ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جا اعتراض رد: تڪراري 6 ڪئنالن مان ڪڇي ڪئنال جو افتتاح: وزيراعليٰ سرفراز بگٽي جي شرڪت: اوهان ان عمل تي ڇا چوندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪندي چيو ته وفاق کي اهي رٿائون واپس وٺڻ گهرجن، سنڌ حڪومت پاران عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، هڪ پاسي پ پ چيئرمين ۽ پ پ سان تعلق رکندڙ سنڌ جو وڏو وزير ڪئنالن واري منصوبن جي مخالفت ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري پ پ سان تعلق رکندڙ وزيراعليٰ بلوچستان منصوبي جو افتتاح ڪري رهيو آهي، درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آھي، سنڌي ماڻهو ڪڏهن به پاڻي ڌاڙو قبول نه ڪندا، مزاحمت تيز ڪئي ويندي، سنڌ اٿي آھي. هي سنڌي قوم جي بقاءَ جي جنگ آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته سرفراز بگٽي شامل مطلب پپلز پارٽي شامل سو هاڻي پپلز پارٽي جي اهڙي سياست ۽ سنڌ سان ڌوڪي ڪرڻ جو ڪو شڪ باقي نه بچيو، سو سنڌ ڄاوا مڙسي ڪن هنن کي سنڌ دشمني جو موثر جواب ڏين ۽ سنڌ ۾ هنن جو سوشل بائڪاٽ ڪن، مختيار مولائي لکيو ته سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آھي سنڌ سرڪار ڌارين سان گڏ آھي سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت احتجاج جو چتاءُ ڏينداسين. حميرگل راڄپر لکيو ته سنڌو درياهه تي ڇھه ڪيئنال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آھي، سنڌ سرڪار ڌارين سان گڏ آھي، آئون قومپرستن کي عرض ڪندس ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج جو دائرو وڌايو وڃي. شوڪت حسين نهڙيو لکيو ته سنڌو درياهه ريا تي ڇھه ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سان وڏي دشمني آهي جيڪا سنڌ ڄائو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ان خلاف سنڌ جو هر ماڻهو سراپا احتجاج آهي ۽ رهندو، اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته ته سنڌو درياهه ريا تي ڇھه ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سان وڏي دشمني آهي جيڪا سنڌ ڄائو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ان خلاف سنڌ جو هر ماڻهو سراپا احتجاج آهي ۽ رهندو، شاهد بلوچ لکيو ته سنڌوءَ درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آھي سنڌ سرڪار ڌارين سان گڏ آھي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت احتجاج جو چتاءُ ڏينداسين، عابد لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت انھن ڪئنالن جي پروجيڪٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنجيده ڪونھي، سنڌ کي ھڪ وڏي رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان تحريڪ ۽ ويڙھه واري عمل مان گذرڻو پوندو، سنڌ لاءِ سنڌو ساھه جي حيثيت رکي ٿو ساھه نه رھيو ته خالي جسم جي ڪابه اهميت ناهي هوندي، سنڌ اٿي آھي ۽ اٿندي، ھي ڪئنال واري رٿا سنڌ کي متحد ڪري ھڪ ڌارا ۾ سمائڻ جو ڪارڻ به بڻجندي، سنڌ انقلاب لاءِ تيار آھي ۽ انھي انقلاب جي شروعات اھي ڪئنال بڻبا، ديدار علي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، سمن راهي لکيو ته سنڌي عوام جو اعتراض ته ڪنھن رڪارڊ تي ڪونھي. باقي جيڪي اعتراض سنڌ جي رڪارڊ تان ٿيڻ وارا ليکيا وڃن. سي اعتراض ٿيا ئي ڪونه آھن ته رد ڪير ۽ ڪٿان ڪندو. طيب انقلابي لکيو ته سنڌ جي اعتراضن کي رد ڪرڻ مسئلي جي حل ناھي سنڌي ماڻھن جي احتجاجن کي اھميت ڏني وڃي. اعجاز پرديسي لکيو ته سنڌ اعتراض ڪيو ڪڏھن آ جو رد ٿيندا سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي قيادت سنڌين کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ ٽي وي تي ويھي اعتراض ڪري ويندا آھن ذھني طور وفاق ۽ پنجاب سان گڏ آھن وزير اعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي به پيپلزپارٽي جو آھي اڃا عوام کي ڪيترو بيوقوف ڪندا؟ ظفر خاصخيلي لکيو ته ڪڇي ڪئنال بلوچستان لاءِ سٺو ڪم آهي، فراز سنڌي لکيو ته شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي نالي هڪ دوست ٻڌايو پئي ته سرائي قربان کهاوڙ چوندو هو: ”اسان سنڌودرياهه تي رَتَ جا ڏيئا ٻاريا ته پنجابيو!سنڌ کي پاڻي ڏيو. اسان وڏيون وڏيون احتجاجي ريليون ڪڍيون ته سمورا ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو. پر پنجاب جي مٿي جي جُونءِ به نه چري.پوءِ اسان کي سمجھه ۾ آيو ته هي ائين اسان جي ڪو نه ٻڌندا، عبدالله کوسو لکيو ته اسٽيبلشمينٽ وفاق رڳي پنجاب کي سمجھي ٿو ھن ملڪ جي اصل واڳ به پنجاب وٽ آھي ٻين قومن جا حق ھتي محفوظ ناھي پاڻي زندگي موت جو مسئلو ان لا۽ اٿندڙ ھر آواز کي سنڌي ماڻھن لبيڪ ڪرڻ گھرجي پڙھيل لکيل اھل علم ماڻھن کي اقوام متحده ۽ ٻين عالمي فورمز، عالمي مالياتي ادارن کي اي ميل ذريعي انهن ڪئنالن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، سرڪار جا فنڊ روڪڻ جي التماس ڪرڻ گھرجي، سرفراز جوڻيجو لکيو ته راءِ اها آهي ته هنن اسان کي پنجاب وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي ان ڪري وقت اٿو ڌرتي بچايو ڌاريا ڀڄايو ايندڙ نسل بچايو، اسفاق خاصخيلي لکيو ته بلوچ ۽ سنڌي ڀائر آهن پر ڪڇي ڪئنال سان نه پر سمورا ڪئنال سنڌ لاءِ خطرو آهن، ايوب کوسو لکيو ته سند جو عوام متحد آھي انشاءَ الله ڪئنال ڪنھن صورت ۾ نڪرڻ ڪونه ڏينداسين ڇو ته سنڌي قوم جي بقا جي آخري جنگ آهي پاڻي نه ھوندو ته سنڌ به نه ھوندي. مير حسن مري لکيو ته سرفراز بگٽي ڪير آھي. ڪنھن سرفراز بگٽي کي وزيراعليٰ ڪيو آھي. ڪھڙي پارٽي جو وزير اعليٰ آھي. امن سنڌي لکيو ته سڀ کان پھريان ته پ پ پ جو ڪوڙ پڌرو ٿيو ڇو ته وزير اعليٰ بلوچستان انھن افتتاح ۾ شرڪت ڪئي آھي. باقي ھاڻي سنڌي قوم کي بنا ڪنهن پارٽي فرق سان ھن خاموشي کي ٽوڙي ھن ناپاڪ منصوبابندي جو بائيڪاٽ ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن پوءِ به وفاق نه مڃي ته پنجاب ڏانهن ويندڙ ھر رستن ، روڊن کي بند ڪري ڇڏين ته ھي ڪئنال ته ڇا سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازشون ختم ٿي وينديون. نور محمد سومرو لکيو ته مون کي سنڌو مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت جي اعتراضن تي کل اچي رهي آهي. انهن ڪئنالن جي بل تي صحيح ته پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ڪري ڇڏي. پ پ چيئرمين ۽ سنڌ حڪومت کي پهريان شريڪ چيئرمين کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته هن بل جي منظوري ڪيئن ڏني. پوءِ وفاقي حڪومت سان جنگ جوٽڻ گهرجي. باقي. سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ ڇڏي ڏيو. هاڻ عوام کي سڀ خبر آهي. جمشيد علي لکيو ته تڪراري ڪئنال نامنظور، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو نامنظور، سنڌ حڪومت ھٿ سان سنڌ خلاف سازش ڪري رھي آھي پر سنڌ ۾ جيڪا جدوجھد ھلي پئي اھا ضرور ڪامياب ٿيندي اسان جي قوم ۾ ڪوبه شعور ناھي انھي جي ڪري اسان پنھنجا حق نٿا وٺي سگھون جيڪڏھن انھي منصوبي کي رد نه ڪيو ويو ته يقينن سنڌ ۾ وڏي مزاحمت ٿيندي، شڪيل احمد ڪپري لکيو ته بلاول مستقبل جو وزير اعظم آهي سنڌ جي تباهي قبول آهي سنڌي قوم ڪجهه ڪونه ڪندي ھا جي عمران خان جو مشن ڪامياب ٿيو ته پ پ وارا ڌرڻا ھڻندا ھي ٽريڪٽر مارچ وارا ساڳيا آهن عوام کي بيوقوف ڪندا سنڌ کي امان ڪري سڏيندا، عابد حسين لکيو ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آھي آئين ۾ ترميم لاءِ بلاول اڳڀرو ٿي اڳواڻي ٿو ڪري باقي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ رڳو مذمتي بيان پيو ڏئي، اجلاس سڏائي ھي اندروني طور ڪئنالن ذريعي سنڌو تي ڌاڙو ھڻائڻ لاءِ نواز ليگ سرڪار سان گڏ آھن جنھن جي بدولت ھنن کي اقتدار تي ويھاريو ويو ۽ ھاڻي ھي سکڻا بيان ڏئي فيس سيونگ پيا ڪن سنڌ جي ماڻھن کي ڄاڳڻ گھرجي رستن تي اچڻ گھرجي، علي محمد کوسو لکيو ته وفاق جي ڪيل اھڙي داداگيري تي سنڌ ڪڏھن به خاموش نه ويهندي. اسين اھڙن ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا، صداءُالله چانڊيو لکيو ته سنڌ سڪائڻ ۾ پ پ پ جو اهم ڪردار آهي جن سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آهن، سنڌ دشمني جي انتها ڪري ڇڏي آهي پنجاب، سنڌ مڪمل انهن ڪئنالن کي رد ڪيو آهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته جوڳي ناهن جوءِ ۾ تڏھن پيا نانگ مستيون ڪن، 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ کي تمام گهڻو نقصان رسندو، خير دين مڱريو لکيو ته ميرن کي به پنهنجي گھران لڳي هئي، قاسم مصطفيٰ جتوئي لکيو ته چون ٿا ته سنڌي وڃي ڇولا کپايو پاڻي ھوندو ته ڇولا به ٿيندا، لال بخش مگسي به راءِ جو اظهار ڪيو، غلام ڪبريا لکيو ته بلڪل غلط ، سنڌ سان زيادتي آھي، فيضان علي لکيو ته پنجاب ظلم پيو ڪري، اصغر علي ڏاهاڻي لکيو ته سرفراز بگٽي پ پ جو آهي اها ڳالهه سنڌين کي سمجهڻ گهرجي، حافظ قطب الدين ڪوريجو لکيو ته سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اشرف علي شر لکيو ته سنڌ اعتراض ڪيو ڪڏھن آهي جو رد ٿيندا سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي قيادت سنڌين کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ ٽي وي تي ويھي اعتراض ڪري ويندا آھن ذھني طور وفاق ۽ پنجاب سان گڏ آھن وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي به پيپلزپارٽي جو آھي اڃا عوام کي ڪيترو بيوقوف ڪندا؟ نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ هڪ غير قانوني عمل آهي ڇو ته سنڌو درياهه ملڪيت صرف سنڌ جي عوام جي آهي پنجاب هروڀرو سنڌ جي عوام خلاف هڪ سازش ڪري رهيو آهي ۽ اها سازش صرف پنهنجن سان ملي ڀڳت ڪري هٿرادو ڊرامو ڪيو پيو وڃي صدر انهن سان مليل آهي، پنجاب کي راضي ڪيون ويٺا آهن ۽ ڪرسيون بچايون ويٺا آهن سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ته رڳو پنجاب کي خوش ڪجي، اسان اوهان جي سمورن پنجاب جي رانديگرن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌو درياهه صرف سنڌ جي مليڪت آهي اهي اڄ به ڌاڙا نامنظور نامنظور آهن. نويد خان لکيو ته سڄي سنڌ جي نوجوانن کي گذارش آھي ته پھرين ڊسمبر 2024 يعني سنڌي ثقافتي ڏھاڙي تي عوامي نمائندا جڏھن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي توھان جي وچ اچي جھمر ھڻن ته انھن کان سنڌو درياهه تي قبضي بابت سوال ضرور ڪجو ۽ ٻيو سوال سنڌ جون زمينون وقف ڪرڻ بابت ۽ ٽيون سوال سنڌ جي امن امان بابت ڪجو، جيڪڏھن اھي توھان کي ھي ٽئي جواب نه ڏئي سگھن يا توھان کي مطمئن نه ڪري سگھن ته پوءِ اھا توھان جي ذميواري آھي ته حق جو فيصلو ڪجو ۽ سنڌ جي بھترين مستقبل لاءِ غلط ماڻھن کي ڪڏھن به ووٽ نه ڏجو. بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سنڌ سرڪار عوام جي اکين ۾ سرمو وجھڻ خاطر اهڙيون بيان ڏئي ٿي سنڌ سرڪار اعتراض ڪيو ئي ناهي سِنڌ مُزاحمت ڪندي ڀلي افتتاح ڪن، سنڌ جا چونڊيل نمائندا سنڌ سرڪار ۽ پ پ سرڪار ڀلي ساٿ نه ڏي پر سنڌي عوام جي مزاحمت سان انشاءَالله سنڌ دُشمن هر منصوبي سميت هي منصوبو به ناڪام بڻايو ويندو، سڄي سنڌ اٿيل آھي درياهه جي خاطر ڇو ته هي هڪ فرد نه پر پوري سنڌ جو مسئلو آھي، امتياز لغاري لکيو ته سنڌي قوم ھن کي مڪمل رد ڪري ٿي ۽ سنڌي قوم اھو سمجھي ٿي سنڌ حڪومت ڪئنالن جي معاملي تي وفاق سان گڏ بيٺل آھي اگر سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي سنڌي قوم مسلسل احتجاج ۾ آھي اسان سنڌ تي لڳندڙ ڌاڙي جي مذمت ڪيون ٿا ته سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪيئنال نا منظور، آفتاب سمون لکيو ته منھنجي راءِ ھي آھي ته پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي ڪئنال ڪڍڻ جو جواز حڪومت اھو چوي ٿي ته زراعت وڌايون ٿا پر خاص ڪري سنڌ ۾ ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ڌارين کي پاڻي ملي، ھڪڙن سان دشمني طور پاڻي ختم ڪيو وڃي بلوچستان ھڪ جابلو علائقو آھي اتي کپندو ته برساتي پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهي بلوچستان سڀ آباد ٿي سگھيو پئي پر اتي ايئن نه ڪيو ويو، ھر لحاظ کان بلوچن تي ظلم ڪيو ويو بلوچستان ۾ مال مويشي زراعت ختم ڪئي وئي، سنڌ جي ڳالھه ڪيون ته سنڌ جا جيڪي پوڇڙي جا آبادگار آھن اتي برسات ٿئي ٿي ماحوليات بھتر ٿي ته برسات سان خوشحالي ٿي ويندي، نديم حسين ميمڻ لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، هڪ طرف بلاول ڀٽو زرداري مخالفت ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف وري پ پ جو وزيراعليٰ افتتاح ٿو ڪري، عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، راجا هليو لکيو ته سرفراز بگٽي پ پ جو آهي؟ اياز کهاوڙ لکيو ته هڪ طرف پ پ جو وزيراعليٰ سنڌ ڪئنال ٺاهڻَ جي مخالفت ڪري پيو ٻئي پاسي ساڳي پارٽي جو بلوچستان حڪومت جو وڏو وزير افتتاح ڪري پيو. مطلب عوام سان دوکو ڪيو پيو وڃي.