سوال/سروي … سال 2023: ڪنهن کي ڏک ته ڪنهن کي وري سک ڏئي ويو، نئين سال ۾ سڀني جون نيون اميدون

0
93

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2023ع اوهان جو ڪيئن گذريو؟ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته ڏک مليا، ته ڪجهه وري چيو ته خوشيون مليون، اهو به چيو ويو ته نئين سال ۾ بهتري اچڻ جي اميد آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ھر سال جيان صرف ڪلينڊر بدليو باقي پاڪستان ۾ حال نه بدلبو نه بدلجڻ جي اميد آھي، علي عباس جمال لکيو ته کوڙ سارن پيارن ساڻ گڏ محبتون ۽ مُرڪون وڃايون سِين. آدم جانيارو لکيو ته بھتر رھيو پر خاص طور تي سنڌ جي عوام جي لاءِ بھتر نه رھيو، ايم صفر گوپانگ لکيو ته سال 2023 ع سٺو نه گذريو برسات متاثر ماروئڙن کي سرڪار پاران هن ڀيري به سکڻا دلاسا ڏنا ويا، مراد علي لکيو ته 2023 سال ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه سٺو رھيو، ديپڪ باغي لکيو ته ويندڙ سال سنڌ جي ماڻهن کي معاشي طور نقصان پهچائي ڏنو آهي، گيس بجلي جا مسئلا رهيا، رياضت عرفان لاشاري لکيو ته گذريل سال غريب مسڪينن لاءِ وڏي عذاب وانگر گذريو، تمام مھانگائي رھي، ڪيترن ئي غريبن خودڪشيون ڪيون، حماد الله خان لکيو ته جي پنهنجو حال ساڳيو آ ته سمجهه سال ساڳيو آ ..!!ڪيلينڊر مطابق سال چينج ٿئي پيو پر ملڪي حالات نه ..!!سڪندر علي لکيو ته سنڌ جي ماڻهن جا ڪهڙا حال هوندا بس… سريس ڪمار لکيو ته سال 2023 ۾ سياسي گرما گرمي جي ڪري عوام مهانگائي کي منهن ڏنو،عالم پالاري لکيو ته ورهين کان ڪوهستان واسي بنيادي سهولتن کان محروم رهيا، لالا جي ايم لکيو ته سٺو سال گذريو، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته صرف آ سال بدليو، ڌرتي ڌڻين جو ڪونه آ حال بدليو، مشاهد حسين لکيو ته پنهنجي زندگي طور تي ته بهتر رهيو! پر سنڌڙي لاءِ نه رهيو ڇو جو سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ليزون ڌارين کي ڏنيون ويون، رضوان لکيو ته بھترين سال گذريو، مظهر علي ٻجورو لکيو ته ڏک سک لاھا چاڙھا زندگي ۾ ايندا ويندا آھن، شاهد پتافي لکيو ته ماشاءَالله سال 2023 ۾ اسان کي ڪربلا سان گڏ مديني جي زيارت به نصيب ٿي، جنيد ڳهيلرو لکيو ته 2023ع ڏکن سورن، تڪليفن، مهانگائي، ٻيا کوڙ سارا مسئلا کڻي وڃي پيو، 2024ع ۾ اميدون آهن. عبدالرحمان چانگ لکيو ته ھر ماڻهو جو هر سال سورن ۾ آھي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سال2023 اسان لاءِ ڪجهه خاص ثابت ڪونه ٿيو،پنھنجا پرايا ھن سال ۾ آزمائي ڏٺا، خالد محبوب لکيو ته سال 2023ع ۾ الله پاڪ پٽ ڏنو، اياز کهاوڙ لکيو ته 2023سال زندگي ۾ گهڻو ڪجھه ڏئي به ويو ته وٺي به ويو. شمس جتوئي لکيو ته 2023 وڏو فائدو ڏنو۽بهترين گذريو انشاالله 2024 ۾ساڳيون اميدون آھن، اسد زرداري لکيو ته 2023 سال ته ڏکيو سکيو گزري ويو پر مهانگائي بيروزگاري وڌي وئي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سال 2023 ڏک تڪليفن سان پڄاڻي ڪئي، 2024ع عالم انسانيت سان گڏ اسان لا به خوشيون آڻيندو،اعجاز پرديسي لکيو ته گهڻو ڪجهه حاصل ڪيوسين ۽ وڃايوسين ڪجهه به نه، قيصر اياز ميمڻ لکيو ته ڪهڙي شڪايت ڪجي وقت جي بادشاهي سان، سال 2023 ڪو خاص ناهي گذريو بس اڳئين سال 2024 ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن، نندلال رتن ڀيل کيو ته سنڌ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا ڏٺا، سڪندر لطفي لکيو ته ڪلينڊر ۾ رڳو نئون سال بدليو بس نه بدليو ته حال نه بدليو، عبدالغفور لکيو ته سال 2023 ع سٺو نه گذريو برسات متاثر ماروئڙن کي سرڪار پاران هن ڀيري به سکڻا دلاسا ڏنا ويا، خميسو سنڌي لکيو ته رب پاڪ جو شڪر آ جيڪو نصيب ۾ ھو اھو مليو، وحيد ڄامڙو لکيو ته 2023 جو سال تباھي وارو سال ثابت ٿيو مھانگائي بدامني بي روزگاري بدحالي عروج تي رھي، باغي صديقاڻي لکيو ته سال نه ڪجهه ڏيئي ٿا سگهن ٿا ۽ نه وري ڪجهه وڃائي ٿا، شڪيل احمد لکيو ته  2024ع ۾ اميدون آهن. وسند چوهاڻ لکيو ته 2023 سان گهڻيون اميد سلهاڙيل هيون وقت جي حڪمرانن ڪيل ڳاٽا ٽوڙ مهانگائي سبب پرائي ڪجهه به ڪونه سگهياسين، فرمان چانڊيو لکيو ته سال بهترين گذريو، امداد علي لغاري لکيو ته مجموعي طور تي هي سال سنڌ جي مسڪين ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو گذريو آهي،  عاشق رند لکيو ته 2023 ڏکيو سکيو ويو گذري ويو، جاويد جان ڪيريو لکيو ته ھي اھو واحد سال آ جنھن جي اذيت پوري زندگي ڀوڳڻي پوندي، مس يو چاچا سائين، سيد ساگر علي شاهه لکيو ته سال سٺو نه لڳو رڳو ڏک ۽ سور مليا ۽ اسان کان اسان جا پيارا وڇڙي ويا، منظور ڪنڀر لکيو ته 2023 وڏو حادثاتي سال رهيو جنهن ۾ خودڪشي جو ريشو خاص ڪري ٿر ۾ سوايو رهيو آهي… ايم آچر ڪنڀر لکيو ته دعا ڪريون ٿا ته 2024 جو سال اسان غريبن جي لا۽ خوشين جو سال هجي، سالم سميجو لکيو ته مجموعي طور تي سال 2023 بدترين مهانگائي، غريب طبقي جي استحصال ۽ ٿر ۾ خودڪشين جي ڀيانڪ صورتحال وارو دردناڪ سال رهيو، بشير بلوچ لکيو ته مالوند توڙي مسڪين ماڻهو تمام گهڻو خوش رهيا، فيض احمد لکيو ته 2023تمام مشڪل سان گذريو، هر ڪنهن پنهنجو ظرف ڏيکايو، يحيٰ جتوئي لکيو ته بس رب جي رضا تي سڀڪو راضي رھي،سروڻ ڪمار لکيو ته اميد ٿا ڪريون ته نئون سال خوشيون آڻي، ايم طيب ڪيريو لکيو ته تمام گهڻو ڏکيو گذريو، محمد علي جوکيو لکيو ته ذاتي طور سال 2023 کي مون علمي شعوري ڪم ڪرڻ سان گذاريو، وڏو ڏک ھي مليو ته منھنجو بابا سائين لاڏاڻو ڪري ويو، بابر وساڻ لکيو ته  زندگيءَ گذارڻ جا کوڙ سارا سبق حاصل ڪيا آهن، گل حسن شر لکيو ته ڪاش سال تبديل ٿيڻ سان ماڻھن جي سوچ ۽ رويا به تبديل ٿين ھا،نويد عباس ڪلهوڙو لکيو ته سڀ ڪجھه وڃائي ڪجھه به حاصل نه ڪيو، نعمت الله نهڙي لکيو ته اميد ته نئون سال سٺو گذرندو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته الحمدالله ذاتي حساب سان ھي سال تمام خوبصورت يادون ڇڏي ويو امڙ جي دعائن بابا سائين جي پيار سان زندگي جي وڏي خواھش پنھنجو گھر ٺاھڻ جي پوري ٿي، جميل اسد شر لکيو ته سٺو سال گذريو، اويس احمد لکيو ته پنهنجي محنتن ساڻ ڪالم نويس جي نالي سان پڪاريندو رهيس، شيراز احمد لکيو ته  مون کي پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو. خاموش خليل شر لکيو ته بهترين سال رهيو، سلمان سنڌي لکيو ته ان سال مونکان منهنجي ڀائرن جهڙو دوست کسي ورتو هي سال زندگي جو دردناڪ سال گذريو، لڪي خليل احمد لکيو ته ان سال ۾ ڪيئي ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان رهيا، گلاب خاصخيلي لکيو ته اڻ وسرندڙ سبق حاصل ڪيو، الهڏنو بلوچ، غلام ياسين، محمد اسماعيل لانگاهه، اشفاق چانڊيو، قاسم خاصخيلي، انيس معاويه جتوئي به راءِ جو اظهار ڪيو، ماجد پلهه سنڌي لکيو ته سال 2023 بدترين گذريو ھن سال ۾ پنھنجي بابا کي وڃايو، عبدالستار پليجو لکيو ته سال 2023تمام خراب گذريو، مهر قربان علي لکيو ته تمام ويجها پيارا وڇڙي ويا، خير محمد جمالي لکيو ته غريبن لاءِ ڳرو سال رهيو، مڪيش ڪمار لکيو ته وڏي تڪليفن وارو سال رهيو، غلام رضا جمالي لکيو ته دبئي جو سفر ڪيم، مبين اڄڻ لکيو ته 2023 سال مجموعي طور تي منھنجو سنڌ واسين جيان ڏکن تڪليفن امن انصاف جي اوسيئڙي ۾ گذريو، گذريل سال منھنجو ادبي حوالي سان تمام شاندار يادگار رھيو جنھن ۾ منھنجا ٽي گڏيل شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا، عرفان علي ملاح لکيو ته ٻوڏ ۽ مهانگائي مون سميت ڪروڙين سنڌين جي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي، سيف الله پنهور لکيو ته سال مٽجن ٿا پر سور ساڳيا رهن ٿا، اڪبر چانڊيو لکيو ته بابا جاني جدائي ڪري ويو، نادر علي اڄڻ لکيو ته سال به ساڳيا، سور به ساڳيا، باغي شير گبول لکيو ته سنڌ تي ڌارين جي يلغار، ڪارونجهر جي ڪٽائي، سنڌ جي زمينن تي قبضا، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ ماڙي جلباڻي جهڙا قيامت خيز منظر ۽ ٻيا ڪافي سارا ڏک ڏيئي سال ويو، شريف ڪنڀر لکيو ته سال 2023 ۾ ٿرپارڪر ۾ ڪيترن ئي بيزورڳار نواجونن خودڪشيون ڪيون ۽ ڪيترن ئي پڙھڻ ڇڏي ڏنو، حيدر مستوئي لکيو ته سال 23 سموري ملڪ بالخصوص سنڌ لاءِ انتهائي ڏکيو گذريو، سنڌي صحافت جو وڏو نانءُ سنڌ جو شعور سڏيو ويندڙ شهيد جان محمد مهر کي قتل ڪيو ويو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته جيڪو مقدر ۾ لکيل هو اهو ئي مليو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي لکيو ته سنڌ لاءِ اھنج ۽ ايذاءَ رھيا ڌارين جي يلغار وڌي ملير کان کير ٿر تائين جابلو زمينن تي قبضا مافيائن سرڪاري سرپرستي ۾ ولار وڌائي بک ڪروڙين انسانن کي بي حال ڪيو سوين قومي ڪارڪن غائب رھيا، معصوم ٻار اغوا ٿيا ڌاڙيل راڄ ويل وھايا، نادر شر لکيو ته سڪرنڊ واقعو، ٻوڏ متاثر دربدر ڏٺاسين، زوار مختار حسين آزاد لکيو ته سال 2023 ۾ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام غلط فيصلا ڪيا، ھاءِ ڊپريشن جو شڪار رھيس، اميد آھي ته ايندڙ نئي سال ۾ بھتري ايندي،روشن داس لکيو ته سال 2023ع تمام سٺو گذريو،  نقاش پيرزادو لکيو ته هي سال به شادي بنا گذري ويو، ليلا رام، وحيد شر، نقاش پيرزادو، وحيد مستوئي به سروي ۾ حصو ورتو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ھي سال به احتجاج ڪندي گذري ويو پر ايس آر پي فورس جي ڀرتي ۾ انصاف نه ٿيو، گلشير سومرو، مير ڀورل رستماڻي، امير گاڏهي، جاويد علي، عاشق شر، محمد يوسف خان، ارشد علي مري، راجا رميش، آزاد ڪيريو، ڄام فقير رند، عابد علي سومرو، مھراڻ سنڌي، فرقان علي سمون، راڻا رنجيت راءِ ڀيل به سروي ۾ حصو ورتو، ڪيلاش ڪمار ڪولهي لکيو ته 2 ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏني 2 دفعا ٽيسٽ ليڪ ٿي، پوءِ نرسنگ جي ٽيسٽ ڏني بي ايس اين ۾ سليڪشن ٿي وئي آھي، علي ميمڻ لکيو ته بابا جاني وڇڙي ويو، عمران رستماڻي، شاهد علي، علي رضا شر، مدثر منور علي، امير علي،عبدالڪريم، مولائي ظهير شر، ظفر اشرف، اياز بلوچ، عائشه سنڌي، نور احمد راهو، احسان عيسيٰ، توفيق مهر، جاويد جمالي، اقبال رند،اويس احمد، شهباز ٻجورو، اشرف پليجو، عبدالڪريم بلوچ، شير محمد، آر بي سنڌي، پرٿوي چوهاڻ، شنڪر سنگهه راٺوڙ، علي مراد لاشاري، عمر خان، محراب علي سمجيو، راجو ٺڪر، عامر ممتاز، احمد علي، نواب الدين چانگ، نماڻو نوناري، اي حليم چنا، زبير جتوئي، سمير احمد، محمد علي، محسن جلباڻي، شاهين سومار، عمران گاڏهي، محمد صديق نوناري، مير شاهد سنڌي، فياض سنڌي، محمد عالم جوڻيجو، طارق حسيني، خادم کهڙو، رشيد سميجو، قربان ميراڻي، نمرا فاطمه، طالب البلوشي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.