ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان ٿي رهيا آهن جنهن ۾ ڪاپي جي ڌم آهي، پيپر آئوٽ ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن، اهڙي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي ؟ ڪاپي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ سرڪار، وزير تعليم، بورڊ انتظاميا، استادن، شاگردن سان گڏ والدين کي به ذميوار قرار ڏنو، سروي ۾ چيو ويو ته ڪاپي جي ڪري نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، امتحان وٺڻ جو طريقو تبديل ڪرڻ گهرجي، امتحان دوران سختي ڪرڻ گهرجي، ڪاپي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گلزار ملاح لکيو ته اسان پاڻ ئي ڪاپي ڪري پاس ٿياسين. هاڻَ ڪاپي تي ڪهڙو ڳالهايون، سارنگ منير سومرو لکيو ته سرڪار جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪاپي سنڌ جي نسلن کي تباھه ڪندي پئي وڃي، صادق لاشاري لکيو ته پهرين درجي کان وٺي جڏهن ٻارن تي محنت ڪبي ته پوءِ ٻار ڇو ڪاپي ڪندا. نادر علي لکيو ته توهان پاڻ ئي ڪاپي ڪري پاس ٿيا آهيو، اسد زرداري لکيو ته سنڌ اندر تعليم جو نظام بھتر نه ھئڻ ڪري امتحاني سينٽر ۾ سرعام پيپرن ۾ ڪاپي ٿئي ٿي هر هنڌ ڪاپي جي ڌم متل هوندي آهي، بورڊ انتظاميا کان کان وٺي پٽيوالي تائين ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل هوندا آهن ۽ پيپرن کان پوءِ امتحاني بورڊن ۾ مارڪون کڻن لاءِ اگھه مقرر ٿي ويندا آھن سنڌ ۾ ڪاپي کي روڪڻو آھي ته پھريان تعليمي نظام بھتر ڪيو وڃي، مشتاق احمد لکيو ته سيميسٽر سسٽم ئي ڪاپي کي ختم ڪري سگھي ٿو ۽ اٺين تائين پروموٽ وارو سسٽم به ختم ڪيو وڃي، نياز احمد ڀيو لکيو ته تعليم ناهي قبائلي جھيڙن جي ڪري ڇوڪرا ۽ استاد خوف منجھان اسڪول نٿا وڃن پوءِ ڪاپي نه ٿيندي ته شاگرد پاس ڪيئن ٿيندا ؟ مجاهد بنگلاڻي لکيو ته هونئن ته پوري سنڌ ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي، پر خاص ڪري عمرڪوٽ جيڪو وزير تعليم سيد سردار شاھه جو شهر آهي ان ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي هتي اسڪول جي استادن سميت پيٽوالا به شاگردن کي سرعام ڪاپي ڪرائي رهيا آهن انهي جو ذميوار سڌو سنئون وزير تعليم آهي، نسيم احمد مهر لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي کي روڪيو وڃي، اسان وٽ ميرٽ جو جنازو نڪري ويو آھي، اگر ڇوڪرو پاس ٿئي ٿو ته نوڪري ۾ نالو نه ٿو اچي. وڏو مثال اسان جي پوليس ۾ ھاڻي تازو ايئن ٿيو آھي جو نوي وارا گھر ويٺا آھن چاليھه وارا سليڪٽ ٿي ويا آھن. ميرٽ جا جنازا نڪرندا ته پوءِ ڪھڙو شاگرد دل لڳائي پڙھندو. ادارا پنھنجا ڪرتوت درست ڪن ڪاپي آٽو ميٽڪ بند نه ٿئي جيترو ڏنڊ چوندا مان ڀرڻ لاءِ تيار آھيان. الياس سمون لکيو ته ڪاپي ڪلچر به سياسي مداخلت آھي جاھل ڄٽ وڏيرن جا ٻار پڙھن ڪونه ٿا استادن تي سياسي پريشر ڪري ڪاپي ڪرائي وڃي ٿي، دلدار ڪمار لکيو ته ھن موضوع تي بحث ٿيڻ کپي، پيپر جي سوالن تي ان جي سيليبس تي به غور ٿيڻ کپي ۽ سماج ۾ ھي روش ڇو وڌي وئي آھي اهو به ڏسڻ گهرجي. اگر ڪو ايماندار ٻار پڙھائي ۾ به ھوشيار آ پوءِ به بورڊ رشوت نظام جي ڪري ان جي مارڪن ۾ ڦيرڦار ٿئي ٿي، مونکي پيپرز جي آئوٽ لائن ڏسي حيرت ٿي، امتياز لغاري لکيو ته جيستائين تعليم جو طريقيڪار تبديل نه ڪندا اوستائين ڪاپي ڪرڻ ٻار جي مجبوري آھي ۽ ڪاپي کان سواءِ ٻار ڪونه پاس ڪري سگھندا اسان سمجهون ٿا سيليبس ۾ تبديلي آندي وڃي ۽ پيپرز يونيورسٽي وانگر ورتا وڃن يعني سيليبس کي حصن ۾ ورهايو وڃي سيميسٽر ڪيو وڃي، ته ڪاپي کي روڪي سگھجي ٿو، ثناءُالله چنا لکيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام درهم برهم آ شاگرد کي پڙهايو هڪ ڪورس ٿو وڃي ته پيپر وري ٻئي ڪورس مان ٿا اچن اسان جا استاد خود ٻارن کي ڪاپي ڪرائن ٿا. عبدالستار لنڊ لکيو ته شاگرد پنهنجو مستقبل پاڻ وڃائيندا آهن جڏهن مائٽ ڇوڪرن کي اسڪول ٿا موڪلن تڏهن شاگرد هوٽلن ۾ ويهي فلمون ڏسندا آهن پوءِ امتحانن جي ٽائيم شاگرد کي پنهنجو نالو به لکڻ نه ٿو اچي، ارشاد علي سومرو لکيو ته ڪاپي روڪي ته گورنمينٽ ئي سگھي ٿي ۽ ڪاپي ڪرائڻ ۾ به گورنمينٽ ئي ملوث آهي، باقي ائين شاگردن کي ڪھڙي مجال آ جو ڪاپي ڪري سگهن، جميل شر لکيو ته ڪاپي ڪلچر جا ذميوار سنڌ حڪومت سان گڏ والدين استاد ۽ شاگرد پاڻ آھن ڪاپي کي روڪڻ لاءِ استادن کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، کين گھرجي ته ايمانداري سان شاگردن کي امتحان جي تياري ڪرائين جيئن ڪاپي جي ضرورت ئي نه پوي ۽ امتحان ھال ۾ سختي ڪن ته ڪو به شاگرد موبائل نه کڻي اچي. منصور علي شاهاڻي لکيو ته ذميوار تعليم سان وابسطا مٿئين سطح جا ادارا آهن جڏهن اهي تعليمي نظام کي بهتر ڪن، استاد پنهنجي ذميوارين کي نڀائن ۽ سختي سان ڪاپي ڪلچر تي ضابطو آڻين ته شاگرد پاڻ ئي محنت ڪندا، نعمت الله لنڊ لکيو ته سنڌ اندر رڳو ڪاپي ھلي ٿي نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سخت قدم کڻي، سڪندر هاڙهو لکيو ته ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اندر تعليم ڏينهون ڏينهن بهتر ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جيڪي به تعليم سان لاڳاپيل ادارا آهن اهي هن وقت پاڻ ۾ متحد ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن، اي ڊي سومرو لکيو ته ڪاپي پاڻ انتظاميا ڪرائيندي آهي، سڄي سسٽم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آھي، جاويد جان ڪيريو لکيو ته شاگردن سان نرمي رکي وڃي باقي ڪاپي ڪلچر ھڪ ڏينھن ۾ ختم ڪونه ٿيندو شروعات سڀني کي گڏجي ڪرڻي پوندي ان ۾ استاد توڙي والدين ٻئي ان عمل ۾ شريڪ ٿين تڏھن اسان جي سنڌ جو ٻار ڪاپي ڪلچر کان آجو ٿيندو، اظهر امر لکيو ته ڪاپي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا … ڪاپي جي روڪٿام لاءِ تعليمي بورڊ کي تحرڪ وٺڻ گهرجي، بختاور ميمڻ لکيو ته جيئن پرائيويٽ اسڪول وارا پيپر تيار ڪن ٿا ايئن ڪرڻ گھرجي، ڪاپي ختم ٿي ويندي، مير وسيم عباس لکيو ته شاگرد سڄو سال اسڪول جو منھن نٿا ڏسن امتحانن جي مھل ظاھر ٿيندا آھن تنھنڪري ڪاپي نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا، سومار علي ملاح لکيو ته ان جا ذميوار اسان پاڻ آھيون،پڙھڻ کان ٻرو ٿو وٺي،سڄو سال غير حاضر پوءِ ڪاپي ڪرڻ به ڏکيو ٿيو پوي، پوءِ استاد به چوندا ڳوٺ جو ڇوڪرو آ سال ويندس ٿوري ٽيڪ ڏيونس ٿا. سيف الله لکيو ته سيميسٽر سسٽم هجڻ گهرجي، ايم فياض وساڻ لکيو ته ڪاپي سنڌ جي نسلن کي تباھه ڪندي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪاپي کي روڪيو وڃي، پير صاحب ڏنو شاهه لکيو ته اگر اسڪول ۾ معياري تعليم ڏني وڃي ته ڪاپي جي ضرورت ئي نه پوندي، حافظ حفيظ الله ڀنگوار لکيو ته موبائل فون جو ڪمال آ، اسان جي وقت ته پٽيوالا پئسا وٺي ڪاپي ڪرائيندا هئا، احمد رضا، عنايت علي، يار محمد عمراڻي، ڪريم علي، حامد علي لاشاري، سمير شاهه، راجا رميش به سروي ۾ حصو ورتو، زاهد لاشاري بورڊ انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو، نصير مهر لکيو ته مان پاڻ ڪاپي ڪري پاس ٿيو آھيان. ھاڻي ويچارن کي ڪاپي ڪرڻ ڏيو….اياز علي لکيو ته اھا روايت آھي پئي ھلندي، قربان علي لکيو ته پيپر ڪمپيوٽر ذريعي ورتا وڃن، ساجد بلاول لکيو ته تعليم صحيح نموني پرايون ته ڪاپي جي ضرورت ئي نه پوندي، آدم مهر لکيو ته ڪير به ڪاپي نٿو ڪري، فضل الرحمان چنا، جنسار علي، به سروي ۾ حصو ورتو، عبد آريسر لکيو ته آھي ته سڄي سنڌ ۾ ڪاپي جي ڌم متل پر خاص عمرڪوٽ ضلعي ۾ تعليم واري وزير جي شهر ۾ سرعام ڪاپي ڪرائي وڃي پئي، انتظاميا پڻ مليل آھي ان ڪري ڪاپي ڪلچر عام ٿي ويو آھي، اھو ڪاپي ڪلچر ختم ڪري تعيلمي ادارن ۾ سڌارا آڻي سنڌ جي تعليم بچائي وڃي، ضمير سنڌي لکيو ته توھان سوشل ميڊيا وارن جي اک به سدائين پيپرن جي دوران کلندي آھي سڄو سال ڪڏھن ڪنھن اسڪول يا ڪاليج ويا آھيو يا ڪڏھن اھو ڏٺو اٿو ته شاگردن کي ڪيتري تعليم ڏني ٿي وڃي ؟ مڃون ٿا ته ڪاپي ڪلچر قوم لاءِ ھڪ عذاب آھي پر ان کي ختم ڪرڻ پھريان اھڙي معيار جي تعليم ته ڏين جيئن ھو بنا ڪاپي جي پيپر پاس ڪري سگھن، سڄو سال اسڪول ۽ ڪاليجن وارا ۽ آفيسر سڪون جي ننڊ ۾ ھوندا آھن ڇو جو انھن کي خبر آھي ته ڪاپي ڪري شاگرد پاس ٿي ويندا اسان ڀلي پڙھايون يا نه. عبدالستار لنڊ لکيو ته سال ۾ 6 مهينا سرڪاري موڪلون ٿينديون آهن ۽ 3 مهينا شاگرد اسڪول نه ٿا وڃن پوءِ ڪاپي نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا، محمد اسلم لکيو ته سنڌ اندر ڪرپشن جي رواج کي ڏسندي استاد حضرات ڊيوٽي چوري جو رڪارڍ قائم ڪيو پوءِ جيڪڏهن ڊيوٽي چور استاد هوندا شاگرد به اهڙا پيدا ٿيندا، صدام حسين لکيو ته اھي ادارا وفاق المدارس وارن جي حوالي ڪريو، غلام نبي، حاڪم کوسو، شاهنواز بلوچ، نندلال رتن ڀيل، ڪاشف علي سولنگي، راشد بلوچ، عنايت الله جمالي، ايم هاشم کوسو، ظفر حسين به سروي ۾ حصو ورتو، ڪامريڊ عاشق لکيو ته ذميوار تعليمي وزير آهي ڇو جو استاد سڄو سال اسڪول ناهن ايندا،سنڌ سرڪار ۽ تعليم جي وزير کي گهرجي ته استادن کي سختي ڏئي بايو ميٽرڪ سان حاضري ڀرائن پوءِ ڏسو ڪاپي بند ڪيئن نٿي ٿئي، اسان جي شھر مقصودو رند ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي ۽ ٽائيم کان اڳ ۾ پيپر آئوٽ پيو ٿئي، احسان علي پيرزادو، سيف سنڌي، فاروق احمد، ايڊووڪيٽ صداقت جمالي، جميل کوسو، شبير حسين ڀوت، جهان خان، دانش گولو، قادر بخش زئور، صدام راڄپر، ڪامران کوکر، حفيظ الله مڱريو، خير محمد کاڙت، اويس احمد، عبدالفتاح، محمد عيسيٰ، محمد موسيٰ لغاري، لالا اسرار، مظفر شبير بوزدار، نديم حسين ميمڻ،مجاهد بنگلاڻي، ڪاشف علي مهراڻي، امين فهيم زئور، امتياز شر، ايم عيسيٰ لنڊ، محمد صادق سومرو، نماڻو نوناري، رضوان وساڻ، عاقب حسين وسطڙو، اصغر حسين، اياز کهاوڙ، زاهد حسين زرداري، مصطفيٰ حسن سومرو، مهتاب احمد، سيد فيضان علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.