ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کي سوال ڪيو ويو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم: ڪاپوريٽ فارمنگ تي حڪومت ۽ وڪيلن ۾ 13 مئي تي ڳالهيون ٿينديون: ان تي اوهان ڇا چوندا؟ ڪي تجويزون؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪرڻ کان پوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو به واپس وٺي سنڌ جي بيدار شعور ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي، سنڌ جي زمين سنڌ جي هاري کي الاٽ ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته جدوجھد ۾ وقت لڳندو آھي، پر ڪاميابي مقصود ھجي ٿي، جھڙا بھتر نتيجا پھرين نڪتا آھن، اھڙو ئي ڦل انشاءَ الله آئنده به ملندو، نظر ملاح لکيو ته وڪيلن سان عوام سٺو ساٿ ڏنو اگر اتي ڪو ٻيو ڪو ڌرڻو هڻي ها ته انتظاميا ائين لٺبازي ڪري ها جئين ڪراچي ۾ استادن تي ڪندي آهي باقي ڏسجي ڇا ٿو ٿئي، ڪئنالن جو مسئلو به رد ناهي في الحال معطل جون خبرون گردش ڪن ٿيون اميد ڪجي ته ڪامياب ويندا، سارنگ منير سومرو لکيو ته پيپلزپارٽي سان ڳالهيون ڪرڻ وقت جو ضايع ڪرڻ آھي جدوجهد سواءِ ٻيو رستو سنڌ سان نا انصافي ھوندو، ممتاز علي آريسر لکيو ته ٻٻرلو ۾ لڳندڙ ڌرڻي وڪيل جو لڳل ڌرڻو ساراهه جوڳو هو۽ ان سموري سنڌي قوم توڙي سنڌ جي سياسي سماجي تنظيمن قومپرستن پنهنجو خوب ڪردار ادا ڪيو ان کان علاوه تاريخ گواهه رهندي ته هيترن ڏينهن ۾ اربن کربن جو سامان روڊن تي ڪنٽينرن ۾ پيل هو پر ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه نه ٿي سنڌي پرامن عدم تشدد جا پيروڪار آهن اگر اهي سنڌ دشمن فيصلا ٻيهر ڪيا ويا ته اهي روڊ رستا ۽ اسين….ظفر خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي زمين سنڌ جي هاري کي الاٽ ڪئي وڃي، اڪبر ٻگهيو لکيو ته ڳالهيون ان شرط تي ڪيو وڃن ته سنڌ ۾ ٻين جي ماڻهن کي زمينون نه ڏنيون وڃن اگر جي ڏنيون به ويون آهن ته فورن واپس ڪيون وڃن ۽ انهن زمينن کي ان علائقي جي غريب عوام کي ڏنيون وڃن. عمار علي لکيو ته وڪيل قانون آھن حڪمرانن سان عقل فھم ھوش سان وڙهڻ جي ضرورت آھي، سنڌين کي متحد ٿيڻ جي سخت ضرورت آھي، الياس سمون لکيو ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ساڳي پگھار تي آھن انھن جي وس صرف عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏيڻ اچن ٿا باقي انھن جي وس ڪجھه ڪونه آھي، عبدالله بڪڪ لکيو ته بس جيڪو ٿيو سو ٿيو، عاشق حسين لکيو ته ڪئنال رد ناهن ٿيا، عرفان گوهر لکيو لالي پاپ آهي، رجب بوزدار لکيو ته ڳالهيون بلڪل ٿيڻ گهرجن پر جيئن تڪراري 6 ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي اهڙي طريقي سان ڪارپوريٽ فارمنگ جو فيصلو به واپس وٺڻ تي ڳالهايو وڃي، جنهن تي وڪيل برادري کي پنهنجو ۽ سنڌ جي عوام جو چٽو موقف رکڻ گهرجي، ان ۾ ٻي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي، ممتاز علي جکرو لکيو ته بلڪل ڳالھيون ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي ڇاڪاڻ ته ھر مسئلي جو حل ڳالھين ۾ آھي ۽ ھميشه سٺي اميد رکجي . رهي ڳالھه ڳالهين جي ڪاميابي جي ۽ ان مان مثبت نتيجا ماڻڻ جي ته اھو سڄو دارو مدار ڳالھيون ڪندڙ ڪاميٽي ۾ شامل اڳواڻن تي آھي ته ھو پنھنجون ڳالھيون ڪھڙي نموني سان مڃائي سگھن ٿا . ڇاڪاڻ ته ٻئي طاقتور ڌريون آھن جيڪڏھن ھڪ پاسي سرڪار آھي ٻيو پاسو ڪو ڪمزور ناھي سنڌي قوم ڳالھين واري ڪاميٽي جي بيڪ ۾ موجود آھي باقي ڳالھين کان اڳ ۾.ڪنھن تي به شڪ ڪرڻ نامناسب عمل ھوندو . مان سمجهان پيو ته ڪئنالن واري مسئلي جيان ھي مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ ملڪ و قوم جي به بھتري ان ۾ ئي آھي. ته خوش اصلوبي سان ڳالھين جو حل ڪڍو وڃي . اسد زرداري لکيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو وڪيلن جي جدوجھد بعد سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت سان مجبور ٿي ڳالھيون ڪيون تڪراري ڪئنال رٿا ختم ڪرائي مگر ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالھيون اڃا رھيل آھن ڪارپوريٽ فارمنگ به سنڌ دشمن منصوبو آھي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪيون ويون آھن باقي ڏسجي ته ھاڻ سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي به جلد ختم ڪندي جڏھن ته ھاڻ ڪئنال نـ ٺھندا ته زمينن تي قبضو به ختم ڪيو وڃي ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري مڪمل ختم ڪيا وڃن، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو ختم ٿيڻ ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ بابت حڪومت ۽ وڪيلن جي وچ ۾ 13 مئي تي ٿيندڙ ڳالهيون هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هي موضوع سنڌ جي زرعي خودمختياري، وسيلن جي مالڪي ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي حقن سان سڌو لاڳاپيل آهي. ڪاپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريشنز حوالي ڪرڻ مقامي آبادگارن، هارين ۽ وسيلن تي دارومدار رکندڙ ماڻهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن به معاهدي کان اڳ مقامي برادرين سان صلاح مشورو ڪري، سندن زمين، پاڻي، ماحول ۽ روزگار جي تحفظ کي اوليت ڏئي. تجويزون: 1. مقامي ماڻهن جي حقن جو تحفظ: ڪاپوريٽ فارمنگ بابت ڪنهن به فيصلو مقامي ماڻهن جي رضامندي سان ڪيو وڃي. 2. شفافيت: ڳالهين جو عمل پڌرو هجي ته جيئن سول سوسائٽي، صحافي ۽ متاثر ڌريون خبردار رهن. 3. آزاد ڪميشن: زرعي زمينن بابت هڪ غير جانبدار ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا سڀني ڌرين جي ڳالهه ٻڌي. 4. زراعت لاءِ پاليسي: سنڌ لاءِ الڳ زرعي پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي جيڪا قدرتي وسيلن جي بچاءَ ۽ مقامي هارين جي فلاحي بنيادن تي هجي. 5. پارلياماني نگراني: اهڙن معاهدن تي پارليامينٽ ۾ بحث ضروري آهي ته جيئن ڪابه اڻ ڄاڻ يا اڻقانوني ڳالهه نه ٿئي. مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن سميت سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن جي ڌرڻي مان اقتدار جي ڪرسي تي ويٺلن کي سمجهه اچي وئي هوندي؟ هاڻ هو تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪرڻ کان پوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو به واپس وٺي سنڌ جي بيدار شعور ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪن. ڇاڪاڻ ته کين هاڻ خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ جي اڀرندڙ شعور پنهنجو رد عمل ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان لڳايل 12 ڏينهن واري ڌرڻي ۾ يڪجهتي طور هڪ آواز بڻجي ثبوت ڏئي چڪا آهن. بشير جوڻيجو لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين سان بي گھر ٿيندڙ ماڻھن لاءِ متبادل جڳھه ڏني وڃي، صدام حسين لکيو ته هر مسئلي جو آخري حل ٽيبل ٽاڪ ئي آهي،اميد ڪيون ٿا سنڌ حڪومت هن معاملي کي ڪئنالن جي معاملي جيان منجهائي پيش ڪرڻ کان بچندي ۽ هن منصوبي کي جلد ختم ڪندي. دائود زئور لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال رٿا سدائين لاءِ ختم ڪئي وڃي، زوار غلام رسول مگسي لکيو ته سنڌ ڌرتي تي جيڪو ڪجهه به آهي اهو سنڌ جو آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته وڪيلن سان عوام سٺو ساٿ ڏنو، آثم ارباب لکيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي هارين کي ڏيڻ گھرجن نه ئي وري ڪمپنين کي هاڻي اهو وڪيلن تي ڇڏيل آهي ته اهي ڪيئن ٿا رد ڪرائين نه ته پوءِ سنڌي عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي ڇڏيو اٿن، ٻي ڳالھه اها آهي ته سچي اڳواڻ جي سخت ضرورت آهي، خواجه نياز محمد لکيو ته ڦريل وسيلا واپس ٿيندا، بابر رستماڻي به سروي ۾ حصو ورتو، نبيل احمد جانوري لکيو ته ڳالهين سان به مسئلو حل ٿيندو پر هي مسئلو به ايترو ئي وڏو مسئلو آهي جيترو ڇهن ڪئنالن جو هو، رياض احمد ٻجورو، پير بخش ڀٽي، حيدر چانگ، واجد علي، الاهي بخش ڏاهري، قريشي شيراز به سروي ۾ حصو ورتو، عبد آريسر لکيو ته سنڌ جي عوام پاران ڪيل ڪئنالن واري مزاحمت حڪمرانن لاءِ سبق آهي، اھي زمينون ڪنهن به صورت ۾ وڪرو نٿا ڪري سگهن، شهزادو ڦلپوٽو لکيو ته پيڪا ايڪٽ ختم ڪرايو وڃي، محمد نواز ملاح به سروي ۾ حصو ورتو، اظهر امر لکيو ته ٻٻرلوءِ تي لڳل ڌرڻو ڪالھه رات جي وقت ختم ٿيو ،جنهن کان اڳ حڪومتي وفد ڳالھين لاءِ پهتو ڳالهيون ٿيون ، جنهن بعد ڌرڻو ختم ٿيو.! ڪارپوريٽ فارمنگ تي خدشا ختم ڪيا وڃن، مظهر علي جعفري لکيو ته حادثاتي طور غير سياسي ماڻهن کي اڳواڻ ٺاھي اڳتي آڻي ، عام ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ماٺ ڪرايو ويندو آ ، ان دوران ڪيل فيصلا اڳ ۾ طئي ڪيا ويندا آھن…..ھن دفعي به ڪجھه اھڙو ئي ٿيو آ… ھڪ ته سنڌي ماڻھن کي غير سياسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي… ٻيو پ پ پ سان ٺاهه ۽ ملاقاتون ڪري آئنده پ پ پ لاءِ سنڌ ۾ رستو هموار ڪيو ويو آ ، نه مڪمل ڪئنال رد ٿيا آهن، نه ئي ڪارپوريٽ فارمنگ رد ٿي آهي، زاهد حسين لکيو ته اسان سنڌ واسين کي تمام سنجيدگيءَ سان معاملن کي ڏسڻو پوندو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته موجوده سرڪار کان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي جھڙي وفاقي سرڪار تھڙي سنڌ سرڪار ھي پاڻ ۾ ھڪ آھن ھنن گڏجي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي موجوده سرڪار کي اسين نٿا مڃون اسين نٿا مڃون، بهاول کوسو لکيو ته ڪئنالن جي خلاف ٽرينڊ 25 لکن کان مٿي ٽپي ويو ھاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ #SindhRejectCorporateFarming جي ٽرينڊ کي به ملين تي پهچائڻو آھي، حاجي خان پنهور لکيو ته حڪومتي ڌرتي جي اندر ٻيائي آهي ڪئنال منصوبو في الحال ته رد ٿي ويو آهي پر ڪارپوريٽ فارمنگ اڃا لٽڪيل آهي، سجاد حسين بلوچ لکيو ته ڪارپيٽ فارمنگ ختم ڪيو وڃي. خادم حسين لکيو ته حڪمران پنھنجي ذاتي زمين تي وڃي اھو شوق پورو ڪيو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي اجازت نه ڏينداسين. عبدالله کوسو، عاقب حسين وسطڙو، جهانگير علي کوسو، رضا حسن چانڊيو، مسرور علي شاهاڻي، يوسف چنا، قادر بخش زئور، قطب ننگراج، راجڪمار اوڏ، علي مراد لاشاري، سرمد گاڏهي، رحيم بخش مهر، ثناءُالله مشوري، برڪت لغاري، امر آڪاش لاکو، عالم ميراڻي، الله اوڀايو وسطڙو، جئرام ڪولهي، قدوس علي ٿيٻو، راشد علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.