ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي، موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ 28 جون تائين آنڌاري ۽ تيز برسات پوندي: ڇا اوهان جي شهر ۾ اڳواٽ ڪي اپاءُ ورتا ويا آهن؟انتظاميا کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات کان اڳ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، انتظاميا ته انتظار ۾ آهي برسات اچي ملڪ ٻڏي مال ملي، عوام مطالبو ڪيو ته اڳواٽ انتظام ڪري ماڻهن کي نقصان ۽ پريشانين کان بچايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته شڪارپور ۾ انتظاميا ته اصل سمھي پئي آھي، ۽ کين اھيو قدم کڻڻ گھرجي ته پورھيت طبقي جي واھر ڪئي وڃي، برسات ڪيتري آھي؟ اھڙي حساب سان قدم کنيو وڃي، جنھن ۾ پاڻي نيڪالي سميت ماڻھن جي جاني حفاظتي جو معاملو شامل آھي، نظر ملاح لکيو ته پوري سنڌ جي ڳالھه ڪجي ڪٿي به ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن وري ضلعي بدين جي ڳالهه ڪجي ڪٿي ڪو حڪمت عملي نه جوڙي وئي نه ڪو ضلعي انتظاميا طرفان اجلاس گهرائي آگاهه ڪيو ويو آهي، گلزار ملاح لکيو ته مانجهند ۾ ٽائون انتظاميا کي خبر آھي ٻه ٽي ڏينهن پاڻي گهٽين رستن تي بيهي آھستي آھستي نڪري ويندو، انڪري نه نالن جي کاٽي ٿي آھي نه ئي ڊسپوزل هلرائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا اٿن، احتجاج هونئن چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا هضم ڪريو وڃن، سارنگ منير سومرو لکيو ته پھريان ته موسمات کاتي جون نوي سيڪڙو اڳڪٿيون غلط ھونديون آھي جيڪڏهن اھا اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ته اڳواٽ انتظام ته صرف بيانن ۾ ھوندا آھن باقي ته انتظاميا سال کانپوءِ به سار ناھي لھندي، جميل احمد پنڃو لکيو ته پيرجوڳوٺ ۾ اڃا تائين ڪوبه عملي قدم نظر نٿو اچي. نالين جي صفائي به رڳو ڪاغذن تائين محدود لڳي ٿي. انتظاميا کي گهرجي ته وقت کان اڳ حفاظتي اپاءُ وٺي، ته جيئن برسات رحمت رهي، زحمت نه بڻجي. بجليءَ جي حفاظت، ايمرجنسي رسپانس، ۽ عوام جي آگاهي اهي رستا آهن جيڪي اسان کي مصيبتن کان بچائي سگهن ٿا. زاهد حسين زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاري ۾ ھن وقت تائين ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. اسان جي شھر ۾ برسات جو پاڻي گندو پاڻي روڊن رستن گھٽي ۾ بيھي ويندو آھي. ڪابه سھولت نه آھي. انتظاميه کي گھرجي ته فورن بندوبست ڪرڻ گھرجي. اسان جي ڳوٺ ۾ لنڊو شاخ ڪپرن ۾ اٿلي پئي گھڻو پاڻيءَ آھي شاخ ۾، مڪيش دولتاڻي لکيو ته وڏا پاءَ ورتا ويا آھن انتظاميا انتظار ۾ آھي ته عوام ٻڏي ته ڪجهه فنڊ کائون، سينگار علي لکيو ته اسان جي شهر فريدآباد ۾ به اڌ ڪلاڪ جي برسات کانپوءِ شهر ۾ 2 مهينا برسات جو گندو پاڻي روڊن رستن گهٽي ۾ بيهي ويندو آهي، اسان فريدآباد واسي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي برسات کان بچڻ لاءِ ٻيڙيون ڏنيون وڃن، دائود زئور لکيو ته انتظاميا اگھور ننڍ پيل آهي اڳواٽ بندوست ڪوبه ڪونه ٿيو آهي برسات پوڻ کانپوءِ شھر ڳوٺ ٻنيون ڊيم ھجڻ جا ڏيک ڏيندا آھن انتظاميا کي گھرجي اڳ واٽ اپاءَ وٺي جيئن گهٽ نقصان ٿئي، دلاور سميجو لکيو ته انتظاميا ته انتظار ۾ آهي برسات اچي ملڪ ٻڏي مال ملي، بھرحال انتظاميا کي گهرجي ته ٿر ۾ بجلي بچاءُ واريون راڊون لڳائي هر سال وڏو نقصان ٿيندو آهي آسماني بجلي ڪرڻ جي ڪري، محمد اسلم لکيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن جي ڇتين ديوارن فصلن جي وقت جي لحاظ سان مختصر سار سنڀال ورتي وڃي باقي حڪومت طرفان ادارن کي خبر ئي ناهي ته ڪا برسات جهڙي آفت به اچڻي آهي، عوام کي الله پاڪ جي آسري ڇڏيو ويو آهي، خير محمد کاڙت لکيو ته انتظاميا پھرين ڪھڙا قدم کڻندي آهي جو ھن ڀيري کڻندي نظر اچي، سائين بخش گوپانگ لکيو ته اسان جي شھر ھاشم خان گوپانگ جو سم جو پاڻي ھن مهل تائي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي وري بارش آئي ته ويتر عوام پريشاني جو شڪار ٿيندو، وفاق فرمان ڀنڊ لکيو ته اسان جي وڳڻ ٽائون انتظاميا وڳڻ شھر ۾ ڪي جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ، وڳڻ ٽائون انتظاميا کي صفائي سٿرائي جا اڳواٽ سمورا اپاءءَ وٺڻ گھرجن، وڳڻ شھر جي سموري وارڊن ۾ مڪمل صفائي ڪرائي وڃي، جيئن شھري مشڪلاتون کان بچي سگھن، گووند ڪمار لکيو ته انتظاميا انتظار ۾ آھي ته ملڪ ٻڏي اسين مال کائون، علي مراد لاشاري لکيو ته شھدادڪوٽ في الحال انتظاميا اگهور ننڊ ستل آھي مينهوڳي ۽ گجگوڙ ۾ من ڪا جاڳي، باقي حال پورا آھن، محمد حسن لکيو ته اپاءَ ته پري جي ڳالهه آهي پر اسان وٽ2022 واري ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري روڊ ۽ پراڻي درياءَ جون پلون بند آهن جنهن سبب اڳتي وڏي نقصان جو خدشو آهي، نديم حسين ميمڻ لکيو ته پوري سنڌ جي ڳالھه ڪجي ڪٿي به ڪو به اپاءَ نه ورتا ويا آهن وري ضلعي گهوٽڪي جي ڳالهه ڪجي ڪٿي ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي نه ڪو ضلعي انتظاميا طرفان اجلاس گهرائي آگاهه ڪيو ويو آهي، عامر علي لکيو ته انتظاميا کي مال گڏ ڪرڻ گهرجي، شاهنواز زرداري لکيو ته انتظاميا کي گھرجي ته فورن بندوبست ڪرڻ گھرجي پاڻي جي نڪاسي جو، احمد بلوچ لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ھن وقت تائين ڪوبه اپاءُ ڪونه ورتو اٿن، ثناءُالله مشوري لکيو ته سنڌ حڪومت نه پھريان ڪجھه ڪيو آ برسات کان بچاءَ لاءَ نه وري ھاڻي ڪجھه ڪندا ھر ننڍي وڏي شھر جي انتظاميا خاموش آهي انھن کي پرواھه ڪونھي، نماڻو نوناري لکيو ته ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، بشير ميراڻي لکيو ته انتظاميا کي گهرجي ته فورن بندوبست ڪري. لالا ياسر علي، نديم مهر، به سروي ۾ حصو ورتو، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته توهان جي سوال جو بنياد نهايت اهم آهي، خاص ڪري نئون ديرو جهڙي شهر ۾ جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب هر سال برسات جي موسم ۾ شهري پريشان ٿين ٿا. هيٺ نئون ديرو جي ميونسپل ڪاميٽي ۽ سيپڪو انتظاميا لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون، سڀ کان اڳ ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو برسات کان اڳ فوري طور تي سمورن نالن، نالين ۽ نيڪالي واري نهرن جي صفائي ڪرائي وڃي ته جيئن برسات جو پاڻي بيهي نه رهي. پاڻي نيڪال لاءِ پمپنگ مشينون اڳواٽ تيار رکيون وڃن ۽ شهر جي هيٺاهين علائقن ۾ نصب ڪيون وڃن.شهر جي روڊن ۽ نالن تي جمع ٿيل ڪچرو، پلاسٽڪ ۽ ٻيو فضول مواد برسات کان اڳ صاف ڪرايو وڃي.تڪڙي مدد لاءِ ميونسپل ڪاميٽي ۾ هڪ ايمرجنسي رسپانس سيل قائم ڪيو وڃي، جيڪو 24 ڪلاڪ فعال هجي. شهري آگاهي لاءِ بينرز، لوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان، يا سوشل ميڊيا پليٽفارم تي اطلاعن ذريعي ماڻهن کي احتياطي تدبيرون ٻڌايون وڃن. سيپڪو نئون ديرو لاءِ تجويزون هن ريت آهن ته برسات کان اڳ بجلي جون لڙڪندڙ تارون، زنگ آلود پول يا ڊينجر زونز جي نشاندهي ڪري مرمت ڪرائي وڃي. برسات دوران غير ضروري لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي، خاص ڪري رات جي وقت. برسات دوران ڪنهن به تڪڙي واقعي لاءِ سيپڪو عملي کي الرٽ تي رکڻ ضروري آهي. برسات ۾ استعمال لاءِ واٽر پروف ڪيبل، بوسٽر، ٽرانسفارمر وغيره جو اڳواٽ بندوبست ڪيو وڃي.نئون ديرو ۾ اڳواٽ منصوبه بندي، موثر لاڳو ۽ عوام سان رابطي ذريعي برسات جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ميونسپل ۽ سيپڪو انتظاميا کي پنهنجو ڪردار ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن شهرين کي تڪليفن کان بچائي سگهجي. الياس سمون لکيو ته اسان ٺٽو جي سامونڊي پٽيءَ وارن لاءِ ويل آھي مين روڊ ناھي برساتن ۾ پنج ڪلوميٽر سفر ۾ پنج ڪلاڪ لڳندا آھن روڊن جي اھڙي حالت آهي جو موٽر سائيڪل کان سوا ڪا به گاڏي نٿي ھلي بجلي بند ٿنبا تارون ڪريو وڃن سالن تائين نٿا ٺھن ايمرجنسي بنيادن تي اسپتالن ۾ڪجھه ناھي نه ڪا ايمبولينس سروس موجود آھي، برساتن بعد شاخن ۾گندو پاڻي ڇڏيو ويندو آھي جنھن پيئڻ سان علائقي ۾گيسٽرو ڊائريا هيپاٽائيٽس سميت مختلف بيماريون ٿيو وڃن ماڻھو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن. راجيش ڪمار لکيو ته ٽائون ڪاميٽي جي ماھوار بجيٽ مبينا ورھائي کاڌي وڃي ٿي، سدائين جيان شھر ٻڏندا بجيٽ ٻيڻي ٿيندي، پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ موٽر مشينون لڳرائي فوٽو سيشن ٿيندا، ٽائون عملو پاڻي ۾ بيھي فوٽو اپلوڊ ڪندا، پيٽرول ۽ ڊيزل جون پرچيون ملنديون، بس ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن لٽيرن جون ، مختيار مولائي لکيو ته سنڌ اندر موسمي برساتون پوڻ سان سنڌ جا ڪي اھڙا ننڍا ننڍا تعلقا آهن جنھن جا شھر ھن وقت به ترقياتي ڪمن کان محرم آھن جنھن ۾ نه گھٽيون نه ناليون آھن ٿوري وسڪاري کانپوءِ اھي شھر جون گھٽون ناليون برساتي پاڻي پوڻ سان شھر اندر گپ ڪچرو ٿي ويندو آهي سرڪار کي گهرجي ته پوري سنڌ اندر جيڪي به ٽائون ڪاميٽين،سان تعلقا شامل آهن انھن جي آفيسر کي گھرجي ته انھن صفائي ڪرائي جيئن برسات پوڻ سان ڏکيائين سان منهن ڏيڻ نه پوي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ اڳواٽ اپاءَ ته ڇا برسات کانپوءِ به روڊن تي پاڻي بيٺل ھوندو آهي، انتظاميا ڪو به اپاءَ ناهي ورتو، گھٽين روڊن ۾ ڪافي ڏينھن تائين برساتي پاڻي بيٺل هوندو آهي، شھر واسين جي رڙين کانپوءِ پاڻي نيڪال ڪيو ويندو آهي، انتظاميا کي گھرجي ته اڳواٽ اپاءَ وٺي رحمت واري برسات کي زحمت نه بڻائي، فقير جاويد احمد ڀيو لکيو ته اسان سنڌي هن انتظاميا کان ايترو ته نااميد ۽ مايوس ٿي چڪا آهيون جو هن وقت اسان سواءِ الله پاڪ کان ڪنهن به در اڳيان دانهن نه پيا ڪيون بس ان ٻاجهاري کي ٻاجھه جي اپيل آهي باقي انتظاميا ته پوري 78 سال کان پريشان ڪيو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته مينهن وسي ته انتظاميا مال کائي باقي انتظام ڪهڙا ؟ گٽر سم ناليون ئي ٻوڙي مارينديون. ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته انتظاميا ته انتظار ۾ آهي برسات اچي ملڪ ٻڏي مال ملي، فيروز احمد لکيو ته في الحال ڏسون برسات ڪيتري آهي، اڳتي پوءِ ڏسنداسين ڇا ڪرڻو آهي، ڪامران کوکر لکيو ته ڪو مسئلو ناھي لاڙڪاڻي جي انتظاميا پنھنجو ڪم مڪمل ڪري چڏيو آھي ڊرينيج سسٽم بھترين آھي، عدنان علي به سروي ۾ حصو ورتو، علي مراد لاشاري لکيو ته شهدادڪوٽ جي انتظاميا ننڊ ستل آهي، مينهوڳي ۽ گجگوڙ ۾ من ڪا جاڳي، باقي حال پورا آھن، ايم موسيٰ لنڊ لکيو ته انتظاميا ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، برسات بعد شهر، ڳوٺ، ڳليون، روڊ رستا ڊيم جا ڏيک ڏيندا آهن.