انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ اڄ ايڪتا ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان ڪهڙيون تياريون ڪيون آهن؟ ايڪتا ڏينهن ڪٿي ۽ ڪيئن ملهائيندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان ڀرپور تياريون ڪيون آهن، سنڌي ٽوپي اجرڪ پهري ايڪتا عيد ملهائينداسين، انتهاپسندي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ڌرتي امن پيار شانتي واري ڌرتي رھي آھي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته دوڙ شهر ۾ تياريون جاري آهن ثقافتي ڏهاڙي جي رات تي بهترين پروگرام ٿيندا ڏينهن زبردست ريليون ڪڍيون وينديون، اسد زرداري لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسين ھر سال ڀرپور نموني قومي عيد وانگر ملھائيندا آھيون جس لھي ايڪتا باني محترم علي قاضي جنھن سنڌ کي انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي سري ھيٺ قومي ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ کي ايڪتا جي رنگن ۾ سلھاڙيو، اهو ڏينھن اسين ڀرپور نموني ٻارڙن سان گڏ ملھائيندا آھيون ايڪتا عيد کي ملهائڻ لاءِ اسان به پنھنجي شھر سرھاڙي ۾ ڀرپور ريلي ڪڍي قومي گيتن تي جھومنداسين، مک تقريب لاءِ تياريون ڪري ڇڏيون آهن جتي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ريليون نڪرنديون ۽ گڏجي پنهنجي سنڌ ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين. جاويد احمد لکيو ته اسان پهرين ڊسبمبر 2024 تي پنهجي واهڻ ڳوٺ هڪڙا جي پرائمري اسڪول جي معصوم مسڪين حال شاگردن سان گڏجي پراڻي دؤر جون رانديون کيڏنداسون جيئن ڪوڏي ڪوڏي ونجھه وٽي يا وري فر فر سؤنٽو راند، اسان جي شاگردن مان اهي پراڻيون ثقافتي رانديون کيڏڻ ڄڻ وسري ويون آهن باقي ته موبائل جي گيمن ڄڻ ته اسان جي شاگردن کي موالين جيان بڻائي ڇڏيو آهي جتي ويٺا ڇٽا نه ڪم ڪار جو فڪر نه پڙهڻ لکڻ جو سو اوهان دوست به پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پنهنجي ڏهاڙي کي ملهايو، اسڪولن ۾ غيرنصابي سرگرميون ڄڻ ختم پيون ٿينديون وڃن، عالم پالاري لکيو ته روزاني پنھنجي اخبار ۽ٽائيم نيوزجي ڏنل سڏ انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي پهرين ڊسمبر تي ڪوھستان جي مختلف علائقن ڪلو کوھر نوري آباد سري صنعتي زون مان ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪرنديون، پبلڪ اسڪول ڳوٺ عالم پالاري ۾ ثقافتي تقريب منقعد ڪئي وئي، ارشاد علي سومرو لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ بابت اھو ئي چوندس ته علي قاضي سان اسان جا لکين اختلاف پر ھڪ ڳالھه مڃڻي پوندي ته جيڪا ثقافت اسان وساري ڇڏي ھئي بلڪ لاتعلقي برابر ٿي ويا ھئا سين ان سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو آھي ته علي قاضي ڪيو آھي ۽ سندس نالو سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو جنھن پنھنجي جيجل سنڌ جو قرض چڪائي پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي اسان ٽائيم نيوز ميھڙ طرفان نڪرندڙ ثقافتي ريلي ۾ سموري سنگت سميت شرڪت ڪنداسين ۽ ثقافتي ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھائينداسين، نعيم احمد بلوچ لکيو ته اسان جون تياريون عروج تي آهن ٺري ميرواهه جي عوام پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ماڻڪ حڪيم لکيو ته ايڪتا عيد کي ملهائڻ لاءِ اسان به بڪيراشريف پريس ڪلب مک تقريب لاءِ تياريون ڪري ڇڏيون آهن گڏجي پنهنجي سنڌ ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين. جنيد علي جمالي لکيو ته سنڌ ڌرتي امن پيار شانتي واري ڌرتي رھي آھي. رب سائين سنڌ ڌرتي جو سدائين مان مٿانھون رکي.ڌڻي در دعا آھي سنڌو جون ڇوليون مرڪنديون رھن ۽ ماروئڙا سدائين سکيا ستابا رھن. اسان المنظر تي سنڌو کي گلن جي ورکا سان سلام ڪري. ايڪتا ڏينھن جو آغاز ڪندا سين…قربان علي لکيو ته ڌيئرن لاءِ اجرڪ جا وڳا سبرايا آهن. پنهنجي لاءِ اجرڪ ٽوپي خريد ڪئي آهي. شاهد بلوچ لکيو ته اسان جون تياريون عروج تي آهين ناري جي عوام پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته هر سال وانگر هن سال به ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهائبو، محمد حسين لکيو ته ايڪتا ڏينهن اسان پنجهي شهر سرهاڙي ۾ ملهائينداسين، اشفاق چانڊيو لکيو ته ايڪتا ڏينھ ڪينجهر تي ملهائينداسين، علي شير ڪنڀر لکيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ تياريون عروج تي آهن شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي ڏينهن ٽوپي اجرڪ پٽڪا پائي عيد جي ڏينهن جيان ملهائينداسين. صاحب خان ڪلمتي لکيو ته سڄي سنڌ جيان ميرپور ساڪرو ۾ ايڪتا تياريون زور شور سان جاري آهن انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي سري ھيٺ ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور طريقي سان ملھايو ويندو سنڌ مذهبي انتھا پسندي کي رد ڪري ٿي سنڌ امن آجپاپو ۽ خوشحالي چاهي ٿي، شيراز شيخ لکيو ته ايڪتا ڏينهن هميشه جيان عيد وانگر ملهائينداسين، احسان علي پاڙهو لکيو ته هر سال وانگر هن سال به ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهائبو. مختيار مولائي لکيو ته اسان پھرين ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ھرسال جيئان تنگواڻي شھر ۾ٽوپي اجرڪ ڪلھن تي ويڙهي سنڌ جي تھذيب ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش سان ملھائينداسين، شاهد حسين جمالي لکيو ته مڪمل تياري ڪري ورتي آهي، حميرگل راڄپر لکيو ته اسان پھرين ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ھرسال جيئان حيدرآباد شھر ۾ٽوپي اجرڪ ڪلھن تي ويڙهي سنڌ جي تھذيب ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش سان ملھائينداسين، عابد خاصخيلي لکيو ته اسان پھرين ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ھرسال جيئان ٽوپي اجرڪ ڪلھن تي ويڙهي سنڌ جي تھذيب ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش سان ملھائينداسين.