سوال/سروي … رليف ڪڏهن ملندو ؟ اعلان ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، وزيراعظم ڳالهين بدران عمل ڪري: عوام

0
16

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس چور ۽ سندن سهولتڪار پڪڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته معاشي استحڪام حاصل ٿي رهيو آهي، هاڻي عوامي رليف ڏيو: وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا عوام کي رليف ملندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن وزيراعظم جي ڳالهين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته سدائين رليف جون ڳالهيون ٻڌيون آهن پر هيل تائين ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، ٽيڪس چوري ۾ به لاڳاپيل اداري جا ماڻهو ۽ حڪمران ملوث آهن، بار وري عوام تي پوي ٿو، سروي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڳالهيون ڪرڻ بدران عمل ڪيو وڃي عوام کي رليف ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالله کوسو لکيو ته اسانجي ملڪ جو قانون طاقتور لاءِ سنھي ڄار ۽ مسڪين ماڻھن لاءِ سخت زنجير آھي انـڪري ھتي چڱائي جي اميد رکڻ ئي نه گھرجي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته اليڪشن کي وقت گذريو آهي چونڊيل موجوده حڪومت عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏئي سگهي باقي اعلانن لاءِ رستا حڪومت وٽ آهن جيڪي اعلانن تائين رليف ڏيڻ سلسلو جاري آهي. هاشم مري لکيو ته رليف معنيٰ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، اميد رکڻ بيڪار آھي ڪجھه به نه ملندو، طيب انقلابي لکيو ته ڪجھه نه ٿيندو، وزير اعظم جو اھو پھريون بيان ناھي جنھن تي عوام يقين رکي ايترا ڪيئي بيان جاري ٿي چڪا آھن، جنھن تي عمل نه ٿي سگھيو آھي. عرفان لاشاري لکيو ته پهريان ڪهڙو رليف ڏنو آهي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪُجھه ڪو نه ٿيندو، اهڙا اڻپورا بيان حڪومت هر روز جاري ڪندي آھي ليڪن عمل ناهي ڪرائيندي، حڪومت کان رليف جي اُميد رکڻ ٻٻرن کا ٻَيُر کان ٻير گھُرڻ برابر آھي، حضور بخش ويسر به سروي ۾ حصو ورتو.  ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته صرف رليف ۽ رليف ڏنو ويندو اهي اعلان ٿيندا آهن پر عوام کي رليف مليو ناهي ڏينهون ڏينهن پيٽ پالڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم بڻجي ويو آهي وزيراعظم اهيو پندرنهن دفعو بيا ڏنو هوندو ته عوام کي رليف ڏنو ويندو ڏينداسين پر ڪٿي آهي اهو رليف؟ ٽيڪس چورن جي ڪنڌ ۾ رسو وجهڻ سرڪار جو ڪم آهي عوام جو پر هن ظالم دور ۾ بي ايمان چور امير ٿيندا وڃن محنت ڪش مزدور ماني کان محروم ٿيندا وڃن وزيراعظم مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ۽ ٽيڪس چورن خلاف سخت قدم کڻي انهن جا جيڪي سهولتڪار آهن اهي به سزا جا حقدار آهن، محمد حنيف لکيو ته عوام کي رليف ڏيڻ رڳو ڳالهيون ڪرڻ آهي ٽيڪس چور وڏيون وڏيون ڪمپنيون آهن جيڪي پروڊڪشن کي گهٽ ٻڌائي سيلز ٽيڪس سميت پئسا چوري ڪن ٿيون انهن سان ايف بي آر وارا به ٻٽ بڻيل آهن، ڪمپنين جا ملڪ حڪومت ۾ آهن انهن کي پڪڙڻ گهرجي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، حميرگل راڄپر لکيو ته ڏسجي، باقي آهي مشڪل.. سميت ڪمار لکيو ته رليف جو نالو ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، ڪڏهن گئس ۾ رليف ته ڪڏهن بجلي ۾ رليف جون ڳالهيون ڪن ٿا، ڪڏهن پيٽرول جي مد ۾ رليف جون ڳالهيون ڪن ٿا، جيستائين ملڪ مان ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيستائين عوام کي رليف نه ملندو، بس اعلان ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن.  جاويد احمد لکيو ته عوام انهن جي ترجيح ناهي هي جنهن سان معاهدا ڪري آيا آهن انهن کي فائدو ڏيندا.