سواءِ سچ جي ڪجھه به نه ڳالهائڻ جي گهڙي

0
64
ڇا رڳو ترقيون، مقرريون ۽ بدليون ئي سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن جا وڏا مسئلا آھن؟

 خدا خدا ڪري اهي اهم مقرريون جن سبب ملڪ گذريل سال آڪٽوبر کان هڪ قسم جي خود ساخته هيجاني ڪيفيت ۾ مبتلا هو سي  ڪجھه ڇڪتاڻ کان پوءِ نيٺ ٿي ويون. هاڻي ٿوري اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪجھه سياسي، معاشي، سماجي ۽ ادارتي استحڪام اچي ويندو. اها به بهترين ڳالھه آھي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سينئر موسٽ ۽ انتهائي قابل شخص به آھن ان ڪري سندن ميرٽ چئلينج ڪرڻ کان مٿانهين آھي. تنهن هوندي به  نالن ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي خان صاحب چئي ڇڏيو هو ته کيس مقرر ٿيندڙن جي اهليت تي ڪو به شڪ ناهي پر مقرري ڪندڙن جي ڪردار ۽ نيت تي ڀروسو ناهي ان ڪري“ جيڪا” به مقرري ٿيندي اها پهرئين ڏينهن کان اختلافي هوندي. ان حوالي سان کيس وفادار ڪارڪن عارف علوي صاحب سان غير قانوني ۽ غير آئيني ته ڇا پر غير اخلاقي فتني بازي خاطر  مشورو ڪري، هاڻي وري آئين ۽ قانون سان “کيڏڻ” جو ارادو آھي. شرمساري جي ڳالھه ته اها آھي ته مقررين واري هي اهم ترين سمري پهچڻ کان پوءِ  ان جي منظوري بدران موصوف “کيڏڻ”  خاطر زمان پارڪ لاهور روانو ٿي ويو. رسمي اختيار واري منظوري روڪڻ ته هنن جي وس کان ٻاهر هو۽ ڪري به ڪجھه نه پيا سگهن سواءِ بي لذت گناھه،  رياستي ادارن جي ناراضگي ۽ دنيا کي پاڻ تان کلائڻ جي سو اهو ڪم ضدي انا جي تسڪين لاءِ ۽ اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته ناڪام حڪمت عملي جو ماريل اڳواڻ پنهنجي اعليٰ حيثيت جو مظاهرو ڪري ڏيکاري سگهي ته صدر مملڪت ڪيئن نه فائيل ڪڇ ۾ ڪري پرسنل سيڪريٽري وانگر درٻار ۾ حاضر ٿي مقرري جي “منظوري ” وٺي ويو آھي. يعني ته ان مقرري ۾ سندن به حصو آھي. اصل ڳالھه ھي آھي تمام خصيص ذھنيت ۽ اهليت وارا معمولي ڪردار رکندڙ مملڪت جي تمام کان  به وڏن عهدن تي ناجائز طريقن سان آندا ويا هئا. ارمان اهو ڪرڻ گھرجي ته سڄي زندگي ملڪان ملڪ، طرح طرح جا کيڏ کيڏندي،  اڄ 70 سالن جي عمر ۾ به هر شيءَ سان کيڏڻ جي پراڻي  عادت نٿي وڃي. “هارهياڙي جي هير ٽنگ  ڀڳي به نه وڃي”

اربع ڏينهن موجوده چيف صاحب جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع ۽ پاڪ فوج جي شھيدن جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب ۾ ڄڻ ته پنهنجو الوداعي خطاب ڪري اداري جي موجوده سوچ، ماضي جي غلطين، عمران خان طرفان نامناسب، جارحاڻي ۽ غير اخلاقي ٻولي جي استعمال تي افسوس سان گڏ ٻين سياسي جماعتن تي پڻ هلڪي تنقيد ڪئي. ان تنقيد ۾ ملڪ جي ٽٽڻ جي ذميواري سياستدانن تي مڙھيندي جتي امپورٽيڊ حڪومت واري طعني کي ننديو اتي سيليڪٽيڊ حڪومت واري الزام کي به نامناسب قرار ڏنو. اها ٻي ڳالھه آھي ته ريٽائرڊ ٿيندڙ جنرل صاحب هن سال فيبروري کان پهرين تائين اداري جي سياست  ۾ ڪردار ھئڻ کي نه صرف تسليم ڪيو پر آئينده لاءِ ماضي کان جذباتي ڇوٽڪاري Catharsis))  جي احساس جو اظھار به  ڪيو. ساڳئي وقت سڀني سياسي ڌرين کي صائب صلاح ڏيندي چيو ته ملڪ سنگين معاشي بحران جو شڪار آھي، ڪا به هڪ پارٽي ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي ان ڪري سموريون ڌريون ذاتي انا ڇڏي اڳتي وڌن. جنرل صاحب فوج جي سياست ۾ ھميشه کان موجود ڪردار جي موجودگي ۾ پنهنجي ٻٽي معياد دوران ملڪ ۽ قوم لاءِ سياسي حڪومت جي حصي  جا ڪافي سٺا ڪارناما به سرانجام ڏنا جيڪي سيليڪٽيڊ حڪومت جي وس کان ٻاهر هئا. اهي ريڪوڊڪ جو مامرو،  ڪارڪي ڪمپني جو اربين ڊالرن جو ڏنڊ، ايف اي ٽي ايف مان نڪرڻ لاءِ راھه هموار ڪرڻ ۾ مدد، فاٽا کي ڪي پي  ۾ شامل ڪرائڻ، قطر کان سستي گيس جي فراهمي، ٻوڏ  ۽ ڪووڊ ۾ ڀرپور هٿ ونڊائڻ ۽ دوست ملڪن کان قرض فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرائڻ جهڙا مينڊيٽ کان مٿي وارا معاملا به شامل آھن .قومي سلامتي پاليسي تشڪيل ڏيڻ ۾ به باجوه ڊاڪٽرائين جي واضح جھلڪ جهلڪي ٿي. اهي سڀ حوالا پاڪستاني ڪٻري نظام ۾  سندن ڪارناما ئي ليکڻ گھرجن. انھن حالتن هوندي   خان صاحب جو لولو لنگڙو فرلانگ مارچ به 26 نومبر تي راولپنڊي-اسلام آباد تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آھي. هاڻي اٺ ڪهڙي پاسي ڪر کوڙيندو؟

هن وقت جنهن اداري بابت ڪا ننڍي راءِ رکندي به انتهائي احتياط ڪرڻو پوندو ان ساڳئي دفاعي اداري جي سربراھه ڄڻ ته اقرار ڪيو آھي ته نوَ مهينا اڳ تائين فوج سياست ۾ شامل رهندي آئي آھي.جنهن جا ثبوت چئن مارشلائن جي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ حڪومتي وهنوار هلائڻ سبب پيدا ٿيل انيڪ سياسي اقتصادي، سماجي، سفارتي، دفاعي ۽ سڀ کان وڌيڪ مذھبي جنونيت جي جاري رجحانن جي صورت ۾ موجود آھن. اقرار ڪرڻ وڏي جرئت جو ڪم به آھي ۽ اميد به آھي ته اداري جو شعوري ۽ اختياري فيصلو ايندڙ سڀني تبديلين ۽ دؤرن ۾ به قائم رهندو. باقي بنگلا ديش قائم ٿيڻ جي ذميوارن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين تاريخ ۾ پوئتي وڃڻو پوندو. قائد اعظم 1948ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي ۾ جنهن مهل صرف اردو کي قومي زبان قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ته اختلاف جي شروعات تڏهن کان ٿي ويئي هئي. ان کان پوءِ نئين مملڪت ۾ جيڪو حشر ٻن بنگالي وزير اعظمن خواجه ناظم الدين ۽ حسين شھيد سهروردي سان اسان ديسي “مغربين” ڪيو هو اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. شيخ مجيب جا ڇھه نڪتا ۽ علحيدگي جي سوچ جي آبياري پاڻ سڀني ملي ڪئي هئي. ايوب خان فوج جو سربراھه هوندي به وزير دفاع جي عهدي تي 1950ع ۾ ئي اچي وي.و ڏيڍ ڏينهن جون بي بقا حڪومتون هلندي غلام محمد ۽ سڪندر مرزا جي “صادقي ۽ اميني” وارين حرڪتن وچان ايوبي دور 1958ع ۾ اڀري اقتدار وري ٻئي جنرل يحيٰ حوالي ڪيو جنهن 1971ع ۾ پاڪستان ٽوڙائي پوءِ وڃي سک جو ساھه کنيو. اهي سڀ سال جن ۾  بنگالين  ڀڄي جان ڇڏائي اهو احساس گهڻو ڪري ايوبي دور ۽ اسٽيبلشمنٽ جي زور تي پنجاب جي سياستدانن گڏجي پيدا ڪيو.  آخر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي بنگالين ۾  بغاوت  جي پڪل ميوي کي وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش ۽ يحيٰ خان جي صلاح سان صرف ڌوڻ ڏني ته بنگلاديش جو ڀوت ٻاهر اچي ويو. انڪري صرف سياستدانن کي ذميوار قرار ڏيڻ سان نصوح واري توبھه  جو حق ادا نه ٿيندو.

اليڪٽيڊ حڪومتن اچڻ جي آسري هن قوم 75 سال ضايع ڪري ڇڏيا. جڏهن به ڪا انڌي منڊي جمهوري حڪومت آئي به هوندي ته يا ته راتاهي ۾ راهي ڪئي ويئي هوندي يا ڪنهن پهريائين رٿيل منصوبي مطابق اقتدار ۾ آندي ويئي هوندي، جنهن جي انتها پروجيڪٽ عمران جهڙن “حادثن” جي صورت ۾ سامهون آئي هوندي. گهٽ ۾ گھٽ 10 سال موجوده تجربي تي به عمل ٿيندو رهيو. نواز شريف جي اڪثريتي حڪومت هٽائڻ جو ڪفارو ڪيٿارسس جي صورت ۾ اسان سامهون آھي. ڊان ليڪس، ميموگيٽ مامرو۽  پانامه مان اقامه جهڙي بي انصافي جي پاپن سبب جيڪو نانگ جهولي ۾ نپايو ويو اهو پنهنجي قد بت اوقات ۽ صلاحيت کان وڏي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ماضي جون سڀ حدون پار ڪندو ويو. دوست ملڪن تي، ادارن تي عدليه تي اليڪشن ڪميشن تي سطحي توهين  کان گهڻو اڳڪٿي نڪري غليظ ۽ ڪريل الزام هڻندي، پوءِ به   خود غداري جي سزا کان نه صرف بچندو رهيو پر الٽو دفاعي ادارن تي غداري جهڙا الزام ڇا “ڪبيره گناھه” ڪرڻ لڳو. ڪنهن نه روڪيو. بقول هڪ مبصر جي ته هن مونسٽر جي منهن کي رت لڳي چڪو آھي،  ويو وڌندو، ويو حدون اورانگهيندو، نيٺ جڏهن پاڻي مٿي تان گذرڻ لڳو ۽ خود محسن چيف کي وقت کان اڳ عهدي تان هٽائڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو تڏهن وڃي ڌڻين به اک کولي. اوتري تائين پهچندي کيس ڪنهن نه روڪيو، ڇو؟ گهر جو پاليل هو؟ وڏي صوبي جو ڊوميسائيل هوس؟ يا مورڳو خود اداري  ۾ وڇوٽيون ۽ اختلاف پيدا ڪرڻ جي گمراھ ڪن غلط فهمي ۾ مبتلا هو؟ جيڪي به هو پر ان جي ذميداري سياستدانن يا سياسي نظام جي نه هئي بلڪه ساڳئي اداري جي هئي جن هروڀرو رونشو ڪري وڻ وڻ ڪاٺي، پنهنجا وفادار ڳولي هڪ ڪوري رانديگر کي 22 ڪروڙ عوام جي قسمت حوالي ڪري ڇڏي. اهڙو سيکڙاٽ شخص جنهن کي صرف کيڏڻ آيو ٿي، سو سڄي دنيا ۾ کيڏندي کيڏندي اچي ملڪ ۽ قوم جي قسمت سان کيڏڻ لڳو، ڪڏهن سائفر سان کيڏڻ ڪڏهن ملڪي معيشت سان کيڏڻ ۽ هاڻي وري صدر سان ملي چيف جي مقرري جي سوال تي آئين ۽ قانون سان کيڏڻ جو هڪ انٽرويو ۾ اعلان ڪيو هئائين پر سٽ سهي نه سگهيو. ان ڪري 2018ع جي اليڪشن ۾ آر ٽي ايس جي ناڪامي کي ڇا به کڻي چئجي پر قوم کي ويساھه نٿو ڏياري سگهجي ته بس اها ٽيڪنيڪل خرابي هئي ۽ نه ئي ڪير اهو قبول ڪندو ته عمران خان جي حڪومت “سيليڪٽيڊ” نه هئي جنهن جون نيپيون به بدلائبيون رهيون.

امپورٽيڊ حڪومت واري الزام تان آمريڪي احترام ۾ وڏو يو ٽرن ڌڻي پاڻ وٺي ڇڏيو آھي ان جي ڪنهن ردَ يا وضاحت جي ڪنهن ٻئي کي ڪا ضرورت ڪانهي. ها باقي سڀني پارٽين کي “اليڪٽيڊ” حڪومت آڻڻ واري صائب ۽ وقتائتي مشوري تي ضرور عمل ڪرڻ گھرجي. 2018ع کان وٺي قوم جي ضايع ٿيل سالن جي ذميداري ڪير قبول ڪري يا نه ڪري، ان نيا پاڪستان واري تجربي ۽ هائبرڊ نظام جا پنج  کن نتيجا سامهون ضرور آيا: پهريون نتيجو پي ٽي آءِ جي صورت ۾ هڪ بي لغام پر مقبول ٽين قوت يا پارٽي ميدان ۾ اچي ويئي آھي جنهن جي بقا بابت موجوده حالتن ۾ ڪا پيشنگوئي نٿي ڪري سگهجي پر مينهن جي موسم وارين کنڀين جي عمر صفا ٿوري هوندي آھي. ٻيو نتيجو اسٽيبلشمينٽ جي ڪمزور ٿيڻ جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته جيتري ڇوٽ ھن جماعت خاص ڪري ۽ ان جي اڳواڻ کي ملي ان جو پنجاهون سئون حصو گستاخي به جيڪڏهن ڪنهن ننڍي صوبي جي باشندي کان سرزد ٿئي ها ته ٽِڪ ٽِڪي چاڙھيو وڃي ها. ٽين ڳالھه ته ادارتي ۽ انساني احترام ختم ٿي ويو. ڪنهن هڪ جو به نه احترام رهيو نه وري ڪا تميز  رهي. هاڻي سياسي مخالفت دشمني ۾ بدلجي وئي آھي. چوٿون نتيجو موقف تبديل ڪرڻ جي عمل کي وڏي ليڊر جي خصلت ڄاڻائي، پيرن تي ڦري وڃڻ کي ڪاريگري قرار ڏنو ويو ۽ انتهائي احسان فراموشي کي پنهنجي مقبوليت جو اظھار سڏيو ويو. پنجون نتيجو هائبرڊ نظام جي بڇڙي طريقي سان ناڪامي جي صورت ۾ ثابت ٿي چڪوآھي. انهن پنجن نتيجن مان ممڪن آھي ڪو هڪ اڌ نتيجو مستقبل جي سياست معاشرت ۽ رياست لاءِ سازگار به ثابت ٿئي. انهن حالتن ۾ امڪان آھي  پي ٽي آءِ جو رٿيل مارچ ڪنهن اعلان، ڪنهن عدالتي مشوري بهاني يا نامرادي سبب ناڪام موٽي وڃي. نامرادي گذريل چئن هفتن کان هر وک تي عيان هئي پر ميڊيائي ماتم ۽ اليڪٽرانڪ مين اسٽريم ميڊيا تي ايئر ٽائيم آساني سان ملڻ سبب مڙيوئي رينگٽ لڳو پيو هو.

ملڪ هن وقت،هميشه کان وڌيڪ،سياسي،معاشي،سماجي،سفارتي ۽ سلامتي جي چئلينجز جي نازڪ دور مان گذري پيو ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ ۾ شايد ڪي باقي ڏينهن وڃي بچيا هجن، الهندي سرحد تي دهشتگرد ٻاهرين امداد ذريعي ملڪ جي امن ۽ سلامتي سان هٿ چراند جاري رکيو ويٺا آھن، اڀرندي سرحد سدائين جهڙي بي اعتباري واري آھي، ان صورت ۾ ڪيٿارسس ۽ خود احتسابي جو عمل رڳو فوج کي ناهي ڪرڻو،  جنهن شايد شروع به ڪري ڇڏيو آھي پر عدليه جو تاريخي ڪردار به انتهائي ڀيانڪ ۽ خوفناڪ رهيو آھي. جسٽس منير، جسٽس انوارالحق، جسٽس مولوي مشتاق، جسٽس افتخار چوڌري، جسٽس ثاقب نثار، جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ موجود عدليه ۾ موجود ڪافي مانوارن عدليه کي فخر ڪرڻ جهڙا تمام گهٽ فيصلا فراهم ڪيا آھن. عدالت منجھه موجود جج حضرات سينيارٽي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن جي تعين ۽ فيصلن خلاف عام سائل وانگر رڙندا گهر هليا وڃن ٿا، بينچن جي تشڪيل ۽ ججن جي مقرري ۾ اقربا پروري بابت الزام خود عدليه ۽ وڪيل برادري منجهان اٿن ٿا، جيڪڏهن دفاعي ادارن تي سياست ۾ ملوث ٿيڻ جو الزام جائز آھي ته عدليه کي به پنهنجي حصي جو بار سنڀالڻو پوندو. سياستدان هميشه فوڪس ۾ رهي جيلن ۾ رهي سڀ الزام سهي به اوترو سڌريو ناهي جيترو ايترين مصيبتن سهڻ کان پوءِ سڌرڻ گھرجيس ها. اڄڪلھه ميڊيا جا جيترا ميڊيم گهڻا ٿي ويا آھن ته غير ذميواري به اوتري وڌي ويئي آھي. ان ڪري وقت اچي ويو آھي، ميڊيا به خود احتسابي ڪري. اصل ڳالهھ اها آھي ته اچو ته سچ ڳالهايون، سڄو سچ ڳالهايون ۽ سواءِ سچ جي ڪجھه به نه ڳالهايون. ڪنهن سان؟ هڪٻئي سان،سڀني سان، پنهنجي پاڻ سان ۽ سڀني جي سامهون جيڪو“ سچ ۽ مصالحتي ڪميشن Truth and Reconcialition Commission  ” جي صورت ۾ جڙي سامهون اچڻ گھرجي. نئون سماجي معاهدو ڪجي جنهن ۾ واعدو ڪرڻو پوندو ته ڪير ڪنهن جي حدن جي اورانگھه نه ڪندو ٻي صورت ۾ ھن ائٽمي قوت جي مالڪ سوسائٽي جا بنياد ايترا پختا ناهن جيڪي خطبن ۾ ٻڌايا ويندا آھن.

ڪي ميري قتل ڪي بعد اس ني جفا سي توبه

   هائي اس زود پشيماں ڪا پشيماں هونا