ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪينجهر ۾ گدلاڻ وڌي وئي، سياحن اچڻ ڇڏي ڏنو، تفريحي ماڳ اجڙيل،ڍنڍ ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: ذميوار ڪير ؟ ڪينجهر جي بحالي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ سرڪار کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته دنيا ۾ سياحتي ماڳ مڪانن کي هٿي وٺرائي ويندي آهي پر هتي قصو ئي ابتڙ آهي، هتي وري هٿ وٺي انهن کي تباهه ڪيو ويندو آهي، بجيٽ هڙپ ڪئي ويندي آهي، ڪينجهر جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن، منڇر، هاليجي ڍنڍ، موئن جو دڙو، ڪوٽڏيجي قلعو، گورک هل اسٽيشن ۽ ٻين ماڳ مڪانن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته ذميوار عوام آهي جيڪو اهڙن هنڌن تي گند ڪري وڃِ ٿو، هر ڪم جي ذميوار حڪومت ناهي هوندي ڪجھه ته اسان جون به اخلاقي ذميواريون هونديون آهن ته جيئن ماحول جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، جتي رياست صرف قومي وسيلن جي لٽمار ۾ رڌل هجي اتي قومي احساس ذميواري اڃا گهڻي هجڻ کپي جو هر قسم جي قدرتي حسن جمال کي متاثر ڪرڻ وارن عملن کان پاسو ڪريون، سو اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ قدرتي ماحول کي گدلاڻ ۾ آڻڻ جا اسين سڀ ذ ميوار آهيون ڪوشش ڪيون ته اهڙن جاين تي گند نه ڪيون صفائي سٿرائي جو خيال رکون، اسد زرداري لکيو ته ڪينجھر ڍنڍ کي ھٿ سان تباھه ڪيو پيو وڃي، سڄي سنڌ جو تقريحي ماڳ ڪينجھر ڍنڍ ۾ فيڪٽرين جو گندو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، حڪومت جي بي دياني سبب سياحن گھٽجڻ ڪري اجڙيل داستان بڻيل آھي، ھاڻي ان جي بحاليءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي جوڳا قدم کڻڻ گھرجن، جلد فيڪٽرين واري گندو پاڻي بند ڪرائي، صاف پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ گندگي صاف ڪرائي وڃي ته جيئن مقامي سياحت سان گڏ ٻين ملڪن کان ايندڙ ماڻھو تقريحي حاصل ڪري سگھنم جنيد زرين بلوچ لکيو ته سنڌ سان جڙيل خوبصورتي خوشبودار سورج مکي جھڙا فصل.ڪارونجھر جھڙا منظر. ڪينجھر ۽ منڇھر جھڙا دل کي لڀائيندڙ نظارا ڪنھن نڀاڳي جي بد نظر جي ڪري پنھنجي قدرتي سونھن وڃائي ويٺا آھن. ھاڻي بس ھڪ رب سائين کان ئي اميد ۽ آسرو ڪري سگھجي ٿو.الله سائين پنھنجي قدرت جي ڪرشمي سان سنڌ جي سونھن کي بحال ڪري.باقي ظالمن سنڌ جي قدرتي سونھن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو آھي. ارشاد علي سومرو لکيو ته سڄي ذميواري وقت جي حاڪمن تي لاڳو ٿئي ٿي پر بدقسمتيءَ سان ھتي ھرڪو ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورو آھي ھر کاتي ۾ ننڍا وڏا آفيسر منٿليون ڏين به ٿا ۽ وٺن به ٿا، ھيٺيان آفيسر ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ڪري مٿين آفيسرن کي منٿلي ڏين ٿا، مٿيان آفيسر سياستدانن سان ملي ڀڳت ڪري سڻڀيون ڪرسيون وٺن ٿا جنھن ڪري ڪير ڪنھن کان پڇڻ وارو نه آھي، بس سڄي سنڌ جھنگ بڻجي وئي آهي ان لاءِ ھيٺين طبقي جي ماڻھن کي سٺي ليڊر جي ضرورت آھي جيڪي پنھنجي سنڌ خاطر ٻاهر نڪرن جنھن جو ڪوبه چاڙھو في الحال نظر نه ٿو اچي، باقي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ اتان جا ساڃاھه وند اڳتي اچن، ماڻھن کي گدلاڻ بابت ڄاڻ فراهم ڪن ۽ مقامي انتظاميا تي دٻاءُ وجھن ته جيئن ڪينجهر جي سونهن برقرار رھي، نور احمد کوسو لکيو ته اسان جي سڄي سنڌ گندگي جا ڍير لڳي پئي آھي، ڪرپشن عام ھجڻ ڪري اسان جا سياحتي ماڳ، روڊ، رستا، اسپتالون، اسڪول سڀ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آھن، اسان جا حڪمران صرف کائڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ولي محمد لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي اگر حڪمران سچا ٿين سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو، خميسو آريسر لکيو ته پوري سنڌ گدلاڻ ٿي وئي آهي، طيب انقلابي لکيو ته حڪومت ذميوار آھي، ھن وقت ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ گندگي جي ور چڙھيل آھي، جنھن سبب ماڻھو مختلف بيمارين وڪوڙيل رھن ٿا…سارنگ منير سومرو لکيو ته انهن سڀني تباهين جي رياست ذميوار آھي سنڌ ۾ جيتري سنجيدا رياست جي ضرورت آھي اوترو ئي ھتان جي رياست غير ذميوار ۽ غير سنجيدا آھي جنهن سبب سنڌ جي ھر ماڳ جي تباهي مقدر بڻجي چڪي آھي، ضمير حسين لکيو ته سموري دنيا ۾ تاريخي ماڳن، مڪانن ڍنڍن جي وڏي اھميت آھي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪان ڍنڍون لاوارثي جو شڪار آھن، سنڌ جي قومي غلامي جي ڪري سنڌ جا سمورا خوبصورت ماڳ مڪان بدصورت بڻجي ويا آھن، سياحت کاتو سنجيدگي اختيار نٿو ڪري، اياز راهوجو لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو باقي ٿيندو ڪجھه به نه، پھريون اسان جي منڇر ڍنڍ کي خراب ڪيو ويو، ان کانپوءِ گورک ھل جي ڇا حالت آھي روڊ رستا ويران آھن ،باقي ڪينجهر جي مالڪي ڪير ڪندو؟ وري به وس وارن کي اپيل ڪجي ٿي ته ڪينجهر جي مالڪي ڪئي وڃي، گل حسن شر لکيو ته ھٿ سان تباھ ڪيو ويو آھي ڪينجھر کي، ھاڻي ان جي بحاليءَ لاءِ فيڪٽرين واري گندگي واري پاڻي کي بند ڪيو وڃي ۽ صاف پاڻي ڇڏڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ظاھر آھي ماڻھو پيسا خرچ ڪري گندگي ڏسڻ ته ڪو نه ايندا نه، پنجاھه سال پوئتي جي تاريخ ڏسجي ته اسان جي ترقي کي ريورس گيئر لڳي ويو آھي ھي سڀ ڪجھه بيڊ گورننس جو نتيجو آھي، دنيا پنھنجي تاريخي ماڳن مڪانن کي محفوظ ڪري پئي پر ھتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آھي، حاجي جکرو لکيو ته مسڪين ماهيگيرن، مڇي ۽ پکين جو شڪار ڪندڙ غريبن جي روزگار تي لت لڳي ويئي، زهريلي بدبودار پاڻي سبب پاڻي ۾ پن ڪاني، پٻڻ، ٻور ڪينجهر جي پاڻي ۾ پيدا ٿيندو آهي جنهنجو خاتمي ٿيندو وڃي. ثناءُالله مشوري لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ان شي تي نظر رکي وڃي پوري سنڌ جي اندر گدلاڻ ۾ واڌ اچي رھي آھي، ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي به صفائي جو ڪو سسٽم ناھي اتي به گدلاڻ ۾ اضافو ايندو پيو وڃي ھر ڏينھن، گھٽيون ناليون روڊ رستا ته شروع کان گندگي جي ور چڙهيل آھن پر سياحتي ماڳن کي گندگي کان بچايو وڃي، دلاور سميجو لکيو ته سڄي سنڌ جي حالت نازڪ آهي ضلعي انتظاميه تحرڪ وٺي ۽هتي جا شهري به ڪوشش ڪن ڪينجهر جي مالڪي ڪن، نماڻو نوناري لکيو ته سڄي سنڌ گندگي جي ور چڙهيل آهي، قادر بخش زئور لکيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي ماڳ مڪانن کي تباھه ڪيو پيو وڃي، ڪينجھر ڍنڍ جي تباھي جي ذميوار ٺٽي ضلعي جي انتظاميا آھي، سمير احمد لکيو ته ماڳ جي مالڪي ڪئي وڃي، اشفاق چانڊيو لکيو ته شل خدا ڪو عقل ڏيندو حڪمرانن کي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌ سرڪار ايڪشن کڻي، عاقب حسين وسطڙو لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ان شي تي نظر رکي وڃي، پوري سنڌ جي اندر گدلاڻ ۾ واڌ اچي رھي آھي، ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي به صفائي جو ڪو سسٽم ناھي اتي به گدلاڻ ۾ اضافو ايندو پيو وڃي، گھٽيون ناليون روڊ رستا ت شروع کان گندگي جي ور چڙهيل آھن پر سياحتي ماڳن کي گندگي کان بچايو وڃي، علي کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، طاهر عطا دل لکيو ته ڪينجھر ڍنڍ تي گدلاڻ وڌڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ۽ ذميوار مختلف ڌريون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ هيٺيان اهم عنصر شامل آهن:
- ماحولياتي ادارن جي نااهلي: گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ ماحولياتي تحفظ جا ادارا ذميوار آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجي ذميوارين ۾ ناڪام رهن، جيئن ڪچرو صاف ڪرڻ يا گدلي پاڻي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ، ته ڍنڍ جو ماحول خراب ٿئي ٿو.
- مقامي انتظاميه جي لاپرواهي: ڪينجھر ڍنڍ سياحت لاءِ اهم آهي، پر جيڪڏهن مقامي انتظاميه صفائي، ضابطا، ۽ سياحت لاءِ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ته اهو گدلاڻ جو اهم سبب ٿي سگهي ٿو.
- سياحن جو رويو: ڪيترائي سياح ڍنڍ تي ڪچرو ڦٽو ڪندا آهن، جنهن ۾ پلاسٽڪ، کاڌي جا فضلا، ۽ ٻيو سامان شامل آهي. اهو ڍنڍ جي پاڻي ۽ ماحول لاءِ نقصانڪار آهي.
- ڪيميائي آلودگي: ڍنڍ ويجھو رهندڙ ڳوٺن ۽ صنعتن مان نڪرندڙ ڪيميائي فضلا به پاڻي گدلو ڪرڻ جو وڏو سبب آهن.
- پاڻي جو غير فطري استعمال: ڍنڍ جو پاڻي زراعت ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو گهٽجي وڃي، ته اهو به گدلاڻ کي وڌائي ٿو.
حل: ماحولياتي تحفظ جا سخت قانون لاڳو ڪرڻ گهرجن.
سياحن کي ماحول دوست رويو اختيار ڪرڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ گهرجي.
صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ گهرجي.
ڪيميائي فضلن جي نيڪال تي ضابطو لڳائڻ ضروري آهي.
ڪينجھر جي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ حڪومت، مقامي انتظاميه ۽ عوام سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻا پوندا. مدثر کهاوڙ لکيو ته سياح سنڌ ۾ تفريحي ماڳن تي ڇو ايندا، سنڌ جي تفريحي ماڳن تي ڪي به سهولتون ناهن، گورک جو مثال وٺو جتي اربين رپيا بجيٽ هوندي به ڪي سهولتون ناهن، روڊ رستا صحيح ناهن، کاڌي پيتي جون سهولتون ناهن، موهن جي دڙي وڃو اتي سهولتون ناهن، رني ڪوٽ وڃو توهان کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو، ڪوٽڏيجي قلعي تي وڃو اتي سهولتون ناهن، هي سنڌ جا حڪمران بس انهن جي آڙ ۾ بجيٽون پاس ڪرائي پئسا هڙپ ڪرڻ ۾ پورا آھن، ڪينجهر کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آھي. ڪامريڊ عاشق لکيو ته سنڌ سان ظلم آهي ۽ اهو ظلم صرف سنڌ سرڪار پئي ڪري، ڪافي سنڌ ڌرتي جا ماڳ ويران ٿي چڪا آهن جيئن گورک جي حالت ڏسو روڊ رستا سڀ ويران آهن ان کان پوءِ منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ وڌي وئي، اي ڊي سومرو لکيو ته سنڌ جا سمورا تفريحي ماڳ تباھه برباد آھن ڪجھه تاريخي ماڳ ڪرسي خاطر وڪجي چڪا آھن ڪينجهر منڇر ھاليجي گورک ھل اسٽشن ڪارونجهر سميت سوين تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ھڪڙا نيلام ٿي رھيا آھن ٻيا تباھي ڪناري تي آھن، باقي رھيل ٿورو گهڻو پاڻي ھو اھو به خيرن سان لکي ڏنو اٿن، شاهد بلوچ لکيو ته سموري دنيا ۾ تاريخي ماڳن، مڪانن ڍنڍن جي وڏي اھميت آھي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪان ڍنڍون لاوارثي جو شڪار آھن.