سوئي گئس (ن پ ا) سوئي گئس شهر ۾ مختلف موبائيل فون ڪمپنين جو نيٽ ورڪ مسلسل خراب هئڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو، موبائيل فون ڪمپنين مٿان صارفن سان فراڊ جو الزام. مظاهرين شوڪت علي، ڊاڪٽر سرفراز علي، لالا قمرالدين، امير حسين ويسر،  حسيب،  مجيب الرحمان،  ارسلان رضا، عبدالجبار ويسر، نويد، طاھر علي، حيدر، ڊاڪٽر فياض ويسر، جبار ويسر، ڪامران ويسر ۽ ٻين چيو ته موبي لنڪ ۽ ٽيلينار ڪمپنيون اسان کي ٻنھي ھٿن سان لٽي رھيون آھن. نيٽ ورڪ 24 ڪلاڪن ۾ صرف ٻه ڪلاڪ ھلي ٿو. نيٽ ورڪ 22 ڪلاڪ بند ھجڻ سبب سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن ڄاڻايل ڪمپنين جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته نيٽ ورڪ کي فوري طور بهتر بڻايو وڃي.