ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج: حڪومت پاران رنڊڪون: آخرڪار ٿيندو ڇا؟ ان سموري صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪراءَ ۾ عام ماڻهو پريشان ٿي رهيو آهي، لڳي ٿو ته عمران آزاد ٿي ويندو ۽ حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته حڪومت عمران کان ڊنل آهي جنهن ڪري ايتريون سختيون ڪري رهي آهي، عمران کي آزاد ڪرڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي پاليسي الڳ ٿي وئي آھي، عمران خان ڊيل ڪرڻ واري پوزيشن ۾ آھي، ۽ ڌرڻا هڻندڙن سنگت ڪنھن کي ڪجھه سمجھي نٿي جنھن جا نتيجا اھڙا نڪرن ٿا، ھن صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي روڪڻ گھرجي پر کين گرفتار نه ڪرڻ گھرجي. بشير ميراڻي لکيو ته هتي ائين ئي ٿيندو رهندو آهي ته جيڪو به حڪمران ايندو، ڪرپشن ڪري پنهنجو پيٽ ڀرڻ سان گڏ مال ڪمائي ٻاهرين ملڪ موڪليندو آهي ته پوءِ ردعمل لازمي ٿيندو. عمران خان اڳ حڪومت جي دور ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، هن حڪومت به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته لازمي طور تي ماڻهو احتجاج ڪندا. مظهر انور جتوئي لکيو ته ھن ڀيري احتجاج تمام گهڻو مضبوط آهي حڪومت کي پوئتي ھٽڻو پوندو ڪرپٽ حڪمرانن نه ٿا چاهين ته عمران خان آزاد ٿئي انھن جا ڪارناما ظاهر ٿين پر ھن ڀيري انهن جي چالاڪيءَ نه ھلندي عوام سمجهي ويو آهي ته چورن ۽ ڪرپٽن جو ٽولو آهي جيڪو اقتدار ۾ موجود آهي، ثناءُالله مشوري لکيو ته ڏسو انھي ۾ صرف ٽي ڳالھيون ٿينديون نمبر 1 يا ته عمران خان آزاد ٿيندو، نمبر 2 يا ھي سڀ خالي واپس موٽي ويندا، نمبر 3 يا مارشل لاء ڪيو ويندو، بهرحال اسان جو اھو ئي مطالبو آ انھن سڀني جي ڪري عوام پريشان آهي مسئلي کي ملي ڪري حل ڪن جئين عوام سک جو ساھه کڻي ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، علي بخش شر لکيو ته حڪومت ڌر جيتريون سختيون ۽ پوليس نفري ۽ پالسيون پي ٽي آءِ خلاف استعمال ڪري پئي سندس اهي طريقا ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف استعمال ڪري ته سنڌ جي ڪچي سميت ٻين صوبن جي نوگو ايريا جي صورتحال بهتر ٿي پئي، احتجاج ڌرڻو قانون موجب حق بڻجي ٿو انهي کي ڊيل ڪرڻ بهتر عمل آهي عمران خان جي آزادي ۾ حڪومت کي تڪليف ڪهڙي آهي؟ خير ڏنو مڱريو لکيو ته فساد کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿيندو حڪومتي فيصلو درست نه آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي معشيت جو وڏو نقصان ٿيندو عام ماڻهن جي زندگي به وڌيڪ متاثر ٿيندي، ايوب کوسو لکيو ته لڳي ٿو عمران جي آزادي ممڪن ٿي چڪي آهي باقي حڪومت ۾ ڪرپٽ ٽولا آھن انھن جي مجبوري آهي عمران کي جيل ۾ رکڻ، اگر عمران آزاد ٿيو ته ھنن جي آخري حڪومت ڏسڻ امڪان نمودار ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن، ساجد علي سومرو لکيو ته ملڪي حالتون سٺيون ناهن پي ٽي آءِ جي احتجاج سان حڪومت لاءِ وڏا مسئلا درپيش آھن ٻئي پاسي وڌندڙ مهانگائي بيروزگاري بدامني عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي عوام حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آھي حڪومت جو ھلڻ ھاڻي ڏکيو ٿي ويو آھي، دايو صاحب لکيو ته بيروزگاري سبب هر ماڻهو مري رهيو آهي، عامر مگسي لکيو ته عوام جي ڪاميابي ٿيندي، جوڻيجو سيف الله لکيو ته انشاءَالله عمران آزاد ٿيندو، اشفاق چانڊيو لکيو ته خان صاحب آزاد ٿئي ته تمام ڀلو ڪم ٿي ويندو پوءِ ملڪ ۾ ڏڦير نه ٿيندو، منور ناٿو لکيو ته انشاءَالله عمران آزاد ٿيندو، سڪندر علي گرگيج لکيو ته عمران خان کي بيگناهه قيد ڪيو ويو آهي عوام عمران خان کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو، عمران خان سان عوام گڏ آهي عوام جو وڏو انگ عمران خان سان گڏ آهي عمران خان کي آزاد ڪرڻ گهرجي نه ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، نثار لغاري لکيو ته اصل قوتن وچم ويڙهه شديد ٿي چڪي آھي لڳي ٿو هي هائبرڊ رجيم ختم ٿيڻ واري آهي.