سوال/سروي … اليڪشن بابت آصف زرداري ۽ بلاول جا بيان ڪا اهميت نٿا رکن، عام ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن: عوام

0
30

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آصف زرداري چيو آهي ته هن وقت سياست نه معيشت بچايو، چونڊون تڪ بندين کان پوءِ ڪرايون وڃن: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ گهرجن، سياسي ڳالهه زرداري نه پارٽي جي مڃيندو آهيان: آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي انهن بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ٻئي پاڻ ۾ مليل آهن، ٻنهي جي بيانن جي ڪا اهميت ناهي، اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي، مهانگائي وڌي وئي آهي، عوام پريشان آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته آصف زرداري جي ڳالهه سندس سياسي بصيرت جو نتيجو آهي بلاول جو بيان جلدبازي وارو آهي لازمي آهي هاڻي بيروزگار ٿيا ويٺا آهن سياسي يتيمن جو ٽولو به جلد اليڪشن نه ٿئي ته وکرڻ جو ڊپ آهي بلاول کي سو انهن ٻنهي بيانن جي ڪا خاص اهميت ناهي اليڪشن جڏهن مالڪ چاهيندا تڏهن ٿيندي، امتياز کوسو لکيو ته بيان ته سياسي آهن پر ملڪ ۾ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي في الحال چونڊون ڪرائڻ بدران ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي جيڪڏهن تڪبندين ۽ چونڊن تي فوري طور قومي خزاني مان وڏي رقم خرچ ٿي ته حالتون اڃا وڌيڪ خراب ٿينديون ۽ مهانگائي ايندڙ ٻئي وڏي طوفان کي به ڪو نه روڪي سگهندو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ الڳ بيان بازي ڪن ٿا ٻيو ڪجھه نه آھي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ملڪ ۾ سياست ڪرڻ صرف مال ملڪيت گڏ ڪرڻ ۽ قوم کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي هڪ ته ملڪ جي سمورن سياستدانن هن ملڪ کي ترقي وٺرائڻ بدران رڳو ڪرپشن ڪري ترقي وٺرائڻ جي نانءُ تي بجيٽ هڙپ ڪري عوام کي بدترين ڪمزور ڪري هڪ خطرناڪ بيماري مهانگائي جي ور چڙھي ڇڏيو آهي ڇو ته هن ملڪ جي معيشت تمام گهڻي کان گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي هن وقت سياست ڪندڙن کي سڌو سنئون جيل موڪلي ڇڏيو ڪي نوان ليڊر پيدا ڪيو جئين ملڪ ترقي جي رستي تي هلڻ لڳي هن ملڪ جي معيشت بچايو نه ته حالتون خراب ٿي وينديون، هن ملڪ ۾ صرف چونڊون ٿيڻ هڪ ٺڳڻ ٻيو سچو ليڊر اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارن جون پيتون خالي ھونديون آهن وري جيڪي ملڪ ۽ قوم کي لٽيندڙ ليڊر اليڪشن ۾ حصو وٺي ٿو ان ليڊر جون ووٽن واريون پيتون ڀرجي وينديون آهن اها ڪهڙي اليڪشن يا سياست آهي..؟ هو چوي ٿو ته ملڪ ۾ تڪ بندين کان پوءِ اليڪشن ڪرائي ڇڏيو، اسان کي اليڪشن نه ترقي کپي ڀلي پوءِ چونڊون 90 ڏينهن يا 90 سالن ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار رهيو، سنڌ ۾ 17 سالن کان وٺي تاريخي حڪمراني ڪندڙ پيءُ پٽ پڦي جيڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم سان حشر ڪيو آهي اهو ڪڏهن به نه وسرندڙ آهي. ٿورو ترقي جو سوچيو اليڪشن جو نه…! ڪرپٽ راشي ليڊرن کي في الحال جيل موڪلي ڇڏيو ته پوءِ متان ملڪ ترقي ڪري وڃي. نصرالله لاشاري لکيو ته بلاول ڀٽو عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۽ آصف ذرداري اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکڻ لاءِ سياسي بيان پيا ڏين، شفقت حسين ابڙو لکيو ته زرداري ۽ پٽ جو ڊرامو آهي عوام کي بيوقوف ڪرڻ جو ھي گيم کيڏي رھيا آھن، سڪندر خان لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته اقتدار جا بکيا آهن هاڻي گهر ويٺي هنن جي ننڊ ڦٽي وئي هنن جا هيٺيان ايم پي اي ۽ ايم اين اي بک ٿا مرن هي عوام جو پيسو ڳڙڪائڻ جي لاءِ ايتري جلدي ڪري رهيا آهن، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته اھو فيصلو نه زرداري ڪري سگھي ٿو نه بلاول ھي مڙئي اسان عوام کي پيا بيوقوف بڻائين ۽ پنھنجي سياست پيا ڪن .. اليڪشن ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو فيصلو سرڪار وڏي وٽ آھي ۽ جنوري فيبروري تائين اليڪشن ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي .. باقي جيڪو نظر اچي پيو ان مان لڳي ٿو ته في الحال دمادم مست قلندر ٿيندو .. ڪجھه ٻڌبا ڪجھه ڇڏبا صفايو پھريان ٿيندو پوءِ جيڪو ٿيو .. باقي زرداري ۽ زرداري جا بيان ٽوپي ڊرامو آھن انھن تي ڌيان جي في الحال ضرورت ناھي، ڄام فقير رند لکيو ته هي ڊرامو آهي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته هي هڪ نئون ڊرامو آھي. عوام کي بيوقوف ڪرڻ جو نئون طريقو آھي. عابد حسين لکيو ته هيءُ پيءُ پٽ جو اڳ جيان ڊرامو آھي، خالد لغاري لکيو ته ھي پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي چڪر ۾ آهن، ھنن جي ھڪ وزير اڍاي لک ٽن کنڊ ۾ ڪرپشن ڪئي آهي زرداري سوچيو پيو ته اڳين حڪومت وٺان بلاول ڏسي ٿو ته حڪومت ڪونه ملندي ڪرپشن ۾ ٻڌباسين انڪري قوم کي بيوقوف ٺاھڻو آهي ٻئي ھڪ سڪي جا آهن ٻه سڪي ۾ پاسا ھوندا آهن ليڪن ھنن ۾ پاسو به ڪونهي، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته زرداري ۽ پٽ جو ڊرامو آهي عوام کي بيوقوف ڪرڻ جو ھي گيم کيڏي رھيا آھن اقتدار جا بکيا آهن هاڻي گهر ويٺي هنن جي ننڊ ڦٽي وئي هنن جا هيٺيان ايم پي اي ۽ ايم اين اي بک ٿا مرن هي عوام جو پيسو ڳڙڪائڻ جي لاءِ ايتري جلدي ڪري رهيا آهن، علي حسن ٽالپر لکيو ته هي سڀ سياسي پارٽيون ملڪ دشمن آهن، ملڪ کي صرف فوج ئي بچائي سگهي ٿي، گينجي ٺڪر به ردعمل ڏنو، اياز بلوچ لکيو ته جيڪو به ٿئي جي بسم الله…