دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿينديون: تڪبندين جو ڪم جاري: اليڪشن ڪميشن جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اليڪشن ڪميشن بيوس آهي، جڏهن مٿان کان حڪم ٿيندو ته چونڊون ٿينديون پر في الحال چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، جڏهن به اليڪشن ٿئي شفاف ٿئي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ذوالفقار علي راهمون لکيو ته اليڪشن ٿئي يا سليڪشن ٿئي پر اقتدار ۾ اها پارٽي ايندي جنهن کي اسٽيبليشمنٽ چاهيندي، اسلم هزار چانڊيو لکيو ته هي فيصلا وڏي سرڪار جا آھن، لال محمد بلوچ لکيو ته اليڪشن ڪميشن بيوس آھي فيصلا مٿان پيا اچن، سڪندر علي ابڙو لکيو ته انڌيري ننگري چرٻٽ راج آهي، طارق عبدالله ميمڻ لکيو ته ايئن ٿيڻو ھو، ڪاشف علي لکيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبندي جو ڊرامو ڪري رهيو آهي جڏھن فرشتا چاهيندا ايڪشن ٿيندي، شاهد شر لکيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ئي بيوس آهي اليڪشن ڪميشن کي ٻيا هلائي رهيا آهن، تنهن ڪري ڪنهن جي راءِ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو خلائي مخلوق جيڪو چوندي اهوئي ٿيندو، قاري اسدالله لغاري لکيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ئي بيوس آهي، اليڪشن ڪميشن کي جيڪي حڪم ايندا ان تي لبيڪ چوندي اکيون ٻوٽي عمل پيرا ٿيندا، تنهن ڪري ڪنهن جي راءِ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو، نماڻو نوناري لکيو ته اليڪشن شفاف ٿي ته عوام جو ڀلو ٿيندو، عبدالستار شر لکيو ته اليڪشن ٽن مھينن ۾ ٿئي، پنجن يا سال ۾. سوال اھو ھجڻ کپي ته ڇا هر هڪ انسان کي ماني ميسر آهي؟ اشفاق چانڊيو لکيو ته ڪير به اليڪشن ۾ چڙهيو ته اسان کي فائدو نه ٿيندو ھاڻي نگران حڪومت آهي ته ان به پيٽرول سان گڏ هر شي چاڙهي ڇڏي آهي ڪير به وزيراعظم ٿيو ته پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کائيندا عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، عوام کي گذارش آهي ته پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري ..عزيزالله شر لکيو ته نماڻين ڳوڙهن ڀريل اکين سان ڏسي رهيا آھيون، نقاش پيرزادو لکيو ته اليڪشن ڪميشن پھريون صاف شفاف چونڊون ڪرائي تي اسان ڪجھه چئون سدائين ڌانڌلي جون شڪايتون وينديون آهن پر اليڪشن ڪميشن خاموش ٿي ويندي آھي، سمير احمد لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته فوج جي نگراني ۾ جلد کان جلد چونديون ڪرايون وڃن. عرفان جروار لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪونھي اهو ڪنهن ٻئي جو فيصلو آهي بھانو گھرجي اليڪشن 3سال تائين ٿيندي نظر ڪانه ايندي سڀ خلائي مخلوق جو ڪم آھي باقي سپريم ڪورٽ زبردستي اليڪشن ڪرائي ته ٻي ڳالھه آهي باقي خلائي مخلوق 3سال تائين نگران نظام ھلائيندي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اليڪشن ڪميشن بيوس آهي نگران سيٽ اپ ئي اهڙو رکيو اٿن جو جئين چاهين اهي فيصلا ڪري سگهن ٿا چونڊون وقت سر نه ٿينديون اميد ته اسٽيبلشمينٽ دير يا سوير چونڊون ڪرائي پر شفاف ٿيڻ کپن، مظهر علي جعفري لکيو ته چونڊن ۾ دير ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي، شنڪر لال لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو اعلان ته سٺو آهي پر ھي پاڻ بي وس بڻيل آهي ڇو ته اعلان مٿان کان ٿيندا رهيا آهن، فهيم خان لکيو ته ائين ئي ٿيئڻو هو، عوام به راضي آھي گذريل حڪومت عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف نه ڏئي سگهي صرف آسرن ۾ رهائيندي آئي مهانگائي جا جبل ڪيرايا ويا عوام اڳ ئي ڪمزور هو ايڏا وڏا بار نٿو کڻي سگهي مطلب گذريل حڪومت عوام جي اميدن تي پوري نه لٿي، اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا، عابد علي چانڊيو لکيو ته اليڪشن پاڪستان ۾ ٿي ڪڏهن آهي سدائين سليڪشن ٿيندي آهي سو هن دفعي به ماحول ٺاهي سليڪشن ڪئي ويندي عوام ووٽ ڀل ڏي يا نه… شبير کوکر لکيو ته ٿيڻ به نه کپن ڪھڙي جلدي آهي ڪهڙا نوان ايماندار چونڊجي ايندا، ساڳيا بالغ ووٽ نامنظور، اليڪشن نامنظور، گنجي ٺڪر لکيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن وڌيڪ مرضي چونڊون ڪرائڻ وارن جي، سينگار علي لکيو ته اسان کي لڳي ڪونه ٿو ته 3 مهينن ۾ اليڪشن ڪرائيندا حڪومت کي گهرجي ته فوج جي نگراني ۾ جلد کان جلد چونديون ڪرايون وڃن، کيمچند لکيو ته صحيح آهي اليڪشن نه ٿيڻ گهرجي، سليڪشن ٿيڻ گهرجي، هروڀرو سڀني جو وقت ضايع ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، عثمان چانڊيو لکيو ته قانون تي عمل ڪيو وڃي، سهيل احمد چانڊيو لکيو ته هي سمورو ڪم فرشتن جي هٿ ۾ آهي، جڏهن مٿان کان غيبي آواز ايندو تڏهن اليڪشن ٿيندي باقي سليڪشن ڪافي عرصو پهرين ٿي چُڪي هوندي عوام کي بليڪ ميل ڪرڻ واري تاريخ کي ئي اصل ۾ اليڪشن چيو ويندو آهي.