ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ فيس بوڪ پيجز تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بنگلاديش جي موجوده صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مضبوط بنگلاديش هاڻ ڪمزور ٿي ويندو، شيخ مجيب جي مجسمن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو غلط هو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته شاگردن سٺو قدم کنيو آهي، بنگلاديش ۾ بهتري ايندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايم صفر گوپانگ لکيو ته بنگلاديش جي شاگردن جي جدوجهد ۽ قرباني اتساهيندڙ آهي اها ڳالھه درست به هجي ته شيخ حسينه واجد جو پيرسني ۾ رويو ۽ طرز حڪمراني تبديل ٿي هجي جيڪا بنگلاديش جي شاگردن ۽ عوام جي معيار ۽ خواهش جي ابتڙ به ٿي سگهي ٿي پر جهڙي طرح شيخ مجيب جي مُجسمي ۽ وزيراعظم هائوس جي تذليل ۽ توهين ڪئي وئي آهي ان عمل کي دنيا چڱي نظر سان نه پئي ڏسي نه ئي ان کي شعور چئي سگهجي ٿو آئون ته مختصر لفظن ۾ صرف ايترو چوندس ته مضبوط بنگلاديش هاڻي ڪمزور ٿيندو. قادر بخش زئور لکيو ته موجودا صورتحال بنگالين لاءِ چئلنج واري آھي حسينه واجد جي مسلسل اقتدار جي ڪري بنگالين جو ڪروڌ وڌي ويو نتيجي ۾ بنگالين حڪومت ڊاھي ڇڏي ۽ حسينه واجد جي ڪري بنگالين وري شيخ مجيب جھڙي عظيم ڪردار جي مجسمي کي به ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو وري ھڪ جھوني ھڪ مجيب جي تصوير کي سبي رھيو آھي اھو وري محبت جو اظھار ھو، قاسم سومرو لکيو ته جيڪا قوم پنهنجي محسن جي يادگار جي بيحرمتي ڪري اھا قوم ڪڏهن به ڪا نه سڌرندي، چند سالن ۾ ڏسندا ته بنگالي پنڻ ته مجبور ھوندا، صوفي فيض درس لکيو ته بنگلاديش ڪنهن ٽئين قوت جي ور چڙهي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي سٺا ۽ معياري خواب ڏيکاري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ٿو چاهي جنهن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ نوجوانن ۽ بنگلاديش خود لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هوندا، ساگر بروهي لکيو ته بنگلاديش جي مضبوط معيشيت ۽ وڌندڙ جي ڊي پي ڀارت ۽ ان جي وڏي ڀاءُ آمريڪا کي اک ۾ ڪنڊي جيان ھئي ھڪ ڀاءُ حسينه تي ظاھري طور ھٿ رکيو ۽ ٻئي ڀاءُ حڪومت وڃائڻ کانپوءِ يڪدم ھٿ ڪڍيو، ڪچن ذھنن کي اڳيان ڪري ملڪ جوڙيندڙ جي توھين ڪرائي وئي آهي اھا بنگلاديش خلاف ھڪ وڏي سازش آهي جنهن کي انقلاب جو نالو ڏنو پيو وڃي، شاگردن جي اڳواڻي ڪندڙ به پنھنجو مفاد حاصل ڪري ويندا پر عام عوام سان پاڪستاني عوام وارو حشر ٿيندو ۽ پوءِ جيئن پاڪستان صرف آمريڪا جي غلامي ڪري پيو پر بنگلاديش کي آمريڪا سان گڏ انڊيا جي به غلامي ڪرڻي پوندي، عبدالرئوف سومرو لکيو ته معاشري جو دستور رهيو آهي ته جيڪو حڪمران پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ وڙهندو ۽ پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان کي ائين ملڪ مان ڪڍيو ويندو آهي بنگلاديش جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ٻاهريون قوتون مداخلت ڪري رهيون آهن جئين پاڪستان جي عظيم ليڊر عمران خان کي نا حق قيد ڪيون ويٺا آهن، رضا راڄپر لکيو ته بنگلاديش جي شاگردن پاڻ ملهايو آھن شاگردن پنهنجو پاور ڏيکاريو آھي شاگرد ڪيتري طاقت رکن ٿا اهو ڪري ڏيکاريو آهي، ڊاڪٽر يونس بهتر ماڻھو آھي بهتر فيصلا ڪندو شيخ حسينه انڊيا ۾ رهي بنگلاديش واپس ويندي، بشير ميراڻي لکيو ته بنگالي قوم پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي، هڪ ترقي جي منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ ڊگهي تنزلي ۾ هليو ويندو، جيئن پاڪستان تباھه ٿي ويو، ھاڻي بنگلاديش جو به مستقبل اهڙو ٿو نظر اچي.. سنڌي علي گل لکيو ته اسان ڇا لکون اسان پاڻ الائي ڪيئن پيا وقت گذاريون… مظفر حسين لکيو ته بنگالي خوش نه ٿين، آمريڪا انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، ظالم حڪمرانن کي عوام تي مڙهيندو، احسان علي چانڊيو لکيو ته بنگالي قوم پنهنجي محسنن کي ڪونه سڃاڻي سگهي، جاني شاهه لڪياري لکيو ته بنگلا ديش جي صورتحال ھن وقت مذھبي انتھاپسندي جي ور چڙھي وئي آھي جماعتي اسلامي پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي استعمال ڪيو آھي جيڪو اڳتي ھلي بنگلا ديش جي عوام کي پشتائڻو پوندو، ھنن جو حال پاڪستان جھڙو ٿيندو ، بنگلاديش ۾ سياسي بحران ٿي ويو آھي اگر ايندڙ چونڊن ۾ حسينه واجد جي پارٽي کي حصو وٺڻ ڏنو ويو ته بنگلا ديش جو عوام حسينه واجد جي پارٽي کي اھميت ڏيندو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته بنگلاديشي شاگرد طبقو ۽ عوام هن وقت خوش آهي اڳتي اهي ئي پنهنجي ڪيل غلطي تي مٿو پٽيندا، عبدل خان به سروي ۾ حصو ورتو، ثناءُالله مشوري لکيو ته بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو آهي اھو سڀ پروفيسر يونس خان جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، باقي بنگلاديش جي عوام شيخ مجيب جي مجسمن سان تمام غلط ڪيو آهي مستقبل ۾ بنگلاديش جي عوام کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو، امير علي لکيو ته اهو به پاڪستان جهڙو آهي، زوار وحيد علي خاصخيلي لکيو ته اسان وارن سان ائين ڪجي، طارق کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، محمد حسين لکيو ته ٿيندو ڇا جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو اهو ٿي ويو بنگالاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اها سازش هئي ساڄي ڌر جي جيئن اسان جي ملڪ ۾ هلي پيو اهو دشمن ملڪ ڪا چالاڪي هئي سا ڪامياب ٿي وئي، راجا رميش لکيو ته ڳالهه سمجهه کان ٻاھر آهي لڳي ايئن ٿو اھيو سڀ غلط پيو ٿئي، راجيش ڪمار ميگهواڙ لکيو ته بنگلاديش جي شاگردن ھڪ سٺو قدم کنيو آھي اميد ته سندن خواهشن جو بنگلاديش جلد کان جلد ڏسڻ ۾ ايندو.