سوال/سروي … سنڌ بجيٽ: اميرن بجيٽ ٺاهي اميرن کي رليف ڏنو، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ناهي ڪئي وئي؟ عوام

0
24
سوال/سروي ... سنڌ بجيٽ: اميرن بجيٽ ٺاهي اميرن کي رليف ڏنو، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ناهي ڪئي وئي؟ عوام

  ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي 34.5 کرب جي بجيٽ پيش: گريڊ 16تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾12سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو اعلان نه ڪيو ويو: سنڌ جي بجيٽ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي، اميرن بجيٽ ٺاهي اميرن کي رليف ڏنو آهي، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ناهي ڪئي وئي، غريبن جي مسئلن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته اشرافيا جي عيش جا انگ اکر آھن جنھن ۾ اربين رپيا ڪمائيندڙ کي سبسڊي ۽ 37 ھزار پگھار ۽ پينشن واري مٿان سڀ ٽيڪس، قاسم خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي بجيٽ انهن کي فائدو ڏيندي جن جي لاءِ ٺاهي وئي آھي عام ماڻھو ته هڪ پيناڊول گوري لاءِ به پريشان ٿو ٿئي ملازمن کي ملندڙ رليف ناڪافي آھي خاص ڪري پينشنرن جي گذريل چئن سالن کان پگهارن جي ڀيٽ ۾ اڌ پينشن وڌائڻ سان انهن جا مسئلا وڌي وڃڻ ڪري اهي سخت پريشان آھن، اياز کهاوڙ لکيو ته هي بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي. ڇو جو اڳ ٻڌا هئاسين هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو حڪمران عوام کان هڪ ويلي جي ماني به کسيندا. اهو وقت هاڻ اچي چڪو آهن هن بجيٽ جي اندر…!! الياس سومرو لکيو ته سنڌ چاھي وفاق ڪنھن جي به ڪجھه وس ۾ ناھي سڀ بيوس آھن جيئن لکيل ملندو تيئن پڙھندا بجيٽ بڻائڻ وارن پنھنجي مفادن تي بڻائي ڇڏي ھنن کي صرف ٻڌائڻو آهي ته ھي تير ھنيا آهن، نديم حسين ميمڻ لکيو ته هي بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي ڪو به هاري مزدور کي رليف نه ڏنو ويو آهي، بس هميشه جيان غريب طبقي کي پوئتي ڌڪيو آهي ڏهاڙيدار طبقي لاءِ ڪو ريليف ناهي مليو، محمد اسلم لکيو ته ڏهاڙيدار، آبادگار ۽ مزدور طبقي لاءِ ڪوبه رليف نه ڏيندڙ بجٽ رد ڪجي ٿي پيش به اميرن ڪئي رليف به اميرن کي ئي ملندو بس مسڪين مري يا جيئي حڪومت کي ڪو به فرق نٿو پوي. ايڊووڪيٽ نويد خان لکيو ته سنڌ صوبي مان پنجاب ويندڙ معدنيات ۽ ٽيڪس جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي کي ملندڙ بجٽ پول جو حصو واضع فرق ظاھر ڪري ٿو ته سنڌ سان ھر محاذ تي ناانصافي آھي .اياز بلوچ لکيو ته هي بجيٽ پگهارن لاءِ آهي، انهن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، اسمبلي ميمبرن لاءِ پيٽرول فري ڪيو ويو آهي، غريبن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي، کاڌي پيتي جون قيمتون به سستيون نه ڪيون ويون آهن، اهي غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. محمد اسلم خاصخيلي لکيو ته پوليس سان ظلم ٿيو آهي ميڊيڪل الائونس ڪٽ ڪيو ويو، طارق سهتو به سروي ۾ حصو ورتو، گل حسن شر لکيو ته ڪجھه سال پگھارون نه وڌايون وجن پر جيڪي بيروزگار آھن وڌايل پگھارن وارا فنڊ انھن بيروزگار نوجوانن جي لاءِ استعمال ڪريو انھن کي ڪنھن ڪم سان لڳايو، شاهنواز زرداري لکيو ته آباد گارن جي لاءِ بجيٽ پيش ڪرڻ گھرجي. ھارين ۽ مزدورن کي رليف ڏنو وڃي. غريب عوام کي ڪوبه رليف نه مليو آھي، سجاد علي زئور لکيو ته ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس کان محروم سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو استحصال نامنظور، زين العابدين چانڊيو لکيو ته عام عوام سان هارين ۽ مزدورن سان ناانصافيون آهن، محمد بچل ۽ سڄڻ علي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالباقي شهزاد اوٺو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، سميع الرحمان لکيو ته ھي بجييٽ ملازمن جي استحصال جي لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، مھانگائي حد درجي جي ڪئي وئي آهي ان جي ڀيٽ ۾ 12سيڪڙو پگهارن ۾ اضافو ڪجهه به ناهي، وفاق جي طرز تي 30 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس ڏنو وڃي، جيئن ملازم آساني سان مهانگائي کي منهن ڏئي سگهن، مزدورن جي اجرت جو ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو، غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، حڪومت انهي پاسي ڌيان ئي نه پئي ڏي، خدارا غريبن لاءِ ڪو سٺو پيڪيج ڏنو وڃي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن.نماڻو نوناري لکيو ته حڪومت غريب عوام کي ڪو به فائدو نه ڏنو ويتر مهانگائي وڌائي ڇڏي، سراج گڏاڻي لکيو ته عوام دشمن ملازم دشمن ھاري دشمن مزدور دشمن بجيٽ آ ھي، زاهد حسين زرداري لکيو ته ھي بجيٽ وڌيڪ ڪندا وڏن ملازمن جي ڪري. ڪجھه زراعت جي باري ۾ سوچ ڪن . غريب ھاري فصل تيار ڪري . حڪومت ڪڻڪ ڪپهه جي ريٽ گهٽ مقرر ڪري ٿي. ھارين جي لاءِ ڪھڙي بجيٽ پيش ڪئي اٿن. ھاري ڪارڊ جاري نه ٿي سگھيا. ۽ مزدورن جي لاءِ ڪھڙي بجيٽ پيش ڪئي ويئي آھي، غلام لاکو لکيو ته ملازمن سان ظلم ڪيو ويو آھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته اسان هن بجيٽ تي بلڪل به يقين نٿا ڪريون. غريبن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. بلڪه، ان غريبن جي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي. ان امير کي امير ۽ غريب کي غريب بڻائي ڇڏيو آهي.هي بجيٽ پگهارن لاءِ آهي، انهن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، اسمبلي ميمبرن لاءِ پيٽرول فري ڪيو ويو آهي، غريبن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي، کاڌي پيتي جون قيمتون به سستيون نه ڪيون ويون آهن، اهي غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. فرمان علي لکيو ته هي بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي.ڇو جو اڳ ٻڌا هئاسين هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو حڪمران عوام کان هڪ ويلي جي ماني به کسيندا.اهو وقت هاڻ اچي چڪو آهن هن بجيٽ جي اندر…!! هي بجيٽ پگهارن لاءِ آهي، انهن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، اسمبلي ميمبرن لاءِ پيٽرول فري ڪيو ويو آهي، غريبن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي، کاڌي پيتي جون قيمتون به سستيون نه ڪيون ويون آهن، اهي غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، برڪت ابڙو لکيو ته ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس کان محروم سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو استحصال نامنظور، فرحان علي ميمڻ، توحيد حسين، ظهير بنگلاڻي، شوڪت رضا سومرو ۽ اصغر حسين به لکيو ته ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس کان محروم ، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو استحصال نامنظور، نور محمد سومرو لکيو ته پيپلزپارٽي وفاق کان 50 سيڪڙو ملازمن جي پگهار وڌائڻ جو مطالبو پئي ڪري پر افسوس جو پاڻ صرف 12 سيڪڙو وڌائي ملازمن کي مايوس ڪري ڇڏيو، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو اعلان نه ڪري غريب مزدور طبقي کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت (پيپلزپارٽي) پاڻ ۾ مليل آهن پيپلزپارٽي جيڪا وفاقي بجيٽ تي اعتراض ڪري رهي آهي اهو صرف ڏيکاءُ آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي ملازمن ۽ غريب عوام جو ايترو درد آهي ته پهريان پاڻ 50 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪري، مزدورن جي اجرت مهانگائي جي حساب سان 50 هزار مقرر ڪري ۽ وفاق ۾ بجيٽ پاس ٿيڻ ۾ نواز ليگ جو ساٿ تيستائين نه ڏي جيستائين وفاقي حڪومت 50 سيڪڙو پگهار وڌائڻ سان گڏ عوام مٿان مڙهيل نوان ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان نه ٿي ڪري. باقي پيپلزپارٽي پارٽي کي اقتدار ۾ رهڻو آهي ان جي ڪري صرف بيان تائين محدود آهي. پهريان به پيپلزپارٽي پيڪا آرڊيننس تي اعتراض واريو هو ان باوجود به پيڪا قانون اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ۾ نواز ليگ جو ساٿ ڏنو هو.