لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ڪچن ملازمن ريجنل سيڪريٽري محمد عالم ڀٽو، امام بخش جيهو، عبدالغفار چانڊيو، نظير جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 7 هزار کان وڌيڪ هيلپر، ڊرائيور، هيڊ هيلپر، ميٽر ريڊر، سپروائيزر، ويلڊر ۽ سپرنٽينڊنٽ 20 کان 25 سال کان سوئي سدرن گيس ڪمپني ۾ ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهيون، هن وقت تائين پگهارن ۾ واڌ ناهي ٿي سگهي، نه ئي مستقل ڪري پروموشن، 3 سال جي ليو انڪيشمينٽ، هر سال ملندڙ 10 سيڪڙو بونس توڙي ٻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن. سپريم ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، نوٽيس وٺي جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.  ٻي صورت 8 فيبروري تي سنڌ بلوچستان جا هزارين ملازم ڪراچي هيڊ آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين.