بنگلاديش هٿان پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، ميچ تي طنزيه ۽ مزاحيه تبصرا به ڪيا ويا، ميمز جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنڊي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش ڏھن وڪيٽن تان سوڀارو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان کي بنگلاديش ھٿان عبرتناڪ شڪست ملي، جنهن تي مسرور پيرزادو لکيو ته پنھنجي ھوم گرائونڊ تي بنگلاديش کان ٽيسٽ ھارائڻ، پنڊي جي پچ تي 146 تي آل آئوٽ ٿيڻ، وڏي بيعزتي آهي، علي آزاد لکيو ته دل گارڊن گارڊن هو گيا، سچل نظاماڻي زنده آباد لکيو، عبدالغني ساريو لکيو ته عجيب ڳالهه آ پاڪستان جي شڪست تي ماڻهو ايڏو ٿا خوش ٿين…ابراهيم پنهور لکيو ته پاڪستان جي پاڪستان کي شڪست، معروف علي لکيو ته ان کان اڳ به بنگال جي ٽيم ميچ کٽڻ جي ويجھو ھئي پر امپائر جي غلط فيصلن جي ڪري اھا ميچ پاڪستان آخري وڪيٽ تي پنھنجي نالي ڪئي ھئي جنھن ۾ انضمام ميچ آخر تائين بيھي کٽرايئي ھئي. فضل محمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راولپنڊي ۾ بنگلاديش پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي، 2003ع ۾ ملتان ٽيسٽ ۾ بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ جي ويجهو پهتي هئي، ان وقت انضمام الحق اڪيلو وڪيٽ تي بيهي رهيو ۽ 138رنس جي اننگ کيڏي يقيني شڪست کي ڪاميابي ۾ بدلائي ڇڏيو هو، هن وقت پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انضمام الحق جهڙو ڪو به بيٽسمين نه هو، جيڪو ڪريز تي بيهي سگهي، جنهن تي عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته اها اننگز ياد اٿو، آزاد انور مهر طنزيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بابر جي سنچري ۽ شاهين جي شاندار بالنگ سبب پاڪستان بنگالين کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا، بنگالين کي پهرين ٽيسٽ ۾ ميچ ۾ پنهنجي ئي گرائونڊ تي 10 وڪيٽن تان بري شڪست. غلطيءَ سبب تصوير بنگالين جي جشن واري اچي وئي آهي باقي يقين ڪيو مقابلو شاهينن کٽيو آهي…سجاڳ سنڌ نالي آءِ ڊي تان مزاحيه پوسٽ شيئر ڪئي وئي ته حڪومت پاران بنگلاديش پاڪستان ٽيسٽ شڪست کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جلد ٻڌڻي ٿيندي، سهيل نظير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راولپنڊي ڪرڪيٽ جي ٽيسٽ مئچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي..عقيل شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تاريخ رقم، بنگلاديش پھريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن تي سجاد بالادي لکيو ته اها به هوم گرائونڊ تي، مصطفيٰ لاشاري لکيو ته چڱو ٿيو، الله بخش شر لکيو ته سٺو ٿيو، سفارشي ٽيم سان ائين ئي ٿيندو، سڪندر رند لکيو ته بالنگ ۾ اهو مزو ناهي، روشن علي لکيو ته پاڪستان کي بنگلاديش بيدردي سان ھارائي ڇڏيو اربين رپيا خرچ ٻڏي ويو، ايم شريف بگٽي لکيو ته بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جان محمد گاڏهي، نارائڻ ڪولهي، فقير فياض ورياماڻي ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.