سوال/سروي … حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي يا نه؟ ڳالهيون ٿيڻ بعد عمران آزاد ٿي سرڪار ٺاهيندو؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
29

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هي حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي ؟ پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ٿينديون؟ عمران آزاد ٿيندو؟ موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته هي حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي ۽ عمران جي حڪومت اچڻ واري آهي، عمران آزاد ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته عمران آزاد نه ٿيندو، نه ئي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، ٽئين ڌر پي ٽي آءِ کي راضي ڪري وٺندي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي ڪو به رليف ناهي مليو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايڊووڪيٽ آصف راڄپر لکيو ته هي حڪومت ختم ٿئي يا نه ٿئي پر هاڻي آءِ پي پي عوام پاڪستان پارٽي کي موقعو ملڻ گهرجي ڇو ته انهي پارٽي جو سربراهه شاهد خاقان عباسي ملڪ کي ٽيڪس ڏيندڙ آهي ۽ ھن ملڪ کي ٽيڪس ڏيندڙن جي ضرورت آھي ٽيڪس چوري ڪندڙن جي نه.. ارشاد کوسو لکيو ته في الحال ھي حڪومت ختم نه ٿيندي باقي اسٽيبلشمينٽ جئين چاھي ائين ٿي سگھي ٿو ڪجھه ٽائيم تائين ھي حڪومت پئي ھلندي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڳالھيون تڏھن ٿينديون جڏھن اسٽيبلشمينٽ چاھيندي في الحال ڳالھين جو جواز ناھي، عمران تڏھن آزاد ٿيندو جڏھن يارن جي طرفان اجازت مليس نه ته گھڻي ٽائيم تائين اندر ئي رھندو، موجوده سياسي صورتحال ۾ به ھن مھل تائين ڪجھه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ھن مھل تائين ملڪ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي نظر اچي، عبدالستار سهرياڻي لکيو ته باقي ھي گوادر کان خيبر پختونخواهه تائين وٺ وٺان ڇاجي آ اھو سڀ ادارن جو کيل آ ھن حڪومت کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش آ ٻيو ڇا آھي. جڏهن پي پي اقتدار کان ٻاهر ھوندي آ ته سنڌ ۾ باھه ٻريل ھوندي آ ۽ پي پي جي B ٽيم ڪامريڊن جي وٺ وٺان لڳي پئي هوندي آ جڏھن پي پي اقتدار ۾ ھوندي آ ته KPK يا بلوچستان ۾ گوڙ شروع ھوندو آ. ممتاز علي سميجو لکيو ته موجوده حڪومت ۾ ڪنهن وقت ماٺار ته ڪنهن وقت چرپر اهو جهيڙو اسٽيبلشمينٽ جو پاڻ ۾ آهي حڪومت نه ڊهندي باقي صرف پ پ اقتدار کان ٻاهر هجي ها ته حڪومت ڊهي پوي ها، مراد علي لکيو ته موجوده حڪومت في الحال ختم ڪونه ٿيندي ڇو جو اسٽيبلشمنٽ جو آشيرواد حاصل آهي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ڳالهيون ٿينديون پر ناڪام ٿينديون عمران پنهنجي ضد تي قائم رھندو ۽ انهيَ ضد سبب آزادي جلدي ممڪن نه ٿي سگھندي، بشير ميراڻي لکيو ته هي حڪمران يا حڪومت ناهي، هي سڀ سيڙپڪار آهن، جيڪو اليڪشن تي خرچ ڪيو آهي اهو ڪڍي پوءِ وري ٻي حڪومت جماعت کي وارو ڏيندا، عمران سنجراڻي لکيو ته سچ پڇو ته اسانجي دلي خواهش آھي ته ھتي جو عوام به سريلنڪا وانگر سجاڳ ٿئي ۽ سياستدانن کي ڳچين کان پڪڙي، ڪريم بخش لکيو ته حڪومت ڪونه ويندي باقي پي ٽي آءِ کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽين ڌر کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اها شايد راضي ٿي پوي، علي شير ڪنڀار لکيو ته حڪومت ختم ٿيڻ گهرجي پي ٽي آءِ وارن کي موقعو ڏنو وڃي هن حڪومت عوام جو ساھه سڪائي ڇڏيو آهي، مير شاهه  محمد بلوچ لکيو ته بلڪل ماضي ۾ جئين نواز شريف آزاد ٿيو ائين ئي عمران خان آزاد ٿيندو.سياسي صورتحال جو زوال ۽ عروج تي دارو مدار آهي. ڇاڪاڻ ته چوڻي مشهور آهي جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس، ساگر علي رضا لکيو ته پي ٽي آءِ کي هاڻي موقعو ايندڙ اليڪشن ۾ ئي ملندو هن وقت ائين ڪجهه به نه ٿيندو ها باقي وفاق ۾ ڪجهه وزارتون شايد پي ٽي آءِ کي ڏئي راضي ڪري ڇڏين.  ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته في الحال ھوا جو رخ تبديل ٿيندي نظر اچي رھيو آھي مڪس اچار وارا پريشان نظر اچي رھيا آھن ڪھڙي به مهل ڪجھه ٿي سگھي ٿو، جمشيد علي لکيو ته موجوده حڪومت في الحال ختم ڪونه ٿيندي ڇو جو اسٽيبلشمنٽ جو آشيرواد حاصل آهي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ڳالهيون ٿينديون پر ناڪام ٿينديون، عمران پنهنجي ضد تي قائم رھندو ۽ انهيَ ضد سبب آزادي جلدي ممڪن نه ٿي سگھندي، شھباز شريف ملڪ جو ناڪام وزيراعظم ٿي ويو آهي جنھن کي ملڪ به هلائڻ نٿو اچي، نه قانون، نه انصاف آهي، ماڻهو غير محفوظ آهن، کاڌي پيتي جون شيون عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، هي نا اهل حڪومت آهي، اصغر حسين لکيو ته حڪومت ڪونه ويندي باقي پي ٽي آءِ کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽين ڌر کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اها شايد راضي ٿي پوي، جاويد جان ڪيريو لکيو ته حڪومت ڪونه ويندي باقي پي ٽي آءِ کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽين ڌر کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اياز کهاوڙ لکيو ته ڳالهيون ڪڏھن ڪونه ٿينديون ۽ نه ئي حڪومت ويندي ڇاڪاڻَ حڪومت اسٽبلشمينٽ جي نالي سان هلي ٿي پئي ۽ عمران جو ٽڪراءَ به اسٽبلشمينٽ سان آهي. جيڪو نامڪمن آهي هڪ ٿيڻَ، قادر بخش زئور لکيو ته حڪومت ختم ٿيڻ نه پئي وڃي گذريل حڪومت ۾ پي ٽي آءِ پنھجي ساک وڃائي ڏيڍ سال جو مدو به ھنن کي ڏنو ويو ھو ۽ ھن وقت به پنج سال حڪومت پورا ڪندي ھي سڀ ڪجھه وڪڻي مٿين ھمراھن کي راضي ڪري وقت ڪڍي ويندا، مسرور عالم لکيو ته ھي حڪومت چور دروازي کان آيل آھي، فارم 47 تي آيل حڪومت قانون موجب خاص چونڊ تڪ 4 کلندا ته ھي حڪومت ختم ٿي ويندي،عمران خان جا آزادي جا امڪان ظاھر ٿي رھيا آھن موجوده حڪمرانن ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آھي بجلي جي بلن جي ڪري عوام ذھني سڪون کان محروم آھي. ايم آچر ڪنڀار لکيو ته انھن چورن جو خاتمو  ٿيندو ايندڙ حڪومت انشاءَالله عمران خان جي ھوندي، امير علي به عمران جي حمايت ۾ راءِ جو اظهار ڪيو.