سوات (م ڊ) سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويل وڌي 10 ڄڻن جا لاش هٿ اچي ويا، جڏهن ته ٽن ڄڻن جي ڳولا جاري رهي، 4 ڄڻن کي بچايو ويو هو، ڪي پي حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 15-15 لک رپيا امداد جو اعلان، ريسڪيو ذريعن موجب، هٿ آيل لاشن ۾ 5 عورتون، 2 ٻارڙا ۽ هڪ نوجوان شامل آهي، فوتين جو تعلق سيالڪوٽ ۽ مردان سان آهي، واقعي بعد صوبائي حڪومت ڊي سي سوات، ٻن اسسٽنٽ ڪمشنرز، هڪ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ريسڪيو جي ضلعي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو، ڊي جي ريسڪيو 1122 شاهه فهد چيو آهي ته ٻڏي ويل 10 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ٽن ڄڻن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي . سانحي کانپوءِ صوبائي حڪومت ڊپٽي ڪمشنر سوات کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. صوبائي سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊي سي سوات سان گڏ 18هين گريڊ جي هڪ ٻئي آفيسر کي به واقعي کانپوءِ معطل ڪيو ويو آهي.
سوات سانحو: وفاقي حڪومت پاران گنڊاپور کان استعيفا جو مطالبو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو آهي ته درياءِ سوات واقعي تي سڄي قوم ڏکايل آهي، ڊي سي کي معطل ڪرڻ بدران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي ها، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪيو ويو، وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ريسڪيو لاءِ ڇو نه استعمال ڪيو ويو. ملڪ خلاف ٽوئٽ ڪرڻ جي ڳالهه هجي ته تحريڪ انصاف سڀ کان اڳيان هوندي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته 12 سالن کان خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اهڙو ريسڪيو نظام قائم نه ٿي سگهيو، جيڪو ماڻهن کي بچائي سگهي، هي سياحن جي نه پر تحريڪ انصاف جي نظام جو موت ٿيو آهي، هن چيو ته علي امين گنڊا پور اڊيالا جيل کي پنهنجي ڪيمپ آفيس بڻائي ڇڏيو آهي، علي امين گنڊا پور چوي ٿو ته ماڻهن کي ٽينٽ ڏيڻ اُن جو ڪم ناهي، علي امين گنڊا پور جو اصل ڪم اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڏنڊا فراهم ڪرڻ آهيو، فاقي وزير چيو ته ڊي سي کي معطل ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ڇا ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ وڏي وزير جو ڪم ناهي؟،هن چيو ته قدرتي آفتن جي وقت امداد فراهم ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي، ريسڪيو 1122 جو قيام چوڌري پرويز الاهي جو سٺو قدم هو.
بچي ويل شخ جي ڌي ۽ سوٽ جا لاش مليا، پٽ جو پتو نه پيو
سوات (م ڊ) سوات درياءَ سانحي جي بچي ويل مردان واسي روح الامين چيو آهي ته ريسڪيو ٽيمون موقعي تي نه پهتيون، پر ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي. روح الامين هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” اسان درياءَ جي ڪناري تي بيٺل هئاسين ته اوچتو چاڙهه آيو ۽ هڪ تيز وهڪرو سڀني کي پاڻ سان لوڙهي ويو ،جنهن مان 6 ماڻهو ته بچي ويا، پر ٻيا سڀ لڙهي ويا. هن چيو ته امدادي ٽيمون موقعي تي پهتيون پر ڪنهن کي به بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. واضح رهي ته روح الامين ڌيءَ ۽ سئوٽ جا لاش هٿ آيا آهن، پر سندس پٽ اڃا تائين گم آهي.
ڪي پي حڪومت ان ايڪشن: سوات درياءَ تي اڏيل هوٽل ڊاهڻ جو فيصلو
پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت سوات درياءَ جي ڪنڌيءَ تي حددخلين خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته سڀني هوٽلن کي مستقل بنيادن تي رجسٽر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايتن تي سوات ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، ترجمان، ايم پي ايز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ ٿيا