ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته انٽرنيٽ جي بندش سبب روزانو 3 ارب نقصان، 30 لک فري لانسر متاثر: حڪومت پاران انٽرنيٽ تي بندش واري قدم کي اوهان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان وٽ انٽرنيٽ/سوشل ميڊيا ڪيئن هلي ٿي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان وٽ انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن ڪري تمام گهڻي پريشاني ٿي رهي آهي، انٽرنيٽ جو نظام بهتر ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آدم جانيارولکيو ته حڪومت جي ان قدم تي افسوس آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته انٽرنيٽ تي بندش اظھار جي آزادي کي سوڙھو ڪرڻ لاءِ حڪومت جو غير جمھوري قدم آھي ھتان جي سرڪار ھر ان عمل کي سست ڪندي جنهن ۾ ھنن جي آمريت جو انداز ۽ انساني حقن جي پائمالي جو عمل وائکو ٿيندو، مدثر کهاوڙ لکيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ اسٽيبلمينٽ کي عمران خان سان جهيڙو ڪرڻو اٿن وڃي روبرو جهيڙو ڪن باقي انٽرنيٽ بند ڪري عوام کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو اٿن، نيٽ جي ڪري عوام سورن ۾ آھي، هي آزاد خود مختيار رياست آهي، اها ڪهڙي پاليسي آهي جتي انٽرنيٽ بند ڪري پنهنجا من پسند فيصلا ڪيا وڃن ٿا، اڪرم علي گجو لکيو ته اڄ ڪلھه پوروسسٽم نيٽ تي هلي ٿو انٽرنيٽ بند ڪرڻ مطلب ملڪ بند ڪرڻ آهي، انٽرنيٽ بند هجڻ سبب ڪافي نقصان ٿي رهيو آهي پر ظاهر نٿو ڪيو وڃي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. اي ڊي سومرو لکيو ته ڪڏھن تيز ڪڏھن سلو ڪڏھن صفا گم آهي اسان وٽ اهڙي انٽرنيٽ آهي، منير بھار لکيو ته اسان وٽ ته صفا خانو خراب لڳو پيو آهي ڳڙھي ياسين لڳ قائم خان وڌيو ۾ انٽرنيٽ صحيح نٿي هلي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته اٽي ۾لوڻ برابر نيٽ سسٽم ھلي رھيو آهي، ڇا ڪجي ڪنھن در دانھن ڏجي، محمد اسلم راڄڙ لکيو ته عوام جي ڏسڻ ۽ نه ڏسڻ سان ڪو فرق نه پوندو وڏي سرڪار سان رابطو ڪيو، دلبر خان جتوئي لکيو ته انيٽرنيٽ سلو هلي ٿي، گيانچند لکيو ته انٽرنيٽ صفا سست رفتاري جو شڪار آهي، ايوب کوسو لکيو ته انٽر نيٽ جي بندش کان ايڏا ته بيزار ٿي پيا آھيون سوچيون ٿا ڪاش وري پراڻو دور اچي آسرو لھي وڃي، نيٽ جي بدش جا تمام گھڻا نقصان آھن جنھن جا اثر ھر صارفين ڀوڳي ٿو، رفيع خان لکيو ته انٽرنيٽ ڪم نٿي ڪري، سريش ڀيل لکيو ته اسان وٽ ته سور آهن سروس جا، ڏيئي شهر ۾ ڪا سروس ناهي اسين جتي رهون ٿا اتي ڪا به سهولت موجود ناهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته انٽرنيٽ بحال ڪئي وڃن؟ اول ته پيڪيج مهانگا آهن ٻيو وري انٽرنيٽ نٿي هلي سوشل ميڊيا کي سوچڻ سمجھڻ سان ڪيترائي مطابا مڃيا ٿا وڃن…پيرو ڪمار ڀيل لکيو ته بلڪل به سروس ڪم نٿي ڪري، نصيرآباد ۽ ڀرپاسي انٽرنيٽ متاثر آهي، غلام مصطفيٰ لغاري لکيو ته انٽرنيٽ نٿي هلي، اسد زرداري لکيو ته انٽرنيٽ جي بندش: حڪومت جو اھو عمل سراسر غلط آھي اڄ ڪلھه سڄو سسٽم نيٽ تي هلي ٿو ۽ سوشل ميڊيا جي آزادي ھر فرد جو جمھوري حق آھي، اسان وٽ انٽرنيٽ ڪيترن ئي ڏينھن کان سلو اسپيڊ ھلي ٿي جنھن سبب صارفين سخت پريشان آھن.