سوئي ۾ دهشتگردن جو حملو، سينيٽر سرفراز بگٽي جي سئوٽ سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا

0
120
سوئي ۾ دهشتگردن جو حملو

سوئي (ڊيسڪ رپورٽ) سوئي ۾ دهشتگردن جو حملو، سينيٽر سرفراز بگٽي جي ڪزن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آھن, ڊيرا بگٽي جي علائقي سوئي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي جي سئوٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آھن

سينيٽر سرفراز بگٽي چيو آھي ته سوئي حملي ۾ 8 ڄڻا زخمي به ٿيا، بلوچ ريپبلڪن آرمي جي دهشتگرد حملي ۾ ملوث هئا، هن چيو ته حملي ۾ منهنجي  سئوٽ سميت 4 ڄڻا  مارجي ويا آھن

 حڪومت ڳالهين جي نالي تي اسان سان مذاق ڪري رهي آهي، سرفراز بگٽي چيو ته مان صوبائي حڪومت کان پڇان ٿو ته اسان کي دهشتگردن آڏو ڇو ڌڪيو ويو آهي، عوام جي مدد ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي