ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪئنالن خلاف سنڌ جو ڀرپور احتجاج: ڇا وفاقي حڪومت پوئتي هٽندي؟ سنڌو درياهه جي بچاءَ لاءِ سنڌين کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جنهن سان وفاقي حڪومت پوئتي هٽندي، سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪئي ويندي، سنڌو سنڌ جو جياپو آهي، سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي به سنڌو خاطر ٻاهر اچڻو پوندو، پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته وفاق پاڪستان پنهنجو مؤقف قومي اسمبلي ۾ ڏئي چڪو آهي ته پپلز پارٽي پهريان زمين ڏئي ٿي پوءِ ماتم به ڪري پئي جيڪڏهن سچا آهن سنڌ سان ته اڄ حڪومت آهي سنڌ ۾ انهن جي ۽ سنڌ اسمبلي انهن جي آهي پوءِ ڇو نه پيا سنڌ جي زمين واپس وٺن اهو بيان ڊاڪٽر مصدق ملڪ سيد خورشيد شاھ جي سوال تي ڏنو ته سنڌ سان ويڌن آ پنجاب ڪئنال پيو ڪڍي سو زمين سنڌ جي ته پاڻي به سنڌ جو استعمال ٿيندو روئو نه ڪجھه سنڌ سان سچ ڳالهايو، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سنڌو نديءَ جي بچاءَ لاءِ ڪئنال خلاف ڌرتيءَ جون نياڻيون توڙا دودا سندرا ٻڌي نڪتل آھن پر وفاق تڏھن ھٽندو جڏھن اسيمبلين ۾ ويٺل به ڌرتيءَ جي ٿڃ ملھائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پوندا، محمد حسين لکيو ته لڳي ته ڪونه ٿو جيسين هڪ واز نه ٿيندو سياسي جيڪي پارٽيو آهن هڪڙي پلٽ فارم تي گڏ نه ٿينديون تيسين ڪجهه ڪونه ٿيندو صرف هڪ ڏينهن پوري سنڌ بند ٿئي هر روڊ رستو بند ٿئي پوءِ ڪجهه کڙ تيل نڪرندو، باقي ايئن ڇڙوڇڙ احتجاج ٿيندا رهندا ته ڪو به نتيجو نه نڪرندو، عبدالقيوم لغاري لکيو ته سنڌ سدائين سورن ۾ آھي ڌارين جي للڪار ھجي يا ٻيو ڪوبه وڏو مسئلو ھجي سنڌ سدائين قرباني جو ٻڪرو ٿي آھي ھنن حڪمرانن ھوندي ڪابه بھتري جي اميد نٿي رکي سگھجي وفاق کان… ڪجھه ڪونه ٿيندو. موهن لال لکيو ته تاريخ ۾ سنڌ مزاحمتي ڪردار ادا ڪيا آهن ٻٽو نظام به هڪ مثال آهي پاڻي جياپي جي جنگ آهي ۽ جياپي لاءِ سنڌي قوم هر محاذ تي وفاق کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، جيئن زنده رهڻ لاءِ ڪنهن جسم کي ساھه جي ضرورت هوندي آهي، تيئن سنڌ ۾ سنڌو جو وهڻ لازمي آهي، هن مان ڪو به وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي ماڻهن کان ساھه ڪڍڻ برابر آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. اسد زرداري لکيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ سنڌ سان ظلم برابر آھي سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي وفاقي حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي سنڌو درياهه جي بچاءَ لاءِ سنڌين جي تحريڪ جاري رھندي قومپرست پارٽين کي ھڪ ٿي وفاقي حڪومت جي ان فيصلي کي رد ڪرائڻ تائين تحريڪ جاري رکڻ گهرجي. شاهد بلوچ لکيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، جيئن زنده رهڻ لاءِ ڪنهن جسم کي ساھه جي ضرورت هوندي آهي، تيئن سنڌ ۾ سنڌو جو وهڻ لازمي آهي، هن مان ڪو به وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي ماڻهن کان ساھه ڪڍڻ برابر آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. حميرگل راڄپر لکيو ته تاريخ ۾ سنڌ مزاحمتي ڪردار ادا ڪيا آهن ٻٽو نظام به هڪ مثال آهي پاڻي جياپي جي جنگ آهي ۽ جياپي لاءِ سنڌي قوم هر محاذ تي وفاق کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندي. طيب انقلابي لکيو ته متحد ٿي تحريڪ ھلائڻ گھرجي پاڻي واري معاملي تي ڪنھن به اڳواڻ سياست ڪئي ته وفاقي حڪومت کي پوئتي ھٽائڻ ڏکيو ثابت ٿيندو. برڪت علي لغاري لکيو ته انهي ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت به مليل آهي پهرين سنڌ حڪومت اهڙا فيصلا ڳجھه ڳوھه ۾ ڪري پوءِ عوام جي سامهون پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ايوب کوسو لکيو ته سنڌ ۾ جيڪي احتجاج ٿين پيا انھن جا بھتر نتجا نڪرندا ان کان بھتر اھو ھوندو گڏيل جدوجھد ڪجي جنھن ۾ سنڌ حڪومت کي پڻ عوام جي طاقت جي خبر پوندي ڇو ته سنڌ حڪومت جي خاموشي مان صاف نظر ٿو اچي ته اھا برابر ملوث آهي. مظهر انور جتوئي لکيو ته عوام جي طاقت حڪومت کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو عوام کي گھرجي ته يڪجهتي طور احتجاج ڪيا وڃن جيترا احتجاج ٿيندا اوترا حڪومت ته اثر پوندا، علي محمد کوسو لکيو ته عوام کي وڏي طاقت آھي جيڪڏھن سنڌي سڀ ھڪ پيج تي اچي ويا ته حڪومت جي اوقات ئي نه رھندي.. پاڻ سڀني کي گڏ ٿي وفاقي سرڪار کي ميسيج ڏيڻ گھرجي.. وقار حيدر لکيو ته عوام جي طاقت حڪومت کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو عوام کي گھرجي ته يڪجهتي طور احتجاج ڪيا وڃن جيترا احتجاج ٿيندا اوترا حڪومت ته اثر پوندا، هاشم مري لکيو ته سنڌ ۾ جيڪي احتجاج ٿين پيا انھن جا بھتر نتجا نڪرندا ان کان بھتر اھو ھوندو گڏيل جدوجھد ڪجي جنھن ۾ سنڌ حڪومت کي پڻ عوام جي طاقت جي خبر پوندي ڇو ته سنڌ حڪومت جي خاموشي مان صاف نظر ٿو اچي ته اها به ان رٿا ۾ ملوث آهي.