سوال/سروي … سنڌ جي زراعت تباهه: حڪومت ذميوار قرار، فصلن جا اگهه وڌايا وڃن، آبادگارن لاءِ رليف پيڪيج ڏنو وڃي: عوام

0
16

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته فصلن جا اگهه نه ملڻ تي سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ، پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي: ذميوار ڪير ؟ ازالو ڪيئن ٿيندو ؟ زراعت ۾ بهتري لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هٿ سان زراعت کي تباهه ڪري زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، آبادگارن لاءِ پيڪيج ڏنو وڃي، زرعي دوائن جا اگهه گهٽايا وڃن، فصلن جا اگهه وڌايا وڃن، سوا/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام قادر لکيو ته زراعت کي هٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي سنڌ جون سر سبز زمينون ڪارپوريٽ ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ لاءِ زميندارن کي ڪنگال ڪيو پيو وڃي جيئين هو زمينون مجبور ٿي ڪمپنين حوالي ڪن ۽ سڀ ڪجهه پلاننگ تحت ڪيو پيو وڃي، صادق لاشاري لکيو ته ڊيزل ۽ ڀاڻ ڪلر جا اگھه گهٽايا وڃن ته جيئن آبادگارن کي فصل ڪاهڻ تي دل چوي نه ته اوترو فصل ڪاهيندو جنهن جو قرض لاهي سگهندو.، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھر حڪومت ۾ غريب ھاري حالتن ۽ انتظاميا ھٿان ٻنھي ھٿن سان لٽبو آھي جڏهن ته سرمائيدار ۽ واپاري انهن جي حالتن مان اربين رپيا ڪمائيندو آھي اھو اسان جي ملڪ ۾ 73 سالن کان قانون آھي، طيب انقلابي لکيو ته ھن حڪومت ۾ ازالي جي ڪا اميد نٿي رکي سگھجي بس آبادگار ته سرندي وارا ھجن ٿا سمورو نقصان ھارين جو ٿئي ٿو.. جنھن جو تمام گھڻو ڏک آھي. علي محمد کوسو لکيو ته گورنمينٽ ھارين ۽ آبادگارن سان سڌي ريت ظلم پئي ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي متحد ٿي ڪري روڊن تي نڪرڻو پوندو، گل حسن شر لکيو ته فصلن جي انشورنس ھجڻ کپي ھتي ھر ٻئي سال فصل تباھه ٿيو وڃن جيڪڏهن ڪڏھن سٺو فصل لٿو به ته صحيح ريٽ نه ملندو آھي ۽ ھڪ دڪاندار جي انويسٽمنٽ پنجاھه لک ھوندي آھي ته اھو سٺي زندگي گذاريندو آھي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگھندو آھي، سٺو کائي ۽ پائي سگھندو آھي پر ھڪ آبادگار جي ڪروڙن جي زمين ھوندي آھي لکين رپيا لڳائيندو آھي ايتري سيڙپ ھوندي به ھو اھو سڀ ڪجھه افورڊ نه ڪري سگھندو آھي جيڪو ھڪ پنجاھه لک وارو دڪاندار يا ٻيو ڪو ڪاروبار ڪندڙ کي حاصل ھوندو آھي. مستوئي نويد لکيو ته سنڌ گورنمينٽ هارين ۽ آبادگارن سان سڌي ريت ظلم پئي ڪري هارين ۽ آبادگارن کي هڪ ٿي آواز اٿارڻو پوندو، سنڌ جون سرسبز زمينون پاڻي کان محروم بڻيل آهن ۽ اها سنڌ جيڪا پورو پاڪستان پالي ٿي پئي ۽ سنڌ جا ماڻهو بک بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن، پنجاب جا آبادگار ۽ هاري سال ۾ ٽي فصل پيا اپائن ۽ اسان جي سنڌ ساري جو فصل جنهن کي اڌ فصل چيو ويندو آ اهي به نٿي کڻي سنڌ حڪومت طريقي سان لٽيو آ سنڌ کي، عبدالله کوسو لکيو ته سنڌ ۾ پوکي وقت پاڻي جي کوٽ، موسمياتي تبديلي سبب فصلن جي اپت گهٽجڻ ۽ حڪومتي پاليسيون نه جڙڻ ڪري آبادگار طبقو مالي طور پريشان آهي، مورو سوڌو مختلف هنڌن تي ڪمند جي سيزن هلي پئي پر سرڪاري اگهه اڃا مقرر ناهي ٿيو، شگر ملز آبادگارن کي ڦري رهيون آهن، خالد نوتڪاڻي لکيو ته زراعت جي بھتر ي لاءِ آباد گارن کي زرعي پيڪيج ڏنا وڃن، ان کان سواءِ ڀاڻ ۽ دوائن جا اگھه گھٽايا وڃن، ريٽ وڌايا وڃن، جئين زميندار ۽ھاري ترقي ڪري سگھن. صداءُالله چانڊيو لکيو ته حڪمرانن جو هٿ آ فصلن کي تباهه ڪرڻ ۾، هڪ ته ٽائيم تي پاڻي نه ڏيڻ ٻيو وري هاري آبادگار ڏکيائي سان ۽ ڳرا خرچ ڪري جڏهن فصل تيار ڪري ٿو ته نه ان کي ريٽ ٿو ملي نه وري فصل تي ٿيل خرچ ٿو نڪري انهي ڪري هاري آبادگار تباهه لڳو پيو آ، ڀاڻ دوائن جا ريٽ گهٽ ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي ۽ موسمن جي نسبت سان ٻج تيار ڪري ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي بهتر ريٽ ڏنو وڃي ته جيئن زراعت کي هٿي ملي سگهي، محمد اسلم لکيو ته آبادگارن سميت عوام جو گذر سفر زمين ۽ فصل جيڪو اڄڪلهه مشڪل ٿيندو پيو وڃي، لاڳاپيل اداري طرفان آبادگار سان ڪوبه سهڪار نٿو ڪيو وڃي، عمران قاضي لکيو ته سرمائيدارن ۽ ڪامورن کي ڊگھو رستو مليل آهي. الله پاڪ وٽ ھنن جي پڪڙ ٿيندي. مبين اڄڻ لکيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي آبادگارن خاص ڪري پڇڙي وارن آبادگارن کي ته پاڻي ملي ئي نه ٿو، انھيءَ سبب جي ڪري ھزارين پڇڙي جا آبادگار پنھنجي فصل کڻڻ کان ڪيترن ئي سالن کان سڪايل آھن ذميوار اڄ به عيشن ۾ آھن باقي عام ھاري ويچارو نااھل حڪومتون جي پاليسيءَ سبب اڄ به غربت جي ليڪر کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي، حر زاهد حسين لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، فصل تيار ٿي لهندو آهي ته ريٽ نه ڏنو ويندو آهي، سمير احمد لکيو ته سنڌ جي فصل مرچ ۽ ٽماٽن کي ٻاهر موڪليو وڃي. نماڻو نوناري لکيو ته زراعت کي سنڌ سرڪار هٿ سان تباهه ڪيو آهي، خرچ به نٿو نڪري، رياض احمد لکيو ته سنڌ حڪومت ھميشه ھارين کي تباھه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آھي سنڌ حڪومت طرفان ڪڏھن به زراعت لاءِ ڪي خاص اپاءَ نه ورتا ويا آهن، آصف  مزاري لکيو ته اڃا ته 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، وقاص ياسين آرائين لکيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي فصل لهن ٿا ته ريٽ ئي گهٽ آهن جن مان آبادگارن کي ڪوئي خاص فائدو نٿو ملي ، ڀاڻ به تمام وڏا مهانگا آهن حڪومت آبادگارن کي خاص رليف ڏئي، شاهه محمد شاهه لکيو ته سنڌ کي وڪرو ڪيو ويو آهي، الطاف حسين لاشاري لکيو ته فصل جو ريٽ ناهي، مير محمد لاشاري لکيو ته زراعت جي بھتر ي لاءِ آباد گارن کي زرعي پيڪيج ڏنا وڃن، ان کان سواءِ ڀاڻ ۽ دوائن جا اگھه گھٽايا وڃن، فصلن جا ريٽ وڌايا وڃن، عامر کوسو لکيو ته زراعت جي بھتر ي لاءِ آباد گارن کي زرعي پيڪيج ڏنا وڃن، ان کان سواءِ ڀاڻ ۽ دوائن جا اگھه گھٽايا وڃن، واحد بخش چانڊيو لکيو ته آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ زرعي پيڪيج ڏنو وڃي، جيئن هاري ۽ زميندار ترقي ڪري سگهن، شاهد بلوچ لکيو ته ڀاڻ ۽ دوائن جا اگھه گھٽايا وڃن، فصلن جا ريٽ وڌايا وڃن، مير غلام شبير لکيو ته ڊيزل ۽ ڀاڻ ڪلر جا اگھه گهٽايا وڃن ته جيئن آبادگارن کي فصل ڪاهڻ تي دل چوي نه ته اوترو فصل ڪاهيندو جنهن جو قرض لاهي سگهندو، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته زراعت جي تباهي جو ڪارڻ سنڌ حڪومت آهي جنهن هن سال سارين جو سرڪاري اگهه مقرر نه ڪري هارين ۽ آبادگارن کي منافعي خور واپارين ۽ سيلر مالڪن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو جن آبادگارن ۽ هارين جو في مڻ 2هزار تائين ورتو نتيجي ۾ هاري ۽ آبادگار پنهنجو کنيل قرض به نه لاهي سگهيا ٻئي طرف هن سال ساريالي فصل ۾ خس ۽ پاپڙ ٿيڻ سبب سارين جي ايوريج نه هئن برابر ٿي ٻنهي پاسن کان عوام ئي ڏچي ۾ اچي ويو، سڪندر لطفي لکيو ته سنڌ جو آبادگار سدائين عتاب هيٺ رهيو آهي جڏهن به جنهن فصل جي جنس تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچندي آهي مافيا هن جنس جي هٿرادو طور ريٽ گهٽ ڪري ڇڏيندا آهن انهيءَ جو سبب حڪومت جي نااهلي آهي ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناهي، زميندار ۽ هاري سنڌ جا تباھه ٿي رهيا آهن سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور ايڪشن کڻي آبادگارن کي رليف ڏيڻ گھرجي، ٻج ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ گھرجي، جنس جو ريٽ سرڪاري طور اعلان ڪري آبادگارن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته جيتري تائين اسان جي آبادگارن کي مقامي سٺو ۽ پائيدار ٻج نه ملندو ڪڏهن به آبادگار خوشحال نه ٿيندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سيڊ ڪمپنين کي گهرجي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نئين سر جنسن جي ٻجن تي ڪم ڪري ته بهتري اچي سگهي ٿي، ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي آبادگارن کي نج ٻج، ڪيميائي ڀاڻ، جيت ۽ بيمارين جون دوائون رعايت تي مهيا ڪري ۽ آبادگارن کان مقامي مارڪيٽ ۾ سٺي اگهه ۾ جنس خريد ڪري آبادگارن جو معاشي مجبوريون ختم ڪيون وڃن. ارشاد علي ميراڻي لکيو ته سنڌ جي زراعت جي مسئلن جو بنيادي ڪارڻ فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ، پاڻي جي کوٽ، جديد زرعي طريقن کان لاعلمي ۽ حڪومت جي لاپرواهي آهي. پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي زراعت تي ٻڌل معيشت لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، جيڪو نه رڳو زميندارن پر پورهيتن جي روزگار ۽ عوام جي خوراڪ جي سپلائي تي به اثرانداز ٿئي ٿو. زراعت جي شعبي کي نظرانداز ڪرڻ، سبسڊي ۽ سهولتن ۾ گهٽتائي.پاڻي جي ناقص ورڇ ۽ کوٽ سبب فصلن جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي. زرعي شعبي لاءِ سبسڊي وڌائي وڃي، زرعي اوزارن، ڀاڻ ۽ ٻج جي قيمت گهٽائي وڃي. فصلن جي اگهه لاءِ شفاف نظام ٺاهيو وڃي، جيئن زميندارن ۽ آبادگارن کي صحيح اجورو ملي. آبپاشي نظام کي جديد ڪيو وڃي ۽ غير قانوني پاڻي چوري روڪي وڃي، جديد زرعي ٽيڪنالاجي، بهتر ٻج ۽ پوک لاءِ سائنسي طريقا متعارف ڪرايا وڃن.آبادگارن کي جديد طريقن بابت تربيت ڏني وڃي. آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا وڃن، جيئن اهي فصل جي تياري لاءِ وسيلا گڏ ڪري سگهن.سرڪار پاڻ فصل خريد ڪري يا هڪ اهڙو نظام بڻائي، جتي مڊل مين جو ڪردار گهٽجي وڃي.پاڻي جي گهٽتائي ۽ موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ جديد حڪمت عمليون اختيار ڪيون وڃن.واپڊا ۽ آبپاشي کاتي کي شفاف بڻائي، آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ڪيون وڃن. زراعت جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي پاليسين ۾ بنيادي تبديليون ۽ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي معيشت جو وڏو حصو زراعت تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته مسئلا وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهن ٿا. اسد زرداري لکيو ته سنڌ جي زراعت کي ڪيترن ئي سالن کان ھٿ سان تباھه ڪيو پيو وڃي ھڪ ته موسمي تبديلين سبب فصل سٺو ايوريج نه پيا ڏين ۽ مارڪيٽن ۾ گھٽ اگھه ملڻ سبب آبادگارن سميت ھاري طبقو سخت پريشان آھي ٻيو ته ڪڻڪ جو فصل سنڌ ۾ تيار بيٺل آھي وري حڪومت ڪڻڪ جا لکين ٽن ٻين ملڪن مان گھرائي آھي اھا سراسر سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافي آھي زمينن کي خرچ ۽ ٻج ڀاڻ جا اگھه وڌي ويا آھن سنڌ حڪومت کي گھرجي ته زراعت جي بھتري لاءِ جوڳا قدم کڻي، گيان پرڪاش لکيو ته زراعت جي تباهي جي ذميوار صرف حڪومت ڪونهي پر ان سان گڏ پيڊي مالڪ، اسٽاڪر  وغيره ، به ذميوار آهن، فقير بلاول وساڻ  لکيو ته زميندارن جا قرض معاف ڪيا وڃن زرعي بينڪن وارا ٻڄ ڀاڻ سستا ڪري سبسڊي ڏين ھاري ڪارڊ ڏين، الله بخش کوسو لکيو ته سنڌ جي زراعت کي مڪمل تباھه ڪيو ويو آھي،  ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڀٽو صاحب ھارين کي اھيمت ڏيندو ھو ھارين جي حقن جي ڳالهه ڪندو اڄوڪي دور جي پيپلز پارٽي ھارين سان نا انصافي ڪري رهي آهي، ھي سڀ پاڻ سرمائيدار آھن غريبن جون ملڪيتون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي وٺڻ چاھن ٿا مجبورن ھاري ويچارا ھر فصل ۾ قرضي ٿيندا، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته گورنمينٽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي نٿي چاهي  ته قدم ڪھڙا کڻي، ابراهيم خليل لکيو ته اسانجي صوبي سنڌ جي زراعت هن وقت آڪسيجن تي ساهه کڻي رهي آهي جعلي نمائندن جي آشيرواد سان صرف گذريل سال شڪارپور ۾ 3 جعلي ڪمپنيون نقلي ڊي اي پي اڇو ڀاڻ سارين جون دوائون ٺاهي وڪرو ڪيون ويون ۽ پنجاب مان نقلي ٻج ڀاڻ زهر اسمگلنگ ڪري ڏنا ويا جنهنڪري زراعت جي پيداواري صلاحيت نه صرف متاثر ٿي آهي بلڪه زمينن مان اپت واري سگهه به کسجي وئي آهي، شڪارپور ضلعي ۾ زرعي توسيع کاتو سنڍ بڻجي ويو آهي هن کاتي جي موجودگي زراعت سان وابسطا ڪنهن به ماڻهو سان ڪوئي سهڪار ناهي نه ئي ان کاتي متعلق ماڻهن کي ڪا ڄاڻ آهي نه وري ان جو ڪوئي ڪم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، سڪندر علي گرگيج لکيو ته جيستائين ڪرپٽ حڪمران هوندا تيستائين زراعت تباهه آهي هونئن به اگر سنڌو مان 6 ڪئنال نڪتا پوءِ زراعت ختم ٿي ويندي پاڻي هوندو ڪونه بربادي ٿي ويندي.