راولپنڊي(م ڊ) سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار خارجي مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سوات ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي، آءِ اس پي آر جو چون آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهن