ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نجڪاري واري وزير چيو آهي ته پي آءِ اي کي هلائڻ يا ٺيڪ ڪرڻ نه پر وڪڻڻ منهنجي ذميواري آهي، صوبا وٺن ٿا ته اعتراض نه هوندو: وزير جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ پي آءِ اي جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪمرانن ۽ ڪامورن کي پي آءِ اي جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو، سروي ۾ چيو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري مان به اهي ذاتي فائدو کڻڻ چاهين ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ممتاز علي عارباڻي لکيو ته پي آءِ اي .. سميت سمورن ادارن جي تباھي جا ذميوار ڪرپٽ راشي نا اھل ڪامورا آھن جن ھنن ادارن کي اھڙي جڳھه تي پھچائي ڇڏيو جتي گورنمينٽ وٽ انھن جي نجڪاري کان سواءِ ڪوئي حل ڪونھي .. ھاڻي وري انھن جي نجڪاري کي به جنھن طرح ڪيو پيو اھو به ھڪ انتھائي افسوسناڪ عمل آھي .. جنھن ذريعي وري به ناجائز فائدو کڻڻ وارا سرگرم عمل آھن اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آھي جو ملڪ ٻنھي ھٿن سان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي ۽ اھا صورتحال رھي ته ملڪ بلڪل تباھه ٿي ويندو .. ھن مھل تائين ڪا به چڱائي ڪنھن به اداري ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي ..شنڪر لال لکيو ته نجڪاري واري وزير جو بيان تمام افسوسناڪ آھي ڇو ته ھن جي ذميوار حڪومت ۽ سڄو اسٽاف آھي… مدثر کهاوڙ لکيو ته ان جي تباهي جا ذميوار سياسي حڪمران ۽ پي آءِ اي جا بالا آفيسرن آھن جن پي آءِ اي کي تباهي ڪناري پهچايو آھي. دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ ۾ آ ۽ پاڪستاني حڪمران ڏينهون ڏينهن پاڪستان کي تباهي ڪناري پهچائڻ جي چڪر ۾ آھن جڏھن هر شي پرائيويٽ ڪن ٿا ته پوءِ پاڪستان کي به لاڳيتو ٺيڪي تي ڏئي ظالم حڪمرانن مان جان ڇڏائي وڃي. هتي سياسي پئسي واريون قوتون ادارن کي تباهه ڪري پوءِ پاڻ ئي ادارا ٿرڊ پارٽي ذريعي خريد ڪندا آھن ان جو سڀني اڳيان ريلوي جو مثال سامهون آھي ريلوي جو نظام تباهه ڪيو ۽ هاڻي انهن ئي سياسي ماڻهن جون ڪوچون ڪراچي کان لاڙڪاڻي، سکر کان لاهور، اسلام آباد، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي ماڻهن جون گاڏيون هلن ٿيون ۽ سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي سبب انهن جا ڳاٽي ٽوڙ مهانگا ڪرايا آھن جن کان ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي جيڪو غريب طبقي سان وڏو ظلم آهي. سمير احمد لکيو ته پي آءِ اي جي تباھي جو ذميوار شهباز شريف ۽ نواز شريف آهن. پي آ اي کي خريد ڪرڻ چاهين ٿا. نواز شريف ۽ شهباز شريف جون قطر سعودي عرب ۾ پڻ وڏيون ڪمپنيون موجود آهن. اياز کهاوڙ لکيو ته هي تمام غلط عمل آهي. حڪومت اربين رپيا ڪمائي پئي پر افسوس سان پنهنجا جهاز نٿا ٺھرائي سگهن، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سياسي ڀرتيون ۽ سياسي حڪومتون پي آءِ اي جي تباهي جون ذميوار آهن.صوبي سنڌ کي ڪوٽا جي مطابق جهاز ڏنا وڃن سنڌ هلائڻ لاءِ تيار آهي . ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سياسي حڪمران ذميوار آهن، ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪندڙ سياسي اڳواڻن جا مفاد آهن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته حڪمران ذميوار آهن.