سوال/سروي … حڪومت نوڪرين جي اشتهار ۾ اهو به لکي ته اڳتي هلي مار کائڻي پوندي: عوام پاران استادن مٿان تشدد جي مذمت، حق ڏيڻ جو مطالبو

0
259

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا، ان معاملي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن استادن مٿان تشدد جي مذمت ڪندي کين حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته حڪومت هاڻي اهو به اشتهار ۾ ڏئي ته اوھان کي هر سال جائز مطالبن لاءِ به مار کائڻي پوندي جيڪا اوھان جي قابليت جو تعين ڪندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جي آر چانڊيو لکيو ته ڇا ڏسون انهيَ معاملي کي سنڌين ھميشه سور ئي ڏٺا آهن، احسان علي چانڊيو لکيو ته ڪراچي ۾ ٿيل استادن جي مٿان وحشياڻي تشدد جيتري مذمت ڪجي اھا گهٽ آھي استادن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن استاد هڪ عظيم پيشو آھي جڏھن به استادن حق گهرڻ جي ڳالھه ڪئي آھي استادن جي تذليل ڪئي وئي آھي حڪومت جي اهڙي عمل تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، خاموش خليل شر لکيو ته افسوس استادن جي پر امن ريلي تي استادن کي تشدد ڪرڻ ٿاڻن ۽لاڪپ ۾ ڪرڻ غلط عمل آھي، استادن سان ڳالهيون ڪرڻ مسئلي جو حل آھي، استادن جي معزز پيشي کي حراسمينٽ ڪرڻ انتهائي ڪريل حرڪت آھي، قربان علي ميراڻي لکيو ته استاد به عجيب مخلوق آھن ھڪ ڪن پڙھائي اڻپوري ٻيو وري انگل روز نوان ھرو ڀرو استاد احتجاج ڪن ٿا، خالد قاضي لکيو ته جيڪا رينجرس استادن تي لٺن لاءِ موڪلن ٿا اھا رينجرس ڪشمور گھوٽڪي واري ڪچي ڇو ڪونه ٿا موڪلن، جمن احمداڻي لکيو ته اهي سينئير استاد ئي سنڌي ٻولي جي سکيا ڏيڻ جا محافظ آھن. نه رهيا ته سنڌي ٻولي جو جنازو پڙھي ڇڏجو. تازو نوان ڀرتي ٿيندڙ استاد پرائيويٽ ادارن مان پڙھي نڪتا آھن. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو اڳ ئي پوسٽ مارٽم ٿيل لاش پيو آھي. !! جميل احمد ڪنڀر لکيو ته استادن کي گذارش آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾پيپلزپارٽي کان انهن لٺين ۽تشدد بدلو ووٽ ذريعي وٺي انهن کي شڪست ڏني وڃي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته اسان استادن مٿان ٿيل لٺبازي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ان مان حڪومت جي نااهلي ظاهر ٿئي ٿي. استاد جا جائز مطالبو جلد کان جلد منظور ڪيو وڃي، مراد علي لکيو ته ڪراچي ۾ ٿيل استادن جي مٿان وحشياڻي تشدد جيتري مذمت ڪجي اھا گهٽ آھي حڪومت اڳ به ڪيترا دفعا استادن تي تشدد ڪري چڪي آهي پوءِ وري انهن جا مطالبا مڃيا وڃن ٿا استادن جي تذليل ڪري پوءِ  مطالبا مڃڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاھر آهي، عظميٰ انڙ لکيو ته عيد کانپوءِ 1 کان 4 گريڊ جا آرڊر سنڌ حڪومت اميدوارن کي نه ڏئي سگھي اميدوار پريشان آهن، شڪيل احمد لکيو ته مھذب معاشري ۾ استادن تي تشدد مناسب ناھي، استاد تنظيمن جا مسئلا حل ٿيڻ گھرجن، جيڪڏھـن ڪو ڊيڊ لاڪ آھي ته ڌرين کي ڳالھيون ڪرڻ گھرجن، سمير احمد لکيو ته هي ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي هي جمهوريت آمريت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اسلم سومرو لکيو ته سنڌ پوليس کان ڌاڙيل ۽ چور ڏاڍا آھن باقي استادن ويچارن کي سٽڪو ڏيڻ ۾ مهارت رکي ٿي، منظور خاصخيلي لکيو ته پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ هر انسان جو حق آهي چاهي ان جو ڪهڙي به شعبي سان تعلق هجي ڪراچي ۾ استادن سان نا جائزي ٿي آهي، عامر مهيسر لکيو ته پيپلزپارٽي ھميشه سنڌي ماڻهن جي تذليل ڪئي آھي ۽ جڏھن ووٽ وٺڻ جو وقت ايندو آھي ته سنڌ ڪارڊ کيڏي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي انهن جي ووٽ تي اقتدار جا مزا ماڻيندا آھن. استادن جا جيڪي به مطالبا آھن انهن کي فور تي مڃي انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. استادن کي گذارش آھي ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ کان انهن لٺن ۽ تشدد جو بدلو ووٽ زريعي وٺي انهن کي شڪست ڏني وڃي…!! جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ جو استاد سدائين ظلم ۽ بربريت جو شڪار رهيو آهي، احسان لغاري لکيو ته سنڌي جڏھن پنھنجي حق لاءِ آواز اٿاريو آھي انھن کي حق جو نتيجو ھميشه تشدد جي صورت ۾ مليو آھي جئين ھن آءِ بي اي ٽسيٽ ۾ جيڪي ڇوڪرا پاس ٿيا آھن انھن کي نوڪري نه پر نوڪري جي لاءِ آواز اٿاريندا ته انھن کي نتيجو تشدد ۾ ملندو، اميد سحر لکيو ته استادن تي رياستي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا. استادن کي قانون مطابق حق ملڻ گهرجن .استاد غلط آھن انھن کي اداري منجھان نيڪالي ڏئي پڙھيل لکيل نوجوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن. سرڪار استادن جو حق کائي ٿي سرڪاري ڪامورن جي ڪن مھٽ ٿيڻ گھرجي. محمد فياض وساڻ لکيو ته استادن جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪرڻ ۽ گرفتاريون عمل بلڪل غلط ڪرڻ قابل مذمت آھي.پ پ سرڪار جو استادن مٿان ٿيل تشدد تي ساڳيا استاد اليڪشن دوران ھر قسم جي ڌانڌلي ڪري پ پ کي ووٽ ڪرائي جمھوريت بحال ڪرائيندا آهن استادن جو پنهنجو حق ملي، اشفاق چانڊيو لکيو ته سنڌ حڪومت جو ڪارنامو! ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ويٺل استادن مٿان تشدد ڪرائڻ جي مذمت ڪجي ٿي. استادن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪجي ٿي. مھتاب سولنگي لکيو ته استادن جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪرڻ ۽ گرفتاريون ڪرڻ قابل مذمت آھي. ايم يوسف سانگي لکيو ته افسوس استادن جي پر امن ريلي تي استادن کي تشدد ڪرڻ ٿاڻن ۽لاڪپ ۾ ڪرڻ غلط عمل آھي، استادن سان ڳالهيون ڪري مسئلي جو حل آھي،استادن جي معزز پيشي کي حراسمينٽ ڪرڻ انتهائي ڪريل حرڪت آھي، عبدالنبي شر لکيو ته سنڌ جي استادن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تمام غلط عمل آهي ۽ استادن تي تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، شنڪر لال لکيو ته افسوس حڪومت کي استادن سان اھڙو ورتاءُ نه ڪرڻ گھرجي ھا، الياس سمون لکيو ته پ پ سرڪار جو استادن مٿان ٿيل تشدد تي مونکي ڪا به ھمدردي يا ڏک ناهي ڇو ته اھي ساڳيا استاد اليڪشن دوران ھر قسم جي ڌانڌلي ڪري پ پ کي ووٽ ڪرائي جمھوريت بحال ڪرائيندا آهن پ پ سرڪار سندن محنت ۽ ڪارگردگي مطابق سندن حق دستور موجب ادا ڪري رهي آهي، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته ڪراچي ۾ ٿيل استادن جي مٿان وحشياڻي تشدد جيتري مذمت ڪجي اھا گهٽ آھي حڪومت اڳ به ڪيترا دفعا استادن تي تشدد ڪري چڪي آٓهي پوءِ وري انهن جا مطالبا مڃيا وڃن ٿا استادن جي تذليل ڪري پوءِ مطالبا مڃڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪاشف قدير شر لکيو ته بهتر طريقو اهو آهي ته حڪومت هاڻي اهو به اشتهار ۾ ڏئي ته اوھان کي هر سال جائز مطالبن لاءِ به مار کائڻي پوندي جيڪا اوھان جي قابليت جو تعين ڪندي. راجو ٺاڪر لکيو ته استاد ھڪ عظيم شخص آھي انھن ته لٺين جي تشدد ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا. شاهد شر لکيو ته جيڪا رينجرس استادن تي لٺين لاءِ موڪلن ٿا اھا رينجرس ڪشمور گھوٽڪي واري ڪچي ڇو ڪونه ٿا موڪلن، جنيد جمالي لکيو ته استاد جي عزت جنھن قوم ۾ ناھي اھا قوم تباهه ۽ برباد ٿي ويندي، اسد ماڇي لکيو ته پوليس رڳو استادن تي لٺبازي ڪري ٿي باقي ڏوهاري هنن کان زور آهن، سينگار علي لکيو ته استاد ماءُ پيءُ آهن سنڌ جي استادن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تمام غلط عمل آهي ۽ استادن تي تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، جنيد زرين لکيو ته استاد جي عزت جنھن قوم ۾ ناھي اھا قوم تباهه ۽ برباد ٿي ويندي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي هن عمل تي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پرامن احتجاج ھر شھري جو حق آهي پر استادن مٿان وحشياڻي تشدد تي دل آزاري ٿي آهي سنڌ حڪومت کي استادن سميت ايس آر پي ويٽنگ وارن اميدوارن جا مطالبا تسليم ڪرڻ گھرجن، دليپ آزاد لکيو ته استادن تي لٺبازي شرم جوڳو عمل آهي پهرين استادن جا جائز مطالبا ٻڌڻ گهرجي ها، اياز کهاوڙ لکيو ته پ پ گورنمينٽ سدائين سنڌي ماڻھن جي روڊن تي سرعام تذليل ڪئي آهي.ڇا ڪاڻ ڪيترا دفعا استادن مٿان بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو آهي. اسان اهڙي واقعن جي مذمت ڪندي گُھر ڪيون ٿا .ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي، عبدالواحد سيٺار لکيو ته سنڌ جا استاد پنهنجي حق لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، افسوس اهو آهي ته دنيا استادن کي سهولتون ڏيندي آهي، هن حڪومت ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، قربان عالياني لکيو ته سنڌ جا استاد پنهنجي حق لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، اڪبر علي به سروي ۾ حصو ورتو، مير مور رند لکيو ته سنڌين تي لٺبازي ڪرڻ تي دير ئي نٿا ڪن باقي افغاني پٺاڻن ۽ بنگالين تي اک ئي نٿي پوي سنڌ پوليس جي افسوس، اياز علي راهوجو لکيو ته استادن تي تشدد ڪرڻ ۾ت دير ئي ڪونه ٿا ڪن افسوس آهي حڪمرانن تي ۽پوليس وارن تي، اياز بلوچ لکيو ته ڪَنڌڪوٽ جي ڪَچي ۾ آپريشن لاء رينجرس ڪانهي باقي ڪَراچي ۾ حَقَن لاءِ ِحتجاج ڪَندڙ اُستادَن تي تَشَدد ڪرڻ لاءِ رينجرس جي نفري آهن، راجا حيدر به سروي ۾ حصو ورتو، خميسو آريسر به راءِ جو اظهار ڪيو.