سوال/سروي …. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهين کي عمران جي آزادي تي بريڪ لڳندي ؟ ڊيل بابت عوام ڇا ٿو چوي ؟

0
20

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ گالهيون ڪامياب ٿينديون؟ عمران خان آزاد ٿيندو؟ ڪهڙي ڊيل ٿيندي؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون عمران جي آزادي تي اچي رڪجنديون، پي ٽي آءِ جو ضد آهي ته عمران کي آزاد ڪيو وڃي ۽ حڪومت کيس آزاد نه ڪندي، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته حڪومت عمران کي آزاد ڪندي، ڳالهيون ڪامياب وينديون، عمران ڊيل ڪندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منصور علي سومرو لکيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿينديون عمران ڊيل تحت آزاد ٿيندو. ٻيو ته پي ٽي آءِ ۾ به ڌڙابندي ٿي وئي آهي ۽ تحريڪون به هنن جون ناڪام ٿي ويون آهن. هاڻي عمران کي ڊيل کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو آهي. طيب انقلابي به سروي ۾ حصو ورتو، اعجاز پرديسي لکيو ته عمران خان جي آزادي ۾ ته ھي جھيڙو ھي قتل عام ھلي پيو مونکي لڳي ٿو حڪومت پي ٽي آءِ جو ھر شرط مڃيندي سواءِ عمران خان جي آزادي جي، حڪومت کي ھاڻي ضد انا ۽  انتقام ڇڏڻ گھرجي، عمران خان کي آزاد ڪرڻ گھرجي، عمران خان جي آزادي ملڪ ۾ سياسي معاشي استحڪام آڻي سگھي ٿي، عمران خان جي آزادي ملڪ جي بھتري لاءِ ضروري آھي،  ذبيح الله جتوئي لکيو ته ملڪي ۽ عالمي صورتحال مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪامياب ٿي عمران خان جي آزادي تي ختم ٿينديون ڊيل ۾ ڪجهه مطالبن ۾ نرمي تحت ڏي وٺ ڪئي ويندي، ايوب کوسو لکيو ته عمران جي آزادي ٿيڻ ملڪ جي بھتري طرف اميد آھي ڇو اھو ثابت آھي عمران کي جيل ۾ رکڻ موجودا حڪومت ھٿ جي راند ھئي منھجو ذاتي راءِ آهي ته عمران آزادي کان پوءِ اپوزيشن ۾ ويھي اليشڪن جو ماحول ٺاھي ته بھتر ھوندو،  ارشاد علي سميجو لکيو ته تاريخ شاهد آهي ته عروج جو زوال آهي، نواز شريف ۽ زرداري جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي  آهي، فضل انڍڙ لکيو ته عمران خان ڊيل نه ڪندو، ھن کي ڪيترائي ڀيرا آڇون ٿيون آھن. سرڪار سان ڳالھيون ھلي نه سگھنديون. ممتاز علي مهر لکيو ته عالمي پريشر سبب جڳاڙي حڪومت ويچاري سخت پريشان آهي مڙئي ڳالهين جو ڊرامو رچائي عمران خان مان هٿ ڪڍندا ته جيئن عوام ۾ ڪجهه عزت بچي پوي، طاهر مري لکيو ته ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي سڪون جي زندگي گذاريندو. نظير احمد ڀٽي لکيو ته ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو، ان کي ڦاهي ڏني وڃي، توحيد راڄپر لکيو ته انشاءَالله عمران خان ۽ شاهه محمود آزاد ٿيندا، فراز ٽالپر لکيو ته عمران خان مسلم امه جو بهادر اڳواڻ آھي جلد آزاد ٿيڻ گھرجي، علي شير ڪنڀر لکيو ته ڊيل ڪامياب ٿيندي عمران خان آزاد ٿيندو عمران خان جي آزادي ملڪ لاءِ بهترين فيصلو ٿيندو، عبدالستار ملڪ لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ٻئي بيوس آهن انهن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، عمران خان کي جيل ۾ وجهڻ واراٻيا آهن اهي جڏهن چاهيندا ته عمران آزاد ٿيندو، ثناءُالله مشوري لکيو ته جيسيتائين اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين تي راضي نه ٿيندو عمران خان تيسيتائين آزادي جي سوچ پنھنجي ذھن مان ڪڍي ڇڏي، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته منھنجي خيال ھي ڳالھيون مڙئي ٽائيم پاس ۽ روئيندڙ ٻار کي ريجهائڻ وارو ڪم آھي .. ڇو ته ھن ڳالھين پٺيان خان جو راضپو ناھي ڇو ته ھو بس جيل مان نڪرڻ کانسواءِ ڪابه ڳالھه ڪرڻ نه چاھيندو ۽ جيل مان نڪرڻ ايترو آسان ڪونه اٿس .. ياسر عرفات لکيو ته سياستدان سڀ هڪڙي پيسي جا ٻه پاسا آهن. عوام اجايو استعمال پيو ٿئي،سياسي ليڊر مفاد خاطر استعمال ڪري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا. ولي الله جمالي لکيو ته منھنجي خيال ۾ ھي ڳالھيون مڙئي ٽائيم پاس ۽ روئيندڙ ٻار کي ريجهائڻ وارو ڪم آھي .. ڇو ته ھن ڳالھين پٺيان خان جو راضپو ناھي ڇو ته ھو بس جيل مان نڪرڻ کانسواءِ ڪابه ڳالھ ڪرڻ نه چاھيندو ۽ جيل مان نڪرڻ ايترو آسان ڪون اٿس .. ممتاز سميجو لکيو ته آزادي ڊيل کانسواءِ ناممڪن بڻجي چڪي هئي آزادي کانپوءِ نرمي ٿيندي، حنيف رضا بلوچ لکيو ته جن وٽ اصل طاقت آهي اهي ڳالهين لاءِ تيار ناهن هي رسمي ڳالهيون آهن ڪجھه نه ٿيندو جيڪڏهن ٿيڻو هجي ها ته مذاڪرات شروع ٿيڻ سان پي ٽي آءِ خلاف جاري ڪريڪ ڊائون ۾ نرمي اچي ها پر اهڙي ڪابه صورتحال نظر نه پئي اچي ويتر سختيون انهن مٿان وڌن ٿيون، دلاور سميجو لکيو ته ڳجهيون قوتون ٻنهي پاسي ڳالهيون ڪرائن پيون، بشير رضا مهر لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ ڳالهيون ھلندڙ آهن حڪومت ويچاري ته مون وانگر بنا پاور جي ھلي ٿي، حر سمون لکيو ته اقتدار جا اصل واڳ ڌڻي چاهين ٿا ته آزاد ٿي ويندا، سمير احمد لکيو ته حڪومت جون ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن جلد عمران خان جيل مان آزاد ٿيندو. بشير احمد خان، راحب سولنگي، راشد اڄڻ، نور آفتاب ڪلوئي، منظور علي سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، محبت علي مهر لکيو ته جيڪڏهن عمران کي جيل مان ڪڍندا ته پوءِ حڪومت جيل ۾ هوندي ۽ عمران حڪومت ۾ هوندو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته وڏن جي مرضي کان سواءِ ڪجھه نه ٿيندو جيئن وڏا چاھيندا ائين ٿيندو، اي رشيد راهمون لکيو ته مقصد اين آر او آهي، ظهير پنهور لکيو ته عمران خان جي آزادي ۾ ته ھي جھيڙو هلي پيو، حڪومت پي ٽي آءِ جو ھر شرط مڃيندي سواءِ عمران خان جي آزادي جي، خان بلوچ لکيو ته عالمي دنيا جي پريشر سبب جڳاڙي حڪومت ويچاري سخت پريشان آهي مڙئي ڳالهين جو ڊرامو رچائي عمران خان مان هٿ ڪڍندا ته جيئن عوام ۾ ڪجهه عزت بچي پوي، نثار لغاري لکيو ته ملڪي معاشي سياسي سماجي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي مٿان آمريڪي دٻاءَ به آهي لڳي ٿو ته کيس آزاد ڪندا، ڳالهيون اهي ٿي سگهن ٿيون ته فوج يا اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڇڏي مطلب هڪ پيج تي نه صحيح پر خاموشي اختيار ڪري ڪجهه وقت لاءِ ڇو ته بحران وڏو آهي، سڪندر علي گرگيج لکيو ته پي ٽي آءِ جا ناحق قيد ڪيل ڪارڪن آزاد ڪرڻ پي ٽي آءِ چئيرمين عمران خان جي آزادي ڪندا ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون اگر اهي مطالبا تسليم نه ڪيا ته ڳالهيون ڪونه ٿينديون، خادم سهتو لکيو ته پي ڊي ايم چورن معافي ورتي، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ سياسي حالتن ۽ ٻنهي ڌرين جي ارادن تي دارومدار رکن ٿيون. عمران خان جي آزادي قانوني ۽ سياسي معاملن سان جڙيل آهي، جيڪو وقت سان ئي واضع ٿيندو. ڊيل جي نوعيت جو دارومدار طاقتور ڌرين جي مفادن ۽ سياسي حالتن تي آهي. ڪريم جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، زبير احمد جوڻو لکيو ته 1. پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب؟ پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو دارومدار ٻنهي ڌرين جي نيت ۽ سنجيدگي تي آهي. جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آءِ جي جائز مطالبن کي تسليم ڪري ٿي ۽ سياسي مفاهمت جو ماحول پيدا ٿئي ٿو ته ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون. پر موجوده حالتن ۾ اختلافن جو حل نڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو.

  1. عمران خان آزاد ٿيندو؟ عمران خان جي آزادي جو فيصلو عدالتن تي منحصر آهي. جيڪڏهن انصاف تي مبني فيصلو ٿئي ٿو ۽ سياسي انتقام کان پاسو ڪيو وڃي ٿو ته عمران خان آزاد ٿي سگهي ٿو. پر موجوده سياسي صورتحال ۾ حڪومت جا رويا ڏسي، سندس آزادي جلد ممڪن نظر نه ٿي اچي. 3. ڪهڙي ڊيل ٿيندي؟ جيڪڏهن ڊيل ٿئي ٿي ته اها شايد چونڊن جي تاريخ، نگران حڪومت جي قيام ۽ سياسي قيدين جي آزادي سان لاڳاپيل هوندي. پر جيڪڏهن ڊيل ۾ صرف طاقتور ڌرين جا مفاد نظر ۾ رکيا ويا ته اها ڊيل عوام لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. مراد علي لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ڪونه ٿينديون پي ٽي آءِ عمران جي آزادي جي ضد تي قائم ھوندي ۽ حڪومت نٿي چاھي ته عمران آزاد ٿئي باقي بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي رھائي سگھي ٿي.