سوال/سروي … اي وي ٽيڪسيز اسڪيم تي خدشا ظاهر: پنهنجا نوازي ٿيندي، ڪرپشن ٿيندي، بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي: عوام

0
12

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيز فراهم ڪرڻ جو فيصلو: ڇا حقدارن کي ٽيڪيسز ملنديون؟ ڇا نوجوانن کي فائدو ٿيندو؟ روزگار لاءِ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟  جنهن تي اڪثر ماڻهن اي وي ٽيڪسيز اسڪيم تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته ٽيڪسيز پنهنجن ماڻهن کي ڏنيون وينديون، سروي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته نوجوانن کي روزگار سان  لڳايو وڃي، حقدارن کي ٽيڪسيز ڏنيون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته سنڌ ۾ ته ڪجھه به ممڪن ناھي جيستائين پ پ جي حڪومت آھي، رڳو اعلان ٿيندا، باقي بيروزگار نوجوان فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن، اسان اھو مطالبو ڪنداسين ته سندن سار لڌي وڃي، رڳو کين اعلانن ۾ نه رلايو وڃي.. ايف الله رکيو سهتو لکيو ته حڪومت سنڌ ڪوبه عملي ڪري ته ان جي آجيان ڪريون ٿا پر شفاف نه ٿيندو آفيسر رشوت خور آهن حقدارن کي حق نٿو ملي، اڪبر علي لکيو ته ڪو به آسرو نه ڪري سواءِ پنهنجن ماڻهن جي، مسرور علي لکيو ته سڀ ٽوپي ڊرامو آ، اعليٰ عملدارن/آفيسرن کان وٺي هيٺ طبقي/ورهاست ڪندڙن تائين سڀ ڪرپشن جا بيتاب بادشاهه آهن، حقيقي ضرورتمندن تائين پهچڻ کان پهريان ئي ڳڙڪجي ويندا سڀ،ڪڏهن به حقدارن کي هي آفر نه ملي سگهندي، بهتر آهي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري ۽ روزگار جا موقعا وڌايا وڃن جيئن هر عوام کي سهولت ميسر ٿي سگهي،  ذاڪر حسين لکيو ته ھي ڊرامو آهي صرف پنھنجن کي نوازڻ لاءِ ھن ۾ شرط به اھڙا لاڳو ڪندا جيڪي غريب بيروزگار پورا نه ڪري سگھندا باقي ھن سان سمورو فائدو پنھنجانوازي وارا وٺندا، ھي به ڪرپشن ڪرڻ جو ھڪ نئون طريقو آهي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته سڀ ڊرامو آهي، نوجوانن جو نالو استعمال ڪري فائدو صرف پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏنو ويندو آهي، غريب نوجوان اڄ به ڌڪا کائي رھيو آهي، اي جي بلوچ لکيو ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري ۽ روزگار جا موقعا وڌايا وڃن جيئن هر عوام کي سهولت ميسر ٿي سگهي، ظهور احمد منگي لکيو ته سڀ ٽوپي ڊرامو آ، جيستائين سنڌ ۾ حڪومت پيپلزپارٽي جي آھي اوستائين سنڌ جا نوجوان دربدر ھوندا… خاموش خليل شر لکيو ته غريبن کي ڪجهه به نه ملندو رڳو وڏن عملدارن کي فائدو ٿيندو آهي پنهنجي مرضي سان پنهنجن کي نوازيندا، جاويد علي شر لکيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ پوليس ايس آر پي يونٽ 2019ع جي ڀرتي ۾ ويٽنگ لسٽ وارن اميدوارن کي پنهنجو حق ڏئي کيس انصاف ڪري مايوسي ختم ڪئي وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته بيروزگارن کي ملڻ بدران وري به پنهنجا نوازي تحت وڏن ماڻهن، آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماڻهن کي ملنديون، غريب بيروزگار ساڳيا عذاب ۽ مشڪل ۾..مطلب صاف شفاف نموني سان ڪم نه ٿيندو. خير محمد ميرجت لکيو ته عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو آفيسر ۽ ضلعي جا چونڊيل نمائندا ھڙپ ڪندا، دلدار سنڌي لکيو ته فيصلو تمام سٺوآهي پرعمل آسرو گهٽ آهي، عبدالستار سهرياڻي لکيو ته پهريان ڪهڙي منصوبي سان نوجوانن کي فائدو ٿيو آهي جو هاڻي ٿيندو، سڀ پنهنجي ڪميشن لاءِ ڪري رهيا آهن، محبتي مڪيش جيپال لکيو ته هي حڪمران رڳو عوام کي بيوقوف بڻائين پيا ڪجهه به ناهي ٽائيم پاس آھي، دليپ آزاد لکيو ته اڳ  ڪھڙو حقدار کي حق مليا جو هاڻي ملندا، ولي محمد خاصخيلي لکيو ته نوڪريون وڪجي ويون هاڻ وري ڪار ملندي سا هلائي اٽو وٺبو پيٽ لاءِ، شرم جهڙي ڳالهه، سڀ حڪمران چور آهن، سمير احمد لکيو ته ڪاڇي واھي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي ۾ ڪيترائي نوجوان بيروزگار آهن. خالد حسين لکيو ته نوڪريون ڏين بيروزگاري ختم ٿي ويندي، برڪت علي چانڊيو لکيو ته سنڌ سرڪار جو سٺو فيصلو آهي. ثناءُالله مشوري لکيو ته اگر ٽيڪسيز ملڻ شروع ٿيون ته سفارش تي ڪم ھلندو ڪنھن به غريب پورھيت کي ڪجھه نصيب ڪونه ٿيندو، محمد بچل شر لکيو ته زمينون کسي وري لولي پاپ ٿا ڏيو، اشفاق چانڊيو لکيو ته سڄو ٽوپي ڊارمو آ، ثناءُالله چنا لکيو ته اهي ٽيڪسيز به حڪومت پنهنجن چمچن کي ڏيندي باقي ڪنهن حقدار کي ته نه ملنديون انهن حڪمرانن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي جيڪي ڪرسي جي لالچ ۾ اچي سنڌ جون زمينون جبل قومي وسيلا کپائڻ ۾ دير نٿا ڪن اهي سنڌ جي بيروز گارن لاءِ ڇا ڪندا، غلام ڪبريا لکيو ته بھترين فيصلو آھي ، اگر شفافيت ٿي ته، مهراڻ ميمڻ لکيو ته نئون ڊرامو شروع ڪيو ويو آهي، مستوئي نويد لکيو ته سنڌ حڪومت کي سنڌي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو ته هو سنڌ جي ماڻهن جي ڏک بک بيروزگاري ختم ڪندي پر اڄڪله روزگار ڏيڻ ته الڳ ٿيو پر ڄڻ اڄ روزگار کسيو پيو وڃي، باقي ٽيڪسيز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽيڪسيز ضرورت مند ماڻهن کي ڏنيون وڃن ته بهتر آهي، گلشير سومرو لکيو ته بيروزگارن کي ملڻ بدران وري به پنهنجا نوازي تحت وڏن ماڻهن، آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماڻهن کي ملنديون، غريب بيروزگار ساڳيا عذاب ۽ مشڪل ۾ هوندا، شاهد بلوچ لکيو ته بيروزگارن کي ملڻ بدران وري به پنهنجا نوازي تحت وڏن ماڻهن، آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماڻهن کي ملنديون، غريب بيروزگار ساڳيا عذاب ۽ مشڪل ۾..مطلب صاف شفاف نموني سان ڪم نه ٿيندو. ميرٽ ٿيڻ کپي، هاشم مري لکيو ته ھي ڊرامو آهي صرف پنھنجن کي نوازڻ لاءِ ھن ۾ شرط به اھڙا لاڳو ڪندا جيڪي غريب بيروزگار پورا نه ڪري سگھندا باقي ھن سان سمورو فائدو پنھنجانوازي وارا وٺندا ھي به ڪرپشن ڪرڻ جو ھڪ نئون طريقو آهي. مير غلام شبير لکيو ته اهي ٽيڪسيز به حڪومت پنهنجن ماڻهن کي ڏيندي باقي ڪنهن حقدار کي ته نه ملنديون انهن حڪمرانن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، ثمينا خان به ردعمل ڏنو، عبدالله کوسو لکيو ته پ پ حڪومت مان ڪنهن به چڱائي جي اميد نه رکڻ گھرجي ھي مڪمل طور نوجوان دشمن سنڌ دشمن آھن ٻين صوبن ۾ نوڪرين ۾ اپلائي ڪرڻ جي عمر جي حد 43سال آهي سنڌ ۾ نوجوانن لاءِ نوڪرين ۾ اپلائي ڪرڻ عمر واري حد 28 سال آهي، سنڌ حڪومت 2021ع ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي، 40 پاسنگ مارڪون کڻڻ  باوجود نوجوان ڌڪا کائي رهيا آهن نوڪريون ناهن ملي سگهيون، ٽيڪيسز اسڪيم به پنهنجن ماڻهن لاءِ آهي، فيصل جمن لکيو ته سنڌ سرڪار هر معاملي ۾ مال تي ڌمال لڳائي ويٺل آهي 2022_23 ۾ مئٽرڪ انٽر ۽ گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ نوجوانن کي نوڪريون فراهم ڪرڻ جو ڪوڙو دلاسو ڏئي آءِ بي اي چالان فيس جي مد ۾ ڪروڙيڻ رپيا وصول ڪيا ويا اڃا تائين ٽيسٽ ئي مڪمل طور ناهي ورتي وئي، اهڙي ريت لکين اميدوارن جا چالان جي مد ۾ ڏنل پئسا ويا پاڻي ۾، ائين ئي کوڙ سارن معاملن جيان ٽيڪسيز فراهم ڪرڻ ڪوڙو دلاسو آهي جنهن ذريعي به مال ڇاپيو ويندو سنڌ جي جهڙي ريت ڀينگ ٿي رهي آهي ان تي افسوس آهي، شوڪت هالو لکيو ته حڪومت اهي ٽيڪسيز به آءِ بي اي 40+پاس استادن وانگر پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏيندي اسان کي هن مهل تائين ڇا مليو؟ ڪجهه ناهي مليو، رهندو ظالم حڪمران اسان غريبن جو حق ٿا کائن، خدا وٽ دير آهي انڌير نه، هڪ ڏينهن انهن نوجوانن سان انصاف ضرور ٿيندو، سائين ڪلھوڙو ماٿيلوي لکيو ته جيئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ رزلٽ ايندو آهي رٽن پاس انٽرويو فيل ائين ئي ھن اسڪيم سان حشر ٿيندو ڪاغذ جمع ٿيندا ڪميشنون ھڙپ ٿينديون ڊوائس مافيا وانگر رشوت وڌندي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ماڻهن  جا وارا نيارا ھوندا باقي اصل ۽ حقدار غريب کي ڪجهه نه ڏيندا، لولي پاپ رڳو سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ آهي، گل حسن شر لکيو ته ڪنھن به غريب ۽ مستحق کي نه ملنديون صرف سفارش ۽ پنھنجا نوازي ٿيندي جيئن ٽريڪٽر اسڪيم سان ٿيو سنڌ حڪومت کي پنجاب حڪومت جي طرز تي ڪم ڪرڻ گھرجي جتي صرف ميرٽ تي ھارين کي اسڪيمون ملنديون آهن، محمد عرس مشوري لکيو ته هي سڀ ڊرامو ۽ ڪوڙ آهي، ميرٽ نه پر سفارش هلندي، ارباب علي به سروي ۾ حصو ورتو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن ايس آر پي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن سان سنڌ حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي ھي وري نئون ٽوپي ڊرامو غريبن کي خوار ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، اسين سنڌ حڪومت کي گذارش ڪيون ٿا ته خدارا سنڌ جي بيروزگار مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکندڙ غريب ھارين جي ٻڇڙن جون دانھون ٻڌو، روٽي ڪپڙا اور مڪان واري نعري تي عمل ڪري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو صاحبه جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر انھن جي منشور کي عام ڪريو، سنڌ پوليس ايس آر پي يونٽ ۾ 2019ع دوران ميرٽ تي PTS . اداري جون ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري نوجوانن جي بيچيني ختم ڪندا ھي ٽيڪسيز جو اعلان رڳو خاص ماڻھن لاءِ ھوندو، غريبن کي ڪجهه نه ملندو، نور محمد به سروي ۾ حصو ورتو.