سوال/سروي جهڙو عمران تهڙو شهباز، ٻئي پيٽرول اگهه ۾ واڌ ۽ مهانگائي جا ذميوار آهن: عوام

0
27
سوال/سروي جهڙو عمران تهڙو شهباز، ٻئي پيٽرول اگهه ۾ واڌ ۽ مهانگائي جا ذميوار آهن: عوام

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول اگهه ۾ واڌ خلاف عمران پاران آچر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، وفاقي حڪومت چيو آهي ته عمران سرڪار جي ڪري پيٽرول مهانگو ٿيو، تيل اگهن ۾ واڌ جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن عمران خان ۽ ڪجهه ماڻهن موجوده حڪومت يعني شهباز شريف کي ذميوار قرار ڏنو، اهو به چيو ويو ته مهانگائي سبب غريب ماڻهن لاءِ عذاب ٿي ويو آهي، احتجاج جيڪو به ڪري ٿو درست ڪري ٿو، حڪومت عوام کي رليف ڏئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته حڪومت به وڏي ھوشياري سان عمران خان جي لانگ مارچ جي دڙڪن کان ڊڄي پيٽرول ايترو ته مھانگو ڪيو آھي جو ڪو به ماڻھو ھاڻي لانگ مارچ تي نڪرڻ جو سوچيندو به ڪو نه آرام سان پي ڊي ايم وارا سال ڪڍي ويندا، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پيٽرول،ڊيزل ،گئس ۽ بجلي کي سستو ڪيو وڃي حڪومت کي گهرجي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، عوام کي گهرجي ته هر شهر ،ضلعي ۽ تعلقي ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪري، خدارا غريبن تي رحم ڪريو،  اياز راهوجو لکيو ته چوري ڪري وري پير پيا کڻن اصل ذميوار پاڻ عمران خان آھي،

رضا جروار لکيو ته عمران حڪومت جن سببن جي ڪري ختم ڪئي وئي ، اھي سبب اڳ کان اڳرا آهن مثال تيل جي اگهن کان وٺي روز مرهه جي کاڌي پيتي جون شيون مھانگائي انتھا تي آھي، حبيب الله مهر لکيو ته ذميوار عمران ۽ شھباز شريف ٻئي آھن باقي رهي ڳالھه احتجاج جي ته احتجاج جي لاءِ هر پاڪستاني روڊن تي نڪري. نادر ابڙو لکيو ته مهانگائي خلاف ڪير به احتجاج ڪندو اهو بهتر عمل هوندو جيئن عوام کي جيئڻ جو حق ملي سگهي، آصف علي سومرو لکيو ته عوام کي ٻاھر نڪرڻ گھرجي ته جيئن حڪمرانن جي اک کلي، شاهد ڏاهري لکيو ته عمران جو بيان درست آهي ذميوار موجوده حڪومت آهي، احتجاج لازمي ٿيڻ گهرجي، خاموش خليل شر لکيو ته وڙھن سان، لتاڙجن ٻوڙا، عوام ويچاري ڪهڙو ڏوھه ڪيو آهي، جنيد زرين لکيو ته آئون پاڻ ذميوار آھيان، موٽرسائيڪل وٺي ڪري، مير سڪندر سولنگي لکيو ته جيڪڏهن عمران جي حڪومت ھجي ھان ته عمران زميوار ھو، اڪرم شيخ لکيو ته ھنن مان به خدا جان ڇڏائي ڪيڏانهن وڃون، ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن عمراني حڪومت کان به وڌيڪ نڪتا، عثمان علي جتوئي لکيو ته عوام انهن کي چونڊيو آهي،  محمد شيرل جتوئي لکيو ته تيل اگهن ۾ واڌ جي ذميوار موجوده حڪومت آهي، ان خلاف احتجاج لازمي آهي. قادر شر لکيو ته عمران خان جي اھڙي احتجاج جي حمايت ڪيون ٿا،

فضل سبزوئي لکيو ته شهباز شريف ذميوار آهي، مسڪين عوام ڀلي خودڪشيون ڪري ڪرپٽ ٽولي کي ڪابه پرواهه ناهي، شيراز چانگ لکيو ته تيل جي اگھن ۾ واڌ جا ذميوار آءِ ايم ايف سان گڏ اسان جا نااھل حڪمران آھن، گلاب غازي لکيو ته هن ڏوھ ۾ نه صرف حڪومتي ڌر پر عمران خان سميت اسين به قصور وار آھيون ڇو جو اھڙا نااهل ماڻھون اسيمبلي تائين اسين ئي پهچايون ٿا، طارق باجڪاڻي لکيو ته آصف زرداري، شهباز شريف، فضل الرحمان سوڌو سموري پي ڊي ايم قيادت ذميوار آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ٻئي برابر جا شريڪ آهن، موهن لال لکيو ته اڳ عمران خان جي پويان جلوس هئا ۽ هاڻ پي ڊي ايم خلاف، اصل مسئلو اهو ناهي ته فلاڻي تيل جي اگهن ۾ اضافو ڪيو آهي هڪ ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم اسم تي چاڙھ ٿيو انهي جو واضع سبب يوڪرين ۽ روس جنگ به آهي ۽ ٻيو سبب آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ آهي، ظهور خاصخيلي لکيو ته موجوده حڪومت ذميوار آهي، عمران خان جي وڃڻ بعد هنن ڪو به رليف نه ڏنو ويتر مهانگائي وڌائي ڇڏي، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته شهباز شريف حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ جي ذميوار آهي، ايتري واڌ ڪرڻ کان بھتر ھيو اليڪشن ۾ وڃن ھا ته ڪجھه عزت بچين ھا، فياض احمد لکيو ته عمران خان صرف ويهه رپيا اگهه وڌايو هو ڪيو ته سڀ پارٽين وارا روڊن تي رڙن پيا هاڻي اهي سڀ ڪيڏانهن ويا، ڪنهن کي عوام جي پرواهه ناهي،

سجاد علي لکيو ته پي ڊي ايم ذميوار آهي، جاويد احمد لکيو ته تيل اگهن ۾ واڌ انهي استعمال ۾ واڌ سبب ٿي آهي،ا سان سڀ ذميوار آهيون، پيٽرول گهٽ استعمال ڪريون ته اگهه به گهٽ وڌندا، موٽر سائيڪل کان سائيڪل هلائڻ بهتر آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته موجوده حڪومت ذميوار آهي جنهن ظلم ڪيو آهي، امداد لاشاري لکيو ته جنهن جي حڪومت هوندي آهي هر شئي جو ذميوار اهو هوندو آهي جڏهن عمران خان جي حڪومت هئي ته پيٽرول مھانگو هيو ته ذميوار عمران هو ۽ هاڻ جڏهن مخالف ڌر جي حڪومت ۾ پيٽرول مھانگو ٿئي پيو ته ذميوار وري عمران خان کي چيو ٿو وڃي. قادر بخش زئور لکيو ته عمران خان به چور آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته پيٽرول هن حڪومت ۾ مهانگو ٿيو آھي ته ذميوار به هي ئي حڪومت آھي ان ڪري عمران خان جو پيٽرول وڌڻ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج جو سڏ هڪ سٺي ڳالھه آھي موجوده حڪومت مهانگائي ڪري غريب مسڪين عوام کي جيئري ئي ماري ڇڏيو آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته موجوده حڪمران تيل اگهن ۾ واڌ جا ذميوار آهن،

عمران خان کي بدنام ڪري رهيا آهن، خالد ڀرڳڙي لکيو ته هي ته مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ زبردستي حڪومت ۾ آيا هئا هاڻي هنن جي ذميواري ٿئي ٿي هنن کي جڏهن ڳالههه سمجهه ۾ نٿي آئي ته هٿ ڪڍي ڇڏين ها، زوار ابراهيم کوڙ لکيو ته ،مهانگائي خلاف نعرو هڻي هنن عوام کي بيوقوف بڻايو، اعجاز پرديسي لکيو ته هي پاڻ ذميوار آهن عمران خان جو نالو کڻي پنهنجي نا اهلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته وفاقي سرڪار ٻين تي الزام هڻڻ جي عادت ڇڏي غريب ماڻهو جي باري ۾ سوچي آخر هن مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهو ۽ مڊل ڪلاس ماڻهو ڪئين پنهنجو گذر سفر ڪري، محمد الياس شر لکيو ته ھن حڪومت ٻيون ڪھڙيون سھولتون ڪيون آھن جو الزام عمران خان تي پيا ھڻن، حاجي خان پنهور لکيو ته عوام کي گهرجي ته سجاڳ ٿي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، سنتوش ڪمار لکيو ته عمران خان هن مهانگائي جو ذميوار آهي، الطاف کوڙ لکيو ته ٻئي هڪجهڙا آهن، سرفراز لکيو ته موجوده حڪومت ذميوار آهي، گل ايم ڏيٿو لکيو ته شهباز شريف ذميوار آهي.