سوال/سروي …. آئيس ۽ ڪرسٽل سوڌو ٻي منشيات جو وڪرو: پوليس ۽ حڪومت ذميوار قرار، ڪارروائي ڪري نوجوان نسل کي بچايو: عوام

0
23

 سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات جو آزار: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ لاءِ ڪوڪين، هيروئن ۽ چرس کان وڌيڪ ڪرسٽل ۽ آئيس جو نشو وڏو چئلينج بڻيل آهي: وزير جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا اوهان جي شهر ۾ به آئيس ۽ ڪرسٽل جو وڪرو ٿئي ٿو؟ ذميوار ڪير آهي ؟ روڪٿام لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت، چونڊيل نمائندن، لاڳاپيل وزيرن ۽ پوليس کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته آئيس ۽ ڪرسٽل سوڌو منشيات سرعام وڪرو ٿئي ٿي، جنهن ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ اثرائتي ڪارروائي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سرمد ادل سولنگي لکيو ته ڏوڪري، باقراڻي۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ منشيات جا اڏا، هيروئن ۽ شراب جا گتا سرعام هلندڙ آهن، ھتي اھو به نٿو لکي سگهجي ته انتظاميا اگهور ننڊ ستل آھي، ڇو ته ھتي سڀ ڪجهه مقامي انتظاميا جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي رھيو آھي، منشيات سبب نه رڳو نوجوان جو مستقبل تباھه ٿي رھيو آھي پر منشيات جا عادي نشي جي پورائي لاءِ ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويا آھن جنهن جا نتيجا عام شهري ڀوڳي رھيا آھن… اعليٰ اختيارين کي ان پاسي فوري ڌيان ڌرڻ ۽ جوڳي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن منشيات جي لعنت کان نوجوانن جي مستقبل کي بچائي سگهجي… علي بخش شر لکيو ته بلڪل ڊسٽرڪٽ شڪارپور شهر ۾ چڻڳي مقام تي سرعام منشيات جا اڏا هلن پيا پوليس مڪمل ناڪام بڻيل آهي يوسي ميان صاحب ۾ به چرس آفيم هلي ٿو پيو، ڪيئي نوجوانن جون زندگيون ضايع ٿين پيون جنهن کي روڪٿام لاءِ رياست کي سخت انتظامات وٺڻ گهرجن. امن راڄپر لکيو ته سنڌ گورنمينٽ ذميوار آهي، عمران خان نونداڻي لکيو ته ذميوار وزير آهي، ٽنڊوڄام ڳوٺ مريد سپيو ۾ ڪرسٽل ۽ آئيس چرس آفيم سرعام ھلي رهيو آهي ڪير به نٿو پڇي، گهر جا گهر تباهه ٿي ريا آهن، نوجوان چوري ڪري به آئيس لازمي وٺن ٿا، اي ڊي سومرو لکيو ته منشيات ختم ڪرڻ يا ھلائڻ ۾ وڏو رول پوليس جو آھي باقي سياسي ماڻهو به شامل آھن پوليس چاھي ته منشيات مڪمل ختم ٿي سگهي ٿي ھن وقت سرعام ھر قسم جي منشيات ھلي رھي آھي سڄي سنڌ ۾، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سنڌ گورنمينٽ ذميوار آهي، حفيظ غلام محمد هاليپوٽو لکيو ته سنڌ گورنمينٽ جا ماڻهو پاڻ منشيات جي وڪري ۾ ملوث آهن، شنڪر لال لکيو ته سنڌ ۾ منشيات جو استعمال عام ٿي ويو آهي جنھن جي ذميوار مافيا آھي سنڌ ۽ وفاقي سرڪار کي فوري طور ايڪشن وٺڻ گھرجي.. گلشير سومرو لکيو ته چونڊيل نمائندا پوليس ذميوار آھي درياخان مري ۾ آئيس چرس آفيم ننڍن ٻارن ۾ به عام ٿي ويو آهي، نجف علي لکيو ته اهي شيون بارڊر ڪراس ڪيئن ٿيون ڪن؟؟؟؟ مير ياسر جمالي لکيو ته نواب شاھه شھر جي ھر پاسي ھر منشيات جو نشو عام پيو ھلي پوليس بيوس بڻيل آهي، راڄڙ فقير لکيو ته پاڻ منشيات نٿا واپرائن، رئيس سڪندر علي چانڊيو لکيو ته حڪومت ئي ذميوار آهي، شاهد بلوچ لکيو ته خاص انهي ڪم ۾مڪمل پوليس جو به اهم ڪردار آهي ذميوار منسٽر آھي ڇا منيشات فروش حڪومت کان ڏاڍا آھن؟  ڪروڙين رپيا منٿلي وٺي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي، اياز کهاوڙ لکيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ميرپورماٿيلي شھر اندر منشيات پوليس جي سرپستي اندر عام جام هلندي آهي. پوليس علائقن اندر منٿلي مقرر ڪري منشيات وڪرو ڪندڙن کي سپورٽ ڪندي آهي، احسان علي ڪالرو به سروي ۾ حصو ورتو، الله ڏنو راهمون لکيو ته سجاول ۽ آس پاس جي علائقن ۾ آئيس گٽڪي ٺري تباھي مچائي ڇڏي آھي. ننڊڙا ٻار اڪثر واڪ ڏيئي گٽڪو کپائين پيا. اڪثر مسجدن مان جتيون چوري ٿيو وڃن، موٽرسائيڪلن جي چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، چون ٿا آئيس جي موالين ڀينگ ڪئي آھي . قانون جي رکوالن جي ملڪيتن ۾ اضافي جي جاچ ڪئي وڃي ته مسئلو ئي حل ٿي ويندو، سجاد رحمان پنهور لکيو ته بلڪل ڦلجي اسٽيشن ۾ آئيس، چرس،آفيم ۽ ڀنگ جو نشو عام جام ٿي ويو آهي، آئيس جو نشو اچڻ کانپوءِ چرس جو استعمال تمام گھٽ نظر اچي ٿو، جن بيٺڪن تي چرس جو راڄ هوندو هو اڄ انهن آستانن تي آئيس پنهنجو ڪنٽرول ڄمائي وئي آهي، آئيس جو نشو ڏينهون ڏينهن نوجوان نسل ۾ وڌندو پيو وڃي جنهن سبب سندن والدين پنهنجي اولاد جي حالت ڏسي ڊپريشن جو شڪار ٿي چڪا آهن، اسان جي شهر ۾ نشي جو وڪرو بلڪل ناهي پر ٻاهريان ماڻهو اچي نوجوانن کي استعمال ڪرڻ لاءِ پئسن عيوض مهيا ڪن ٿا، ڦلجي اسٽيشن پوليس ۾ ڪجھه ڪاريون رڍون آهن جن منشيات جي ڪمائي جو ٺيڪو پڻ کنيو آهي، پوليس کي منشيات سپلاءِ ڪندڙن جي مڪمل معلومات پڻ آهي پر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ڇو ته سندن ڪمائي بند ٿي ويندي، مبشر علي لکيو ته انهن کان پڇو ته منشيات ڇا آهي، محمد ادريس ڏاهري لکيو ته ذميوار منسٽر آھي ڇا منيشات فروش حڪومت کان ڏاڍا آھن پر کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پوليس کي منٿلي ملي پوءِ ڀلي ڪھڙو به ڪرائيم ڪريو ڪوئي مسئلو ناھي جيڪڏھن منٿلي ۾ دير ٿي ته پوليس ڪاروائي به ڪري سگھي ٿي شڪارپور اسان جو ضلعو منشيات سميت آڪڙا پرچي بڪي سميت وياج کان بلڪل پاڪ آھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سنڌ ۾ منشيات جو استعمال عام ٿي ويو آهي جنھن جي ذميوار مافيا آھي سنڌ ۽ وفاقي سرڪار کي فوري طور ايڪشن وٺڻ گھرجي ته جيئن ضايع ٿيندڙ قيمتي انساني جانيون بچي سگھن،

اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ منشيات سرعام پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي پئي اسان جي ضلعي سانگھڙ ۾ خاص ڊيلر مقرر ٿيل آھن ڊيلر ھر شھر ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ شھر ۾ وڪرو ڪن پيا سنڌ جا سڀ ٿاڻا به منشيات جي تعاون سان ھلن ٿا اسان جي شھر سرھاڙي ۾ آئيس جو وڪرو به عام آھي وڏا توڙي نوجوان سرعام آئيس وپرائين پيا ان خطرناڪ نشي ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون تباھه ڪري ڇڏيون آھن سنڌ حڪومت کي ھاڻ منشيات خلاف تڪڙا ۽ قدم کڻڻ گھرجن، عبدالقيوم لغاري لکيو ته ماتلي سميت سنڌ ۾ منشيات ھلڻ جي ذميوار خود پوليس آھي ھاڻي ڪنھن کان ڳالھه لڪيل آھي ته ٿاڻا به منشيات جي تعاون سان ھلن ٿا ھر پوليس چوڪي تي جيتري منشيات پڪڙي وڃي ٿي ته ان جي چوٿائي حصو به ظاھر نٿو ڪيو وڃي ٻي کيسي ۾ وڃي ٿي…سچ پڇو ته سنڌ پوليس ھلي ئي منشيات جي بجيٽ تي ٿي، جيڪڏهن منشيات بند ڪن ٿا ته انھن جا ٺٺ ختم ٿين ٿا. هڪڙو جاويد لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات جو ذميوار سماج جو رويو آھي جنھن سبب اسان جو نوجوان نسل تباھه پيو ٿيندو ٿو وڃي، ڪيڏي نه شرم جي ڳالھه آ جو سترنھن گريڊکان مٿي جي سرڪاري ملازمن جون گهرواريون به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفا وٺن ٿيون اهڙي ڳالهيون خبرن ۾ اينديون آهن، اڻبرابري سبب اسان جو نوجوان احساس ڪمتري جو شڪار ٿي منشيات ٿو واپرائي، سو ان جا ذميوار اسان توھان آھيون، اسان توھان جو فرض آھي ته نوجوانن لاءِ روزڱار جا موقعا پيدا ڪيون انھن جا مددگار بڻجون. نثار احمد لنڊ لکيو ته سنڌ ۾منشيات جا ذميوار چونڊيل نمائندا، وزير ۽صوبائي سرڪار آھي جيڪي سنڌ جي نوجوان جي زندگي سان کيڏي رهيا آهن، موهن لال لکيو ته وزير صرف بيان بازي تائين محدود آهن، پوليس ۽ ايڪسائيز کاتو جي ڪارڪردگي ٻڙي هئڻ ڪري سنڌ ۾ منشيات گهٽي گهٽي ۾ عام جام ٿي وئي آهي انهي ناسور منشيات کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊر سچائي سان ڪردار ادا ڪن، رسول بخش شر به سروي ۾ حصو ورتو.