو، اعظم جان، غلام حسين مگسي، شبير خاصخيلي، ولي محمد لاشاري، عبدالشڪور، انور علي، عبدالحفيظ پلهه، رياض بروهي، بخت علي عباسي، اظهر شر، محمد الهيار، ضمير سميجو، حميدالله ميمڻ، نواز خاصخيلي، سائين رکيل مولائي، عبدالباسط، ارشاد کوسو، عزيز لاشاري، ظهير لانگاهه، وزير مهر، ثناءُالله مشوري، فقير ممتاز علي، عبدالله جمالي، اي احد بلوچ، غلام سرور لغاري، دلدار شر، ممتاز سميجو، علي مراد شاهه، محبتي مڪيش جيپال، حاجن مري، حيدر سومرو، زبير احمد، نبي بخش چانڊيو، شاهنواز چانڊيو،  عاقب حسين، احسان علي چانڊيو، اظهار علي، ساگر علي رضا، علي شير ڪنڀار، سمير احمد، ڪرم علي، ايم اي سميجو، علي بخش عارباڻي، حيدر سومرو، مهراڻ گهمرو، فياض شر، مجيب لغاري، انگت ڪمار، ممتاز علي ڪيريو، محمد زيتون چانڊيو، راجا شر، امجد حسين نائچ، سميع الرحمان، سائل جان ڪيريو، جاويد سمون، ممتاز علي عارباڻي، غلام ياسين، منٺار علي، عمران علي ڪوري، وفا منور جمالي، شاهد جمالي، شاهد عالياڻي، عبيدالله سنڌي، طارق کوسو، اشفاق ڀٽو، مظهر گورچاڻي، آفاق پيرزادو، اعجاز علي، عجيب لاکو، سيف الله سنائي، ايس جاويد علي، شريف ڪنڀار، امير علي، عبدالقدير شر، ذوالفقار شر، عبدالله ڀٽو، فهد مصطفيٰ، پيارو خان سنجراڻي،سڪندر گرگيج، مظفر بوزدار، عبدالله چانڊيو، اسلم سومرو، غلام سرور لغاري، طالب علي، فهد علي بروهي، رستم خليلي، سرور ميمڻ، ديدار علي خان، نياز محمد خواجه، محمد اسماعيل لانگاهه، مختيار مولائي، اعجاز زبير، ميمڻ الطاف، ولي محمد، جي اين بلوچ، عالمگير خان ڪوش، ياسين جوڻيجو، احسان چانڊيو، احسان علي ڪانڌڙو، سميع الله ڀٽو، عبدالستار چانگ، عزيزالله علواڻي، فهيم سومرو، حافظ عبدالفتاح سومرو، ممتاز ڪيريو، خادم حسين، محمد اسلم، محمد سچل کوسو، طارق سومرو، حضور بخش، نورزمان ڪاتيار، آر بي سنڌي، ابوالحسنين محمديوسف، عزيز لاشاري، محسن چانڊيو، آصف علي راهمون، دلشاد لغاري، زاهد چانڊيو،عطاءُالله بروهي، محرم الدين راڄڙ، احمد علي، باشاھه سنڌي، حبدار نوناري، شاهنواز شر، اياز بلوچ ۽ ٻين سروي ۾ حصو ورتو، جن ڪراچي، حيدرآباد، اسلام ڪوٽ، هنڱورجا، ڳيريلو، نوابشاهه، سيوهڻ، رتوديرو، لاڙڪاڻو، بدين، گهوٽڪي، قمبر شهدادڪوٽ، ڪوٽڙي، ڪي اين شاهه، عمرڪوٽ، ٽنڊوجان محمد، ميرپورخاص، چوهڙ جمالي، دريا خان مري، جاتي، سجاول، ٺٽو، ميرپور بٺورو، کورواهه، کرڙاهه، شڪارپور، ٽنڊوغلام حيدر، گولاڙچي، ڪنري، ٿاڻو بولاخان ۽ ٻين علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ نيٽورڪ جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي.