ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته خارش ۽ چمڙي جون ٻيون بيماريون وڌي ويون، اوهان جي علائقي جي ڇا صورتحال آهي؟ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ميسر آهي؟ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي علائقن ۾ خارش جي بيماري عام ٿي وئي آهي، صحت کاتو ننڊ ستل آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون ناهن، پرائيوٽ اسپتالن تي به مهانگو علاج ٿئي ٿو، سرڪاري اسپتالن ۾ دائون نٿيون ملن، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور قدم کڻي، خارش کان بچاءَ لاءِ طبي ڪيمپون لڳايون وڃن، ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن، اسپتالن ۾ علاج مهيا ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ظهور احمد منگي لکيو ته سرڪاري اسپتالن صرف ڪرپشن آھي، عوام کي ڪوبه رليف نٿو ملي…! ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان جي علائقي ۾ به خارش ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون آهن پر سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ناهي پرائيوٽ وارا ڌاڙيل آهن، اورنگزيب لغاري لکيو ته اسان جي علائقي ۾ خارش ۽ ٻيون بيماريون ڏاڍيون زور وٺي ويون آھن ۽ سرڪاري دوائون اثر ئي ڪونه ٿيون ڪن، منهنجن سئوٽن حب علي لغاري ۽ يامين لغاري کي مان خارش جي دوا لاءِ ڪنگري سول اسپتال پيرجوڳوٺ وٺي ويو هيس انهن ڊاڪٽرن پرائيويٽ اسٽور لاءِ پرچي لکي ڏني اتان دوا ورتي پر اتان به فائدو ڪونه پيو، امتياز لغاري لکيو ته ضعلي ٽنڊوالھيار تعلقي چمبڙ يوسي لانڍي جي صورتحال اھڙي آهي جو بيماريون ڦھلجي ويون آھن اتي برساتي پاڻي بيھڻ ڪري بيماريون ٿيون آھن، اسپتالن ۾ ڪو به رليف ناھي باقي ھن حڪومت کان مطالبو ڪرڻ ٻٻرن ما ٻير گھرڻ برابر آھي، الله ڏنو راهمون لکيو ته سجاول ۾ سرڪاري اسپتال فقط پگھارون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آھن اسپتال جي وڏي بلڊنگ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري ماڻھو جو علاج لاءِ ارواح کڄي ويو ٻه ھمراھه فقط رفر ليٽر لکڻ لاءِ موجود ھجن ٿا، نديم حسين ميمڻ لکيو ته خارش به وڏي بيماري آهي ڪو علاج نه سنڌ گورنمينٽ وٽ نه گوري نه ڪا دوا آهي وري مليريا جي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ ڪا سهولت نه آهي نه مليريا جي بيماري جي روڪٿام لاءِ ڪو انتظام نه ڪيو ويو آهي نه مڇر مار اسپري نه ڪا مڇر داڻي، بس هيلٿ کاتو ننڊ ستل آهي غريب مسڪين تڙپندا رهن ٿا، مظفر شبير بوزدار لکيو ته سنڌ جي گورنمينٽ اسپتالن ۾ وڏي رش لڳي پئي آهي انتظاميا جو حال ناهي بوزدار وڏا ۾ نزلو زڪام بخار مليريا هتي عام جام آهي، سجاد شر لکيو ته کپرو تعلقي جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ماڻهو ۾ کل جي خارش تمام گهڻي آھي هڪ ته تعلقي اسپتال علاج جي ڪا به سهولت موجود ناهي ايتري قدر جو پيناڊول ٽيبليٽ به ناهي. تعلقو کپرو سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ تعلقو آھي هن تڪ جي چونڊيل شازيه مري اليڪشن ٽائيم ھر ننڊي وڏي ڳوٺ ۾ ماڻهن کان ووٽ وٺڻ بعد لڙي تڪ جي عوام جي سار ناهي لهندي، مير باقر لکيو ته دادلغاري ۽ ڪينجھر پتافي ۾ مليريا ۽ خارش سبب ڪيترائي ننڍڙا توڙي وڏا ماڻھو ھن بيماري ۾ وڪوڙيل آھن خبر ناھي صحت کاتو گھوٽڪي کي ڪروڙن جي ملندڙ فنڊ خبر ناھي ھو ڪنھن مٿان استعمال ڪئي پئي وڃي، موجوده برساتن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ سبب ٻھراڙي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ خارش سان گڏ مليريا پکڙجي چڪي آھي، مليريا بيماري مٿان سنڌ سرڪار ضلعي گھوٽڪي جي صحت کاتي کي بيمارين مٿان ڪنٽرول لاءِ فنڊ ڏيندي آھي پر صحت کاتو ڪٿي به عملي ڪم ڪندي نظر ناھي ايندو جنھن سبب غريب مسڪين ماڻھو علائقي ۾ ويٺل عطائي ڊاڪٽرن جون ڳريون فيسون ڀرڻ تي مجبور آھن، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ٻھراڙي وارن علائقن ۾ خارش ۽ مليريا کان بچاءَ لاءِ اپاءَ وٺي ٻي صورتحال ۾ ھي بيماريون گھٽجڻ بجاءِ وڌن پيون، منٺار شاهاڻي لکيو ته ٻوڏ سٽيل ڪاڇي ۾ خارش، مليريا بيماري جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسلن واهي پانڌي ڇني ٽنڊو رحيم خان شاھه حسن ۾ ڦهلجي وئي آهي، خناق جي موذي مرض وگهي ٽي کان چار ٻارڙيون واهي پانڌي ۾ فوت ٿي ويون آهن، وزير صحت سيڪريٽري صحت ۽ ٻين کان مطالبو ڪيون ٿا ته دادو ضلعي ۾ صحت ايمرجنسي لڳائي ڪاڇي جي هر ڳوٺ ۾ موذي مرضن جون ويڪسينون ڪرايون وڃن جيڪي ڳوٺ ويڪسين کان رهيل هجن حد جي ويڪسينٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گلن جهڙن ٻارڙن جون زندگيون بچايو وڃن، اظهر مصطفيٰ لکيو ته خارش جي بيماري تمام گھڻي ٿي وئي آهي سرڪار طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن اسان پنهنجي طرفان جام علاج ڪرايو آهي پر سڀ ڪجهه وقتي طور فائديمند آهي وري ساڳي حالت ٿيو وڃي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ھينئر ئي ان بيماري جي علاج لاءِ قدم کڻي ٻي صورت ۾ ھن کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ ڪونه ھوندو، امير علي لکيو ته حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا، اسد زرداري لکيو ته اسان جي علائقي ۾ خارش ۽ چمڙي جون ٻيون بيماريون وڌي ويون آھن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آھن پرائيويٽ دوائون مھانگيون آھن جيڪي غريب نٿا وٺي سگھن، سرھاڙي جي مختلف علائقن ۾ خارش سبب ڪيترائي ننڍڙا توڙي وڏا ماڻھو ھن بيماري ۾ وٺجي ويا آھن، ضلعي سانگھڙ ۾ صحت کاتو بلڪل خاموش آھي موجوده برساتن جو گندو پاڻي اسان جو يوسي ۽ شھر مان نيڪال نه ٿيڻ ۽ مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ سبب ٻھراڙي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ خارش ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين منھن ڪڍيو آھي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته جلد سرڪاري اسپتالن ۾ خارش ۽ ٻين بيمارين جون دوائون مھيا ڪن ته جيئن ٻھراڙي وارن علائقن ۾ خارش جي بيماري تي ڪنٽرول ڪيو وڃي تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته ھي بيماريون گھٽجڻ بجاءِ وڌي وينديون، ولي محمد لکيو ته اسان جي علائقي ۾ خارش تمام تيزي سان ڦهجي رهي آهي حڪومت کي صحت نظام کي بهتر بڻائڻ گهرجي، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته اسان جي ضلعي گھوٽڪي ۾ ٻه وڏيون ڀاڻ جون فيڪٽريون آھن انھن جو زھريلو پاڻي مختلف واھن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ سبب ڪيتريو ئي وبائي بيماريو جنم وٺن ٿيون جنھن ۾ اڪثر چمڙي جون بيماريون عام آھن ۽ ھتي جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آھي ھتان جي غريب عوام کي ڌڪن ۽ ٿاٻن کا سوائي ٻيو ڪجھه به ناھي ملندو اسان جي ضلعي گھوٽڪي ۾ سرداري سسٽم ھجڻ ڪري غريب عوام پريشاني ۾ مبتلا آھي اسان حڪومت کان اھو مطالبو ڪيون ٿا جلد حفاظتي مرڪزن تي دوئوان مھيا ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته حڪومت کي قدم کڻڻ کان بھتر آھي اخلاقي طور اسان جي جان ڇڏي اسين ھاڻ نه بيمارين تائين نه بدامني تائين بس گذارش آھي ته هي هليا وڃن علاج به غريب ماڻهن جو پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٿئي پيو، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي پي پي ايچ آر سي سينٽر تي ڪافي دوائون پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن بيماريون عام ٿي ويون آهن ملڪ اندر غريب مسڪينن علاج ڪرائڻ لاءِ متاثر آھن، عبدالقيوم لغاري لکيو ته ماتلي سوڌو سنڌ جي عوام وٽ سواءِ سورن جي ٻيو ڪجھه به ڪونھي نه ڪا صحت جي سھولت آھي ۽ نه ٻي ڪا سھولت آھي سنڌ گورنمينٽ دعويٰ ته وڏي ٿي ڪري ته ھيلٿ ايمرجنسي آھي پر عملي طرح سان ڪابه سھولت ڪونھي صحت جي سڄي بجيٽ ڪامورا ۽ ڊاڪٽر کايو وڃن…. امتياز جمالي لکيو ته سرڪاري اسپتالن اندر ڪا به سھولت نه ٿي ملي عوام کي، مصطفيٰ ميمڻ به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالخالق لکيو ته خارش جو مرض ماڻھن لاءِ عذاب بڻيل آھي اسپتالن ۾ان جو ڪو علاج ڪونھي، خارش جي مرض جون دوائون مهانگيون آھن، چمڙي جي ڊاڪٽرن جا پنهنجا کان کانچا آھن انھن جي لکيل دوا انھن جي مخصوص اسٽور کانسواءِ ٻي ھنڌان نه ٿي ملي ۽ انھن جي دوا جو ڪورس ٽي چار ھزار کان ھيٺ ڪونھي، سرڪار ماڻھن تي رحم ڪري ، انھن جي دردن جو درمان ٿيڻ کپي. سميت ڪمار لکيو ته خارش ۽ بخار جو وائرس هلي رهيو آهي، هڪ ته موسم چينج ٿي رهي آهي، ڪجهه احتياط ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي به فوري طور قدم کڻڻ گهرجن، اسپتالن ۾ سهولتون ڏيڻ گهرجن، علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائڻ گهرجن.