ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته سيٽون ناهن، وڃي چڻا وڪڻو ”جيتريون سيٽون هونديون اوترا کڻنداسين سيٽ ناهي ته ڀلا ڪو ٻيو وڃي ڪم ڪن، چڻا ٺاهڻ سکن ته سٺو ڪمائي سگهن ٿا“ وزير تعليم سردار شاهه جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن صوبائي وزير جي بيان کي نوجوانن جي تذليل قرار ڏنو ۽ سردار شاهه کان بيان واپس ۽ معافي جو مطالبو ڪيو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ جا مالي وسيلا وڪڻي سنڌ جي بجيٽ کي ڪرپشن ذريعي يورپ منتقل ڪرڻ کانپوءِ سنڌي نوجوانن کي روزگار بدلي چڻا کپائڻ مشورو ڏين ٿا، ، طيب انقلابي لکيو ته سردار شاھه کي شڪارپور موڪليو ته گھٽ ۾ گھٽ پنج سئو کان وڌيڪ اسڪول ڏيکاريونس جيڪي استادن جي کوٽ سبب بند پيل آھن، منظور علي زرداري لکيو ته سردار شاهه کي نوڪريون وڪرو ڪرڻيون آهن ؟ رضوان علي لکيو ته 40 پلس پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز چار سالن کان انتظار ڪرائي هاڻي وري چوي ٿو ڇولا کپايو، ڪجه شرم ڪيو، شاهد ميراڻي لکيو ته سردار شاھ ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالھه ڪئي آهي ؟ نوجوانن کي چڻا کپائڻ يا ٺاهڻ مهڻو نه سمجهڻ گهرجي. احمد شر لکيو ته سردار شاھه چوي ٿو STR مطابق کوٽ پوري آ پر ھر تعلقي ۾ 500 کان 1500 استادن جي کوٽ موجود آهي ھڪ استاد کي 200 شاگردن جي حاضري ھڻندي سج لھي ٿو وڃي تعليم ڪٿان ملندي؟ ارشاد ميراڻي لکيو ته سردار شاهه جو بيان تعليم جهڙي حساس ۽ بنيادي شعبي لاءِ انتهائي غير ذميوارانه ۽ مايوس ڪندڙ آهي. تعليم هڪ قوم جي ترقي ۽ شعور جي بنياد آهي ۽ استاد ان نظام جو اهم جز آهن. جيڪڏهن سيٽون نه هجڻ جو مسئلو آهي ته حڪومت کي نيون سيٽون ٺاهڻ، بجٽ ۾ واڌ ڪرڻ ۽ تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، نه ڪي ماڻهن کي چڻا وڪڻڻ جهڙا مشورا ڏيڻ گهرجن. هي بيان نه نوجوانن جي مستقبل تي به منفي اثر وجهي ٿو. اسان کي پنهنجي حڪومتي نمائندن کان وڌيڪ سنجيدگي ۽ تعليمي شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ حقيقي قدمن جي اميد آهي. اشفاق چانڊيو لکيو ته سردار شاهه بيان ڏي ٿو ته نوڪرين جو آسرو نه ڪيو ؟ وڃي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، چڻا کپايو، هن جي مهرباني جو اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو ته وڃي ڪاروبار شروع ڪريو نوڪري نه ملندي، سلام رند لکيو ته اهي مشورا پاڻ وٽ رکي، اسان کي پنهنجو حق گهرجي، موهن لال لکيو ته هائير سيڪنڊري اسڪول ڊينگاڻ ڀرڳڙي بغير تدريسي اسٽاف جي هلي رهيو آهي ۽ شاگرد امتحان پاس به ڪندا آهن تعليم جاري آهي پر بغير استادن جي… ممتاز علي عارباڻي لکيو ته سيد سردار شاهه جو بيان انھن دوستن لاءَ آھي جيڪي 33 کان 39 مارڪن وارا آھن ۽ انھن لاءِ بھتر به اھو ئي آھي ته ھو يا ته وڃي ٻيهر ٽيسٽ جي تياري ڪن يا واقعي وڃي ڪو ڪاروبار ڪن .. باقي زوري احتجاج ڪري نوڪري سا به تعليم کاتي ۾ نه ملڻ گھرجي، صدام سومرو لکيو ته سنڌ جي پڙھيل لکيل نوجوانن تي ٿيل اھڙي ٺٺول جي مذمت ڪجي ٿي، پنهنجا لفظ واپس وٺي، محمد غفور کوسو به ردعمل ڏنو، آفتاب سليمان لغاري لکيو ته غريب ماروئڙن جا ٻار ته چڻا به کپائي پنهنجو پيٽ گذر ڪري ويندا پر ڇا وزيرن،مشيرن ۽ وڏيرن جا سڪليڌا،شهزادا ڀلا ائين ڪري سگھندا..؟ سيٽون رڳو سنڌ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ڪونهن باقي سنڌ جي حڪمران ڌر لاءِ آهن، عبدالوحيد لکيو ته پڙهڻ کانپوءِ نوڪري ملندي آھي پر ھتي پڙهڻ کانپوءِ ڇولا کپائڻ جو تجويز، بشير رضا مهر لکيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ سيد سردار علي شاهه سٺو ڪم ڪري پيوم تعليم جي حوالي سان سندس جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن واقعي جيڪڏهن نوڪريون ناهن ته نوجوان ڪو ڪاروبار ڪن، شاهين سومار لکيو ته سائين کي مسقبل جي استادن جي خلاف اها ٻولي نه استعمال ڪرڻ گهرجي، لفظي عزت نٿو ڪري ته جيڪي چالانن وغيره ۾ اميدوارن پئسا ڏنا آهن انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي ها، ساجد علي لکيو ته شرم اچڻ کپي 33تي پاس ڪري نااهل استاد ڀرتي ڪيا اٿن،عبدالرحمان چانگ لکيو ته ان بيان سان پڙھيل لکيل نوجوانن جي دل آزاري ٿي آهي انتهائي ڪريل ٻولي آهي، ثمينه خان لکيو ته هي پڙهيل لکيل لڳي ئي نٿو، قادرداد شر لکيو ته سردار شاهه جو بيان قابل مذمت بيان آهي اسان جي يوسي ۾ هن مهل به ٽي اسڪول بند آهن ۽ ڪجهه اسڪولن ۾ انرولمينٽ 100کان مٿي آهي ۽ ٽيچر هڪ آهي ان سڀني ڳالهين مان اهو ثابت آهي ته استادن جي کوٽ بهرحال موجود آهي، غلام شبير شر لکيو ته صوبائي وزير سچو کرو ماڻهو آهي رڳو نوڪري تي نه ڀاڙجي ٻيا ذريعا تلاش ڪرڻ گھرجن، الله بخش کوسو لکيو ته پ پ جي حڪمرانن سدائين نوجوانن جي توهين ڪئي آهي، اڳ خورشيد شاهه چيو ته نوڪريون ناهن ڇولا کپايو هاڻ وري سردار شاهه چڻا وڪڻڻ جو مشورو ڏئي ٿو، انهي جي مذمت ڪريون ٿا، لطف سنڌي لکيو ته سردار شاهه جي لفظن سان اميدوارن جي دل آزاري ٿي آهي، گل حسن شر لکيو ته خورشيد شاھه وارو فارمولو چڻن وارا، اهي اسان غريبن جي ريڙهي تان ڪا شيءِ وٺڻ ۾ به عيب سمجهندا آهن، مراد علي لکيو ته وزيرتعليم سردار شاھه پاران ڏنل بيان ته سيٽون ناھن نوجوان وڃي چڻا ٺاھي کپائن سراسر نوجوانن جي تذليل آھي سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ شروع کان وٺي ھلندي اچي سنڌواسين کي پٽيوالي به پيسن عيوض ملي ٿي. گنجي ٺڪر لکيو ته تعليم واري وزير حقيقت بيان ڪئي آهي، سمون عمر فاروق، توفيق شر، عبدالستار ڏاهري، علي خان، امر آڪاش لاکو، مشتاق شارق به سروي ۾ حصو ورتو، علي حاڪم لکيو ته سنڌ جي نوجوانن سان هميشه ويساهه گهاتي ڪري انهن کي اھڙيون بي تڪيون تجويزون ڏنيو وينديون آھن سردار شاهه کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ وزير تعليم سان گڏ مائيننگ ۽ منرلز جو پڻ وزير آھي کيس تعليم جي شعبي کان علاوه سنڌ ۾ ھلندڙ پراجيڪٽن ۾ وسيلا ٺاھي نوجوانن کي روزگار مهيا ڪري ڏيڻ گهرجي. جاويد مريد نهڙيو لکيو ته پ پ جمهوري پارٽي هئڻ باوجود الائي ڇو پارٽي ۾ سٺن باشعور نوجوانن جي موجود هئڻ باوجود لاغرض ماڻهن کي انتهائي اهم کاتا الاٽ ڪري وزير ٿي بڻائي، عمران ، افشان عمير، ثناءُالله چنا، عبدالله کوسو، نجيب الله شر، سمير ٻٻ، سرور ٽالپر، اسد زرداري به صوبائي وزير جي بيان جي مذمت ڪئي، زوار يعقوب علي لکيو ته سيد سردار علي شاھه اڪثر سڌي ۽ کري ڳالھه ڪندو رھندو آھي، ظهور منگي لکيو ته نوجوانن PST ۽ JST جنھن 39 کان 42 مارڪون کنيون آهن MNA۽ MPA جي سفارش تي پنهنجي من پسند ماڻهن کي آفر آرڊر ورهايا هئا…!ڪجھه نوجوان 42 مارڪون کڻندڙ کي آرڊر نه مليا، نوجوانن جي حوصلا افزائي بدران انهن ته تنقيد ڪئي وئي آهي، غلام مرتضيٰ چنا لکيو ته اول ته ويٽنگ ٽائيم وڌايو وڃي ۽ SNE پوري سنڌ جي ڪئي وڃي صرف اوٻاڙي جي ڇو؟ نگران حڪومت دوران 10 مھينا ويٽنگ پيرڊ ضايع ڪيو ويو انجو ازالو ٿيڻ تمام ضروري آھي، مدثر کهاوڙ لکيو ته سائين به چوي ٿو ته ابتا سبتا جواٻ ڏئي مان سوشل ميڊيا تي، الڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڇانيل هجان، سليم نظاماڻي، غلام اصغر، نذير احمد ڀٽي، سهيل احمد مهر، دريا خان چانڊيو، نادر جوڻيجو به سروي ۾ حصو ورتو،مير سنجر خان کوسو، فياض خاصخيلي، گيانچند، عبدالستار، محبوب، ظفر علي به وزير جي بيان جي مذمت ڪئي، غزل پنهور لکيو ته ڇو چڻا وڪڻڻ لاءِ ڊگري حاصل ٿاڪن ڇا ؟؟ توهان وڃي چڻا وڪڻو ڏاڍا ھلندا ۽ سيٽون ڇو ناھن؟ باقي وڏيرن جي پُٽن لاءِ آھن؟ پرديپ چوهاڻ لکيو ته STR سسٽم ڪٿي نظر نٿو اچي. صرف ڳالهيون آهن، منصب علي سومرو لکيو ته غلط ڳالهه ڪئي آهي ان تي معافي وٺي، مبين اڄڻ به معافي جي گهر ڪئي، ابرار پتوجو لکيو ته پوري سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ استادن جي کوٽ موجود آهي str جي حساب سان… سيد اشتياق حسين شاهه لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عوام جي طاقت سان ئي ترقي ماڻيندڙ ان ئي عوام مٿان اھڙا لفظ ٿا استعمال ڪن هي جيترو سوشل ميڊيا تي شعر پڙھندي وڻي پيو ھاڻي اھڙا لفظ ٻڌندي نوجوانن تان ڇا گذري ھوندي اھو پاڻ نوجوان ئي سمجهي سگھون ٿا، منصور علي، صدر شر، غلام سرور کوسو، آسر احمد بلوچ، محمد قاسم رتڙ، بلاول جلالاڻي، شهزاد بهراڻي، شوڪت علي، نندلال، محمد علي سومرو، برڪت علي لغاري، جميل خواجه، مظفر علي، عثمان خان به ردعمل ڏنو، واجب حسين لکيو ته انکي ڪهڙي خبر جيڪي غريب ماڻهو سورن سان پڙهي اچن ٿا وري هي نوڪريون به نٿا ڏين، ساگر بروهي لکيو ته صحيح ته چيو اٿس جن پاس ڪيو انهن کي حق مليو باقي جيڪي 33 مارڪون کڻي به پاڻ کي اھل ٿا سمجهن انھن کي پنهنجي ڪاروبار جي صلاح ڏني اٿس چڻا کپائڻ يا ڪنهن ننڍي ڪم ڪار کي اسان سنڌين ھميشه مشورو نه پر گار سمجھيو آهي جيڪو سراسر غلط عمل آهي. ساگر علي رضا لکيو ته اسان ڊپرائيوڊ 20 تعلقن جي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي آفر آرڊرس مليل اميدوارن سان ته انصاف ڪريو جن کي ستراهن مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين جوائنگ ناهي ملي سگهي. سيف الله پنهور به ردعمل ڏنو، مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته صحيح ٿو چوي نوڪرين جي آسري هزارين تعليم يافته نوجوان بيروزگار مائٽن تي ٻوجهه بڻجي ويٺل آھن اگر هي سڀ ننڍي ننڍو ڪاروبار تي شُروع ٿين ته بهتر ٿيندو، شوڪت علي، سبحان شر به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالرزاق بلوچ لکيو ته افسوس آھي اھڙن حڪمرانن تي نوجوانن کي ذھني ٽارچر ڪن پھريان ٽي سال ويٽنگ ۾ ھاڻي چڻان کپايو، تعلقو رتوديرو جي اسڪولن ۾ استاد اڻپورا آھن، ڪامريڊ عاشق رند، ڪانڀو خان، دريا خان ڏاهري، صالح نوحاڻي، اڪرم علي گجو، خادم ايچ سومرو، سهيل خان شيخ، مير حيدر خان، زاهد حسين، وقاص جان، سخاوت علي، سيد حمير بخاري، صداءُالله چانڊيو، ساگر راءِ، محمد اسماعيل لانگاهه، ڪليم رانا ڀيو، ارباب علي، محمد غفور کوسو، غلام مرتضيٰ چنا، ابراهيم اي، اياز کهاوڙ، وقار يوسف به سروي ۾ حصو ورتو، نثار لغاري لکيو ته افسوس ٿيو آهي ته هڪ وزير جيڪو اديب هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ايتري هلڪڙي ڳالھه ڪري ٿو درحقيقت هي ٿاڦيل حڪمران آهن هنن کي عوام جي حقن جذبن جو ڪو خيال نه آهي، عاقب حسين وسطڙو، سڪندر علي گرگيج، سچل حسن، انجنيئر عرفان علي چنا، راشد چنا ۽ ٻين به صوبائي وزير جي بيان تي ردعمل ڏنو.