سوال/سروي – حڪومت جي مدي ۽ وقت کان اڳ چونڊن جو سوال: عوام جي راءِ

0
18
حڪومت جي مدي ۽ وقت کان اڳ چونڊن جو سوال: عوام جي راءِ

      ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن جو اعلان ٻن مهينن اندر ٿي سگهي ٿو، فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مدو پورو ڪندي، نواز شريف راضي آهي، عمران ۽ فضل الرحمان جي بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ عام چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي

ڪمينٽ ڪندي ايم صالح جاڙيجو لکيو ته ممڪن آهي ته وقت کان اڳ  چونڊون ٿين ڇو ته موجوده حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. واڳ ڌڻي نه چاهيندا ته اڃا وڌيڪ ملڪ بدحالي جي طرف وڃي، پرويز خاصخيلي لکيو ته اسان ته راضي آهيون ته اليڪشن ٿئي، عبدالغفور سروهي لکيو ته  چونڊون ٿين يا نه، ڪير کٽي يا ھارائي ڪو فرق نٿو پوي، قوم جي ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي. گل حسن شر لکيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي پنجاب حڪومت ملڻ کان پوءِ عمران خان ڪافي ٿڌو ٿي ويو آھي وڌيڪ جيڪا مالڪن جي مرضي، قمبير احمد جوکيو لکيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو، هي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، اسد کوسو لکيو ته حڪومت مدو پورو ڪري مشڪل ٿو لڳي، موهن لال لکيو ته عمران خان جو بيان سياسي بيان آهي

۽ مولانا فضل الرحمان ٺيڪ فرمايو آهي في الحال اليڪشن ڪونه ٿيندي ڇاڪاڻ ته ملڪ اڳئي ڪنگال ٿي ويو آهي مٿان اليڪشن جو ڳرو خرچ ويتر سياسي بحران توڙي معيشت تي ناڪاري اثر پوندو، نويد نواز لکيو ته اگر حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ اتحادين کي راضي رکڻ ۾ ڪامياب وئي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي جي نه ته وقت کان اڳ اليڪشن جو اعلان ٿي سگهي ٿو، ساجد حسين بلوچ لکيو ته 11 اتحادي جماعتون ناڪام ٿي ويون، جن عوام کي مهانگائي ڏني آهي، وفاقي حڪومت ويندي نظر اچي رهي آهي، چونڊون ٿينديون ته حالتون بهتر ٿينديون، مهانگائي آڻيندڙ حڪمران سڀ هڪجهڙا آهن،عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، جهڙي طرح نواز ليگ کي سامهون آڻي وري ان کي پوئتي ڌڪيو ويو تيئن هاڻ پي ٽي آءِ سان ٿيڻ وارو آهي، ثناءُالله علواڻي لکيو ته وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي عام چونڊون سندن مرضي موجب ٿينديون،

دليپ ڪمار لکيو ته ھڪڙي ڳالھه ياد رکو وزير اعظم نه بلاول نه عمران خان نه نواز شريف ٿيندو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته پاڪستان جي سياست ناهي رهي، نعمت الله راهمون لکيو ته جڏهن حڪومت چاهيندي چونڊون ٿينديون، سليم رضا جمالي لکيو ته عمران خان صحيح پيو چوي حڪومت ڪجهه مهينن جي مهمان آهي، هي سڀ چور آهن، شيراز احمد لکيو ته في الحال وقت کان اڳ چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، ھا باقي پاڪستان ۾ ڪجھه به چوڻ وقت کان اڳ ھوندو،پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به ڳالھه آخري نه آهي، الياس سمون لکيو ته پاڪستان جي سياست ڪاروبار بڻجي وئي آهي، سعيد رونجها لکيو ته عمران ۽ نواز شريف آسري ۾ ويٺا آھن، سليم الله چنا لکيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي باقي عمران خان رڳو ڳالهيون ڪندو، قربان علي ميراڻي لکيو ته گيم ھلائيندڙ نيازي کي پنجاب حڪومت وٺي ڏني ھاڻي ٿي سگھي ٿو عام چونڊون وقت تي ٿين، اظهار احمد لکيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ڇو ته ھنن کي خبر آھي ته اسان کي ووٽ ڪونه ملندا ۽ ايندڙ اليڪشن عمران خان کٽي ويندو،

قادر بخش زئور لکيو ته لڳي نٿو عام چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون، عاشق ڀٽي به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته ڀلي عام چونڊون ٿين ڀلي اليڪشن ٿئي وقت کان اڳ يا وقت کان پوءِ عمران خان فضل الرحمان جو بيان صحيح آهي ٻئي صحيح ٿا چون، اسد انڍڙ لکيو ته فضل الرحمان دل کي پلاءُ ٿو کارائي نقصان نواز ليگ جو ٿئي ٿو اهم صوبا عمران جي هٿ آهن، لال مگسي لکيو ته عمران خان جيل ويندو، نماڻو نوناري لکيو ته شفاف چونڊون ملڪي مفاد ۾ آهن، واحد بخش لکيو ته حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي حڪومت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مھانگائي ختم ڪري، قادر شر لکيو ته موجوده حڪومت مدو پورو ڪندي اليڪشن ڪميشن وٽ ايترو پئسو ناهي

روز روز اليڪشن ڪرائي،  گلزار خشڪ ۽ جنيد زرين به سروي ۾ حصو ورتو، بابر علي لکيو ته اليڪشن ٽائيم تي ٿيندي ۽ پنهنجو مدو پورو ڪندي حڪومت، ميانداد مري لکيو ته حڪومت مدو پورو ڪري مشڪل ٿو لڳي، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته ٻنهي جي ڳالهه غلط آهي، زين سهتو لکيو ته حڪومت کان جيترو ٿي سگھندو مدو پورو ڪرڻ ڏانھن ويندي ڇو ته ھن وقت چونڊون ڪرائيندا ته ووٽ نه ملندن عوام ڪاوڙيل آهي، وقار حسين لکيو ته  ڪير به اچي پر پاڪستاني قوم جو خير خواهه ڪير ڪونهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن وقت کان اڳ ٿئي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته موجوده سياسي صورتحال مان مون کي اندازو لڳي ٿو ته هي حڪومت مدو پورو ڪانه ڪري سگهندي

۽ اليڪشن جو اعلان وقت کان اڳ ٿيندو ڇوته پي ڊي ايم سرڪار اچڻ سان هن مهل تائين رڳو عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرايا آھن، الهڏنو راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، شنڪر لال لکيو ته وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون، رئوف عباسي لکيو ته اليڪشن کان بهتر آهي ته نگران حڪومت اچي، يعقوب کوسو لکيو ته عمران جي ڳالهه ۾ وزن آهي، فضل سبزوئي لکيو ته سڀ چور آهن، سيف الله ملوڪ لکيو ته اليڪشن ٽائيم تي ٿيندي ۽ پنهنجو مدو پورو ڪندي حڪومت، ابوبڪر سريوال لکيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي، عبيدالله شر لکيو ته جلد اليڪشن ٿيندي، عبدالستار بلوچ لکيو ته اگر حڪومت مدو پورو ڪندي ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ اها پارٽي به ڪونه هوندي، بهاول خان سيلرو، ظفر رند به سروي ۾ حصو ورتو.