سوال/سروي … سرڪاري امدادي سامان پهچايو پيو وڃي پر ٻوڏ متاثرن وٽ نه، گدامن ۾ …….. بااثر سياسي ماڻهو ۽ ڪامورا ذميوار قرار، گودامن، بنگلن تي لڪايل سامان هٿ ڪري متاثرن ۾ ورهايو وڃي: عوام

0
24

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مختلف شهرن ۾ لڪايل امدادي سامان هٿ: ڇا اوهان جي علائقي ۾ به ڪنهن با اثر يا ڪاموري امدادي سامان لڪائي رکيو آهي ؟ امدادي سامان درست نموني متاثرن کي پهچايو پيو وڃي ؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن چيو ته سرڪاري امدادي سامان ٻوڏ متاثرن کي ناهي مليو، امدادي سامان با اثر سياسي ماڻهو ۽ ڪامورا لڪائي رکن ٿا ۽ پنهنجن کي ڏين ٿا، اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گودامن، ڪارخانن، اوطاقن، بنگلن تي لڪايل امدادي سامان هٿ ڪري ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي موهن لال لکيو ته ڪوٽ غلام محمد جي يوسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ اڃا تائين ماڻهن کي امدادي سامان ناهي پهتو جيڪڏھن ڪٿي مليو آهي ته اهو به اڌورو، آصف لغاري لکيو ته اسان وٽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بدين ضلعي ۾ سرڪاري امداد جو ڪو کر پير ئي نٿو لڳي، شاهنواز خشڪ لکيو ته ڪنهن کي ملندي نظر ناهي آيو، سرفراز ميمڻ لکيو ته جيڪو سامان لڪائيندو ان کي ڇا ڪجي، مجاهد رند لکيو ته اسان جي علائقي وارن ھڪ ھٿ سان ڏنو ٻئي ھٿ کي خبر ڪونه پئي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ ايم اين اي، ايم پي اي، يوسي چيئرمين جي گودامن ۾ سامان پيل آهي، نماڻو نوناري لکيو ته سامان وڏيرن حوالي آهي، گل حسن شر لکيو ته لڪائڻ جي خبر ناھي گودامن تي ڇاپا لڳڻ گھرجن ڊي سي سانگھڙ عوام کي ڏنو ڪجھه به نه آهي، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته ناني ويهڙو ڪري کائي ويندا بس ڪجهه سامان فوٽو سيشن لاءِ ورهائيندا، جمال الدين چنا لکيو ته اسان جي ضلعي گهوٽڪي ۾ به گهٽ ناهي ڪيو ويو،  محمد ابراهيم لکيو ته پٿوري ۾ ته غريب عوام کي اڃا تائين ڪجهه به نه مليو آهي،  بخت علي عباسي لکيو ته ڪنڊيارو جي يوسي ڪوڙو خان خشڪ ۾ ڪجهه ناهي مليو، بدرالدين ٻٻر لکيو ته دادو شهر ۾ سرڪاري امداد ناهي ملي، زوهيب سنڌي لکيو ته اسان جي تعلقي قاضي احمد ۾ ڪل 17 يوسيون آهن جن مان 6 کي مليو آهي باقي رهيل آهن، عجيب الرحمان چنا لکيو ته خاص ماڻهن ۾ سامان ورهايو پيو وڃي، عصمت الله حسن لکيو ته ٺل ۾ خاص ماڻهن ۾ ورهايو ويو، ڌڻي بخش نصيراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، اعجاز خاصخيلي لکيو ته محراب پور ۾ اي سي هائوس تي سامان لڪائڻ جا اطلاع آهن، شبير سهتو لکيو ته يوسي صابو عمرڪوٽ ۾ سرڪاري امداد ناهي ملي، دامن خان لکيو ته ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ ڪا به امداد ناهي ملي، سهيل جويو لکيو ته ڄامشورو ۾ هن وقت لکين متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن پر ڪامورن سڀ ڪجهه پنهنجن ماڻهن توڙي بنگلن ۾ لڪائي رکي ڇڏيو آهي، ايم راجا هاليپوٽو لکيو ته ٽنڊوالهيار ۾ صرف من پسندن کي سامان ڏنو پيو وڃي، غلام نبي ڀنڊ لکيو ته ايم پي اي سرفراز شاهه ۽ ايم اين اي ابرار شاهه وٽ مبينا طور سامان پيل آهي بنگلن ۾ سامان مبينا طور لڪائي رکيو ويو آهي، غلام حيدر لاکو لکيو ته نوابشاھه ۾ رات ٻارهين وڳي کانپوءِ حڪومتي ڌر جا ماڻھو پڪڙجڻ جي خوف کان امدادي سامان کي پنهنجي من پسند جاين تي منتقل ڪندا آھن، سيد احمد شاهه لکيو ته ڪنڊيارو ۾ سمورن ڳوٺن ۾ ڪجهه به ناهي مليو، يعقوب کوسو لکيو ته تلهار ۾ امدادي سامان سرڪار طرفان ڪنهن کي به ناهي مليو، هتي پاڻي نيڪال لاءِ به اپاءَ ناهن ورتا ويا. قاسم سومرو لکيو ته سڪرنڊ ۾ امدادي سامان من پسندن کي ڏنو پيو وڃي، فياض باجڪاڻي لکيو ته اسان وٽ ڪنڌڪوٽ ۾ بلڪل ڪجھه به نه مليو آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل شهر ۾ اطلاع آهن ته مختيارڪا تپيدارن سان گڏجي گودام ڀري ڇڏيا آهن رات جي وقت  ٽريڪٽر ٽراليون لوڊ ڪرائي پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن، اعجاز علي کوسو لکيو ته اسان وٽ همايون شريف چوڏيو سڌايو جا بااثر وڏيرا في ڪٽو راشن جو 1200 کان 1500 تائين مبينا وڪرو ڪري رهيا آهن، وقار حسين لکيو ته سائين امداد ۾ هڪ پاڻي جو گلاس به خانواھڻ واسين کي ناهي مليو بابو جمالي لکيو ته مٽياري ضلعي جي تعلقي سعيد آباد ۽ هالا ۾ امدادي سامان ناهي ڏنو ويو، شفقت علي جروار لکيو ته اسان وٽ يوسي ٻڍوقمبراڻي بدين ضلعي ۾ امداد ورهائي ڪونه اٿن، محمد يوسف اسد ڀٽو لکيو ته اسان جي علائقي ۾ سامان ناهي مليو، ڪمار سريش لکيو ته ڪوٽ غلام محمد جي يوسي جواريسر جي ديھه 304 ۾ هن وقت تائين ڪجهه ناهي مليو، پرويز حسين لکيو ته يوسي ديھات ۾ تقريبن تيرنهن هزار کان مٿي رهندڙ آبادي آهي پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي جو برسات متاثرن وٽ تڪ جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي، ايم اين اي، چيئرمين سياسي توڙي سماجي ماڻھون لڙي نه آيا آهن، اظهار احمد لکيو ته تعلقو ٺري ميرواھه جي يوسي کرڙاھ شھر ۾ غريب عوام کي اڃا تائين ڪجهه به نه مليو، ٽينٽ نه ئي راشن ڏنو ويو آهي، الياس سمون لکيو ته پي ايس 78 ڪيٽي بندر گھوڙا ٻاري ۾ به ھڪ وڏيري جي اوطاق تي سامان موڪليو وڃي ٿو وڏيرو لسٽون ٺاهي ٿو، حسين ٽانوري لکيو ته بوزدار وڏا ۾ ته ڪنھن به متاثر کي خبر ئي ناھي ته اھو راشن ڪيڏانهن ويو، محمد حسين لکيو ته سرهاري شهر ۾ سرڪاري امداد ناهي ملي، گلفام حسن لکيو ته سيوهڻ جي واپارين جي گودامن تي روز ٽرڪون اچن ٿيون اهي ڳالهيون هتي هلي رهيون آهن، متاثر بکون ڪاٽي رهيا آهن، وڏو وزير نوٽيس وٺي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان وٽ اڃا ڪجهه ناهي مليو، مهراڻ خان بلوچ لکيو ته اسان جي شهر دادو ۾ به ڪامورا با اثر ٻوڏ متاثرن جو سامان پنهنجي گودامن اوطاقن  گهرن ۾ رکرائي رهيا آهن، منصور علي راهو لکيو ته يوسي چارڙو تعلقا قاضي احمد مان امدادي سامان غائب آھي، امام الدين چنا لکيو ته هتي موهن جي دڙي ڀرسان هڪ ڪارخاني ۾ مبينا طور سامان لڪائي رکيو ويو آهي، ناگجي پٽيل لکيو ته اسان وٽ سامارو ۾ امداد ناهي ٿي، زاهد کوسو لکيو ته يوسي سمن سرڪار ۾ امدادي سامان ناهي مليو، شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، ظفر رند لکيو ته اسان مقصودو رند ۾ امداد ڏٺي ئي ناهي، نادر سيال لکيو ته بدين ۾ امداد جا گودام ڀريا ويا آهن، اسحاق علي هيسباڻي لکيو ته فيض گنج ۾ گودامن ۽ اوطاقن ۾ سامان لڪايو ويو آهي، عبدالغفار لکيو ته ڳوٺ جي چڱن مڙسن جي اوطاقن تي ڪافي سامان رکيل آهي، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته ميرواھ گورچاڻي ۾ رات جو سامان ورھايو ويندو آھي، احسان علي چانڊيو لکيو ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ متاثرن جي واهر ناهي ڪئي وئي، مور لال لکيو ته اسان جي تعلقي پنوعاقل ۾ فلور ملز ۾ سامان جمع ڪيو ويو آهي، نادر اڪرم چانڊيو لکيو ته اسان جي شهر غلام شاھ موري سرڪار پاران راشن ناهي ڏنو ويو، بلاول سنڌي لکيو ته اسان جي ضلعي ڪشمور ۾ راشن يا ٽينٽ ناهي  مليو، وحيد ڄامڙو لکيو ته يوسي جھنڊو مشائخ ۾ سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن پاران ڪنھن متاثر کي سامان ناھي ڏنو ويو رات جي اونداھي ۾ مختيار جي آفيس مان ٽرڪن جون ٽرڪون روانيون ٿين ٿيون، ڀورا لال بلوچ لکيو ته گھوٽڪي ۾ اسان سان وڏو ظلم آھي اسان جي ڳوٺ دوست محمد حيدراڻي ۾ ڪيترائي مليريا ۾ وٺجي چڪا آھن، نويد عباس کوڙ لکيو ته سجاول ضلعي ۾ ھن وقت تائين عوام کي امداد يا ڪو رليف ڏيڻ بجاءِ ڊي سي ۽ سياسي نمائندا ھڪ ٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، قادر شر لکيو ته تعلقو سنڌڙي بلڪل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، قربان علي لکيو ته پيرومل ۾ غريبن کي سامان ناهي مليو، زاهد راهو لکيو ته اسان وٽ يوسي چيئرمين وائيس چيئرمين ڪائونسلر کي راشن ملي ٿو لڪائڻ بدران پنهنجن ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن، شهمير جمالي لکيو ته سڪرنڊ ۾ لڪل سامان اڃا تائين برآمد ناھي ٿيو، شيراز احمد لکيو ته ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو آهي ته ڊي سي ٽنڊومحمد خان کي 20 ڪروڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ مليا آهن پر متاثرن کي ٽڪو ناهي مليو، خالد تيوڻو لکيو ته ميهڙ ۾ راشن غريبن کي ته ڪونه ٿو ملي، روميصه پروين لکيو ته شڪارپور ضلعي ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي سامان لڪائي ڇڏيو آهي، آفتاب چانڊيو لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ بااثر اڳواڻن جي گھرن،گودامن، شادي ھالن ۽ مختلف ھنڌن تي سامان رکيل آهي، فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ امدادي سامان ناهي مليو، انجان سهندڙو لکيو ته يوسي رحيم آباد خانپور ۾ سرڪاري راشن ناهي آيو، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جي شهر شهدادڪوٽ ۾ به اهڙا ڪيترائي گودام سامان سان ڀريا پيا آهن صرف جج صاحبان جي ڇاپن جي ضرورت آهي، شفقت کوسو لکيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ ته ڪنهن کي ڪجهه به نه مليو پوءِ سامان وڏيرن جي بنگلن ۾ رکيل آهي، ارڏو اترادي لکيو ته امداد درست نموني سان پهچايو پيو وڃي. پر ٻوڏ متاثرن وٽ نه گدامن ۾، عامر علي مهر ، رياض ڪولاچي، مهاوير ٽيڪواڻي، آڪاش پنهور، وقار سهتو، احمد دل، اظهر وسيم شر، نديم ڀٽي، طارق سهتو، غلام شبير مهر، علي گوهر سومرو، علي حيدر لاشاري، قادر بخش زئور، رحيم بخش چاچڙ، ميرخان ٺڪر، ڀورو ساگر، مقصود احمد، امرلال ڀيل، شاهزيب، وحيد بلوچ، ميانداد مري، محمد موسيٰ کٽي، منظور ڪنڀر، خان، خورشيد چنا، ڪامران رند، مظفر لغاري، مظفر لغاري، عثمان علي جتوئي، ايم عيسيٰ لنڊ، سردار لطيف، علي اصغر بخاري، سڄڻ جاني، شبير حسين ڀوت، عادل جت، نياز خاصخيلي، محمد الهيار، منظور علي شيخ، علي عباس قمبراڻي، محمد موسيٰ سرڪي، عالم چند ڪولهي، علي بخش شر ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.