دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ “صاحب” لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ۽ آفيسرن جو عوام سان رويو ڪهڙو هوندو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته صاحب لفظ تي پابندي هجڻ گهرجي ان وانگر لفظ وڏيري تي به پابندي لڳائي وڃي، ڪجهه ماڻهن وري اهو به چيو ته صاحب نه چوڻ سان سرڪاري آفيسن ۾ ڪم نه ٿيندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته بھتر فيصلو آھي پر ان فيصلي جي جي ڪا خاص ضرورت نه ھئي ملڪ ۾ ٻيا به الاھي سارا ٻرندڙ مسئلا آھن ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي ان کان به وڌيڪ ضرورت ھئي لفظ وڏيري تي پابندي لڳائڻ جي جيڪو چڙ ڏياريندڙ لفظ به آھي ۽ ناسور به آھي، ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته ڪورٽ جو بهترين حڪم نامو پر سرڪاري ڪاموري کي صاحب چوڻ ۽ رشوت ڏيڻ کان سواءِ ڪم وٺڻ ناممڪن آهي، سعيد احمد لکيو ته درست فيصلو، سرڪاري ملازم سرڪاري نوڪر هوندا آهن ۽ اسان وٽ انهن کي مالڪ ڪري پيش ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ادرا عوام جا هوندا آهن ۽ مالڪ به عوام هوندو آهي سرڪار خود عوامي نوڪر هوندي آهي، پيار علي چانڊيو لکيو ته سپريم ڪورٽ جا به عجيب فيصلا آھن لفظن جي مٽاسٽا سان ڪا به تبديلي نه ايندي جيڪڏھن صاحب لفظ استعمال ڪجي ته ڀلا ڪھڙو حرج پوندو اصل جيڪڏھن صاحبن ۽ نائبن کي سڌو ڪرڻو آھي ته آفيسن اندر ڪاغذي ڪمن تي نظر وڌي وڃي جنھن سان ڪرتا ڌرتا ظاھر ٿئي باقي صاحب ۽ سائين چوڻ يا نه چوڻ سان ڪو به فرق نه پوندو ويتر ھيٺيون طبقو صاحب نه چوڻ تي عذاب ڀوڳيندو، فياض سنڌي لکيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن سرڪاري ملازم کي صاحب نه چونداسين ته ھو اسان کي لاهي وٺندو اسان مجبور آھيون، گدا حسين لکيو ته سٺو فيصلو آهي صاحب چئي چئي سنڌ تباهي جي ور چڙهي وئي آهي، ڪاظم حسين رند لکيو ته هر آفيسر هڪ جهڙو ناهي هوندو ڪجھه عزتدار محبتي به هوندا آهن ۽ صاحب جو لفظ محبت ونڊڻ وارو لفظ آهي، ذاڪر علي به عدالتي فيصلي جي آجيان ڪئي، قربان علي ميراڻي لکيو ته صاحب لفظ ھٽائڻ مان قوم کي ڪھڙو فائدو صابو ھار لاٿا ڏني ھار پاتا وارو قصو، عنايت الله راهمون لکيو ته چيف جسٽس سٺو حڪم نامو جاري ڪيو آهي ليڪن سادو غريب ماڻهو آفيسرن کي صاحب ۽ سر سر نه ڪندو ته بيهڻ ئي ڪونه ڏيندا پاڻ وٽ سنڌ ۾ نائب قاصد۽ ٻاهر سيڪورٽي وارن کي سر سر ڪندا تڏهن صاحب سا ملڻ ڏيندا، حاڪم لکيو ته مجبوري جو نالو شڪريا آهي بس ماٺ ڀلي آهي، عرفان علي ملاح لکيو ته ٺيڪ آ صاحب نه چونداسين هاڻي سائين چونداسين، ايئن نه ڪنداسين ته ڪم به نه ٿيندو نه، ڄام فقير رند لکيو ته سٺو ٿيو ته صاحب چوڻ تي پابندي لڳائي، توفيق ٿهيم به آجيان ڪئي، سيف الله پنهور لکيو ته عوام کي ڪم ۽ ڪارگردگي گهرجي پوءِ صاحب سڏائين يا وري نوڪر، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته زبردست فيصلو صاحب ڪري ڪري سڄي سنڌ تباھي جي ور چڙهي وئي آهي، نعمت الله راهمون لکيو ته ٺيڪ آھي بس، رياض زرداري لکيو ته ڪورٽ جا فيصلا عجيب آهن مان ڪورٽ جا حڪم بس ڳالهائين تائين محدود سمجهان ٿو.جيڪڏهن صاحب لفظ استعمال ڪجي ته ڀلا ڪهڙو ڏوھ ٿي پيو.ٻي ڳالھه ته آفيسن ۾ صاحب لفظ کان علاوه ڪم به نٿو هلي، ڪم ڪار آفيسن ۾ صاحب لفظ کي مدي نظر رکندي ٿيندا آهن. ڪجھه سرڪاري آفيسن ۾ ڏنڊي جي زور تي آفيسر پاڻ کي صاحب سڏرائيندا رهن ٿا.ڇاڪاڻ ته جنهن کان پوءِ غريبن ماڻهن جا ڪم ٿيندا آهن.صاحب لفظ آفيسر جي مجبوري آهي.اگر ڪم ڪڍڻو آهي ته آفيسر کي صاحب .مقامي وڏيري کي رئيس چئو آٽوميٽڪ ڪم ٿي ويندو. اياز کهاوڙ لکيو ته صاحب ڪو غلط استعمال ٿيندڙ الفاظ ناهي هي صاحب بهترين شخص لاءِ خصوصي ڪوٺيو ويندو آهي. ان ڪري پابندي هڻڻ سان فرق نه پوندو، شاندار مغل لکيو ته زبردست، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ڪورٽ جو فيصلو تمام بهترين آهي پر صاحب وارو لفظ ڪڏهن به زبان مان نه ويندو ڇوجو هر سرڪاري آفيسر هڪ جهڙا ناهن هوندا پر ڪجھ سرڪاري آفيسر ڏنڊي جي زور تي پاڻ کي صاحب سڏرائيندا آهن، نياز انڙ لکيو ته صاحب ،مسٽر ،ميان لفظ استعمال ڪرڻ سان ڪوحرج ناھي سپريم ڪورٽ جي التوا ۾پيل ڪيسن جو ڇا ٿيندو ؟ جنھن جي فائلن تي دز چڙھي وئي آهي انھن جو اڃا تائين نمبر ڪڏھن ايندو ۽ غريب کي انصاف ڪڏھن ملندو سپريم ڪورٽ کي ڪنھن لفظن ۾ الجھڻ نه گھرجي صاحب لفظ عام لفظ آ ان تي پابندي جوڪو جواز ناھي انھي لفظ کي اچارڻ سان نقصان به ڪونھي فائدو به ڪونھي. نثار لنڊ لکيو ته جيڪڏهن ڪو عزت وارو آفيسر آهي ته ان کي صاحب چوڻ ۾ حرج ناهي، پيرل پلي لکيو ته ڪورٽن مان جاري ڪيل يا جاري ٿيل بيان صرف اخبارن جي پنن ۽ پيجن تائين محدود آھن ، عمل بنھه نظر نٿو اچي ، ظهور خان به سروي ۾ حصو ورتو، علي حسن ٽالپر لکيو ته اها سٺي ڳالهه آهي، سٺو فيصلو آهي.