سوال/سروي سنڌ سرڪار کي برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گهرجن: عوام

0
13
سوال/سروي سنڌ سرڪار کي برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گهرجن: عوام

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڇا سنڌ ۾ برساتن کان بچاءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن؟ سرڪار کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ سرڪار پاران ڪي به اڳواٽ اپاءَ ناهن ورتا ويا، جنهن ڪري برساتن ۾ نقصان ٿي سگهي ٿو، ٻوڏ جهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ سرڪار کي بندن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، سم نالن، واهن شاخن جي صفائي ڪرائي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته سنڌ سرڪار ان ۾ خوش آهي ته سنڌ ۾ تباهي ٿئي ته اين جي اوز کان مال وٺون، عبدالغفور سروهي لکيو ته سنڌ ۾ بجيٽ رکي ويندي پوءِ ان کي ڪيئن ڳڙڪائجي ان تي ڪم تيزي سان جاري رهندو، محمد حنيف سومرو لکيو ته جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال آھي ته پوءِ شاخن ۾ پاڻي ڇو بند ڪيو ويوآھي ان جومطلب ته هٿرادو ٻوڏڪندا، عابد ڀٽي لکيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار کي رين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته اڃا تائين ڪجھه به ناهي ڪيو ويو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ هيلٿ پبلڪ کي اپيل آهي ته برسات کان اڳ شهر ۽ محلن ۾ صفائي ڪرائي وڃي،

بشير ميراڻي لکيو ته سرڪار ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي کڻندي، جڏهن ٻوڏ ٿيندي پوءِ ڦوٽو سيشن ڪري متاثرين جا پئسا کائيندي. حڪومت خوش ٿيندي آهي جڏهن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي پوءِ پئسا هڙپ ڪندا آهن، موهن لال لکيو ته سرڪار اڃا تائين برساتن کان بچاءُ لاءِ ڪنهن به قسم جا اپاءَ ناهي ورتا، انتظاميا کي گهرجي ته برساتن کان اڳ سم نالن جي صفائي ڪرائي، ڊرينيج سسٽم کي سڌاري، پراڻ کي ويڪرو ڪري ته جيئن برساتي پاڻي آسانيءَ گذري وڃي ٻي صورت ۾ ٻوڏ واري شڪل اختيار ٿي ويندي، خاموش خليل شر لکيو ته سنڌ سدائين ننڌڻڪي رهي آھي،جڏھن برساتون يا ٻوڏ جي صورتحال ويجهي هوندي آھي ته پوءِ حڪومتي ڌر کي ياد ايندو آھي، هٿرادو ڪٽ يا واهه بند ڪري گهارا هنيا ويندا آھن، منٺار علي لغاري لکيو ته سنڌ سرڪار ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، هميشه ڪنڌڪوٽ ڪشمور جيڪب آباد گڙھي خيرو کي ٻوڙيو ويو آهي،  2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ هٿرادو درياءَ کي ڪٽ ڏئي تباهي آندي وئي، سنڌ حڪومت کي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گهرجن، ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌ سان سدائين ائين ئي ٿيندو آهي، پهريان پاڻي ناهي ملندو، پوءِ وري ٻوڏ واري صورتحال ۾ انتظام ناهن ڪيا ويندا، تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي، سليم اختر لکيو ته حڪومت ۽ حڪمران واندا نه آهن في الحال اليڪشن ۾ مصروف آهن برسات کي گهرجي ته في الحال نه اچي، شاهد ڏاهري لکيو ته سنڌ سرڪار برساتن کانپوءِ قدم کڻندي آهي،

احسان غلام لکيو ته سنڌ ۾ برساتن کان بچاءَ جا انتظام ڪٿي به مڪمل نه آهن. برساتي پاڻي يا اربن فلڊ کان بچاءَ لاءِ شھري نالن جي مڪمل صفائي ۽ نيڪال جي نظام کي ترت ٺيڪ ڪرڻ جي گهرج آهي. گلاب غازي لکيو ته سرڪار سکڻا آسرا ڏيندي باقي قدم عوام کي پاڻ کي کڻڻو پوندو اسان وٽ ٽنڊو جان محمد ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڊرينيج سسٽم کي ھٿ وٺي ناڪارا ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري شھر توڙي ڀرپاسي جا علائقا ٿوري برسات سبب ٻڏي ويندا آهن. اياز علي راهوجو لکيو ته پنجاب ٻڏي رهيو آهي ۽ سنڌ سڪي رھي آھي افسوس آهي اھڙي حڪومت تي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، اياز احمد لکيو ته سنڌ حڪومت اھڙا موقعا ته ڳوليندي آهي، ٻوڏ اچي ته جيئن حڪومت فنڊ وٺي پنهنجا ڀِڀ ڀري سگهي، ھن حڪومت کي سنڌ جي تباهيءَ سان ڪوبه به ڏک نه پھچندو. اقرار چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ امڪاني برساتن جي بچاءَ لاءِ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي سمورن واھن، شاخن، بندن جي ڪمزور ڪپرن کي مضبوط ڪري شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ناڪارا ڊرينيج سسٽم ۽ نيڪال واري نظام ۾ بھتري آڻي امڪاني برساتي تباهڪارين کان بچاءَ لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، عدنان لکيو ته ٻوڏ جو فائدو سنڌ سرڪار کي چڱي طرح وٺڻ ايندو آهي، علي گوهر سومرو به سروي ۾ حصو ورتو،

حبدار علي وارث لکيو ته سنڌ پاڻي لاءِ سڪي رهي آهي، ميانداد مري لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بند مضبوط ڪري ۽ ڪچي جي ماڻھن لاءِ فوري ايمر جنسي نافذ ڪري انهن لاءِ پڪي ۾ رهائش جا انتظام ڪري، محمد علي سنجراڻي، شاهد جان، شوڪت علي ڪلهوڙو، غلام نبي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، امتياز بلوچ لکيو ته ڪنڌڪوٽ انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي 18 جون رات جيڪا ڏھ منٽ برسات پئي ان سبب ھن وقت تائين شهر جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نه ڪڍيو ويو آهي، عثمان علي جتوئي لکيو ته سنڌ حڪومت اھڙا موقعا ته ڳوليندي آهي، ٻوڏ اچي ته جيئن حڪومت فنڊ وٺي،جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال آھي ته پوءِ شاخن ۾ پاڻي ڇو بند ڪيو ويو آھي، غلام رضا راڄپر، فضل سبزوئي، جاويد احمد به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز چانگ لکيو ته اسان ٽنڊو غلام حيدر جي ٻھراڙي وارا برساتن ۾ سدائين سورن ۾ ھوندا آھيون، ڪچا توڙي پڪا لنڪ روڊ پنڌ ھلڻ لائق به نه ھوندا آھن، جنيد زرين بلوچ لکيو ته پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. رڳو بجيٽ رکو ٻوڏ اچي يا نه اچي ھي آفيسر پاڻ ئي ٻوڏ آڻيندا، منيش واسو لکيو ته جڏهن ٻوڏ اچي ويندي پوءِ وري امدادي ڪم شروع ڪندا،

مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌ سرڪار کي عوام جي پرواهه ناهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سڀ کان پھريان سرڪار کي فورن صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ ۾ امڪاني برساتن کان بچاءَ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، محمد الياس شر لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سم نالا گٽر نالا صاف ڪري بچاءَ بند جوڙي جيئن وڏي نقصان کا قوم کي بچايو وڃي. وقار حسين لکيو ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪابه سهولت ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هي ته وڏيون برساتون آهن پر هتي ته هلڪي برسات دوران به هلڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته حڪومت جا ساڳيا حال آهن، حاجي خان پنهور لکيو ته حڪومت کي گهرجي واهن شاخن سم نالن جي صفائي ڪرائي، علي اڪبر لکيو ته سنڌ ۾ برسات نه ٿيندي، عثمان جتوئي لکيو ته ڪڍڻ شهر ۾ ڪي قدم ناهن کنيا ويا، امتياز جمالي لکيو ته دريائن جا بند مضبوط ڪيا وڃن، جاويد جان لکيو ته 2010ع واري ٻوڏ کان وٺي هيل تائين درياءَ جا بند ڪمزور آهن، هر سال بجيٽ به رکي ويندي آهي.