اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر عمر فاروق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڊي، ايس اين جي پي ايل بريفنگ ۾ ٽن سالن ۾ سوئي نادرن جي بي ضابطگين جا تفصيل پيش ڪندي چيو ته سينٽرل بيس اسٽور ۾ چوري جي الزام ۾ 22 ڄڻن کي ڊپارٽمينٽل ڪارروائي تحت سزا ڏني وئي آهي، انهن تي ايف آءِ اي به داخل ڪئي وئي. جڏهن ته ايف آءِ اي هڪ ڪرور 30 لک رپين جي رڪوري ڪئي آهي. بيون ويسٽ پراجيڪٽ ۾ سامان چوري ڪرڻ تي 9 ڄڻن کي سزا ڏني وئي، ملازمن کان 50 لک رپيا رڪوري ڪئي پئي وڃي. سي ايم ايس لاهور ۾ اسڪريپ چوري تي 6 ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. لوڪل فيلڊ بند ٿي رهي آهي. اسان جا قطر ۽ اي اين آءِ سان معاهدا آهن، اهي معاهدا 2031ع تائين جا آهن، ڏهه ڪارگو هر مهيني ايندا آهن، انهن ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن کان وڌيڪ دير نه ٿي ڪري سگهجي. ملڪ ۾ اسٽوريج جي ڪا به سهولت ناهي، ان ڪري فيلڊ بند ڪرڻ کان علاوه ڪو رستو ناهي.  پاور سيڪٽر لاءِ گيس امپورٽ ڪئي پئي وڃي. بعد ۾ ڪوئلي ۽ نيوڪلير جا پلانٽس لڳي ويا پر گيس جا پلانٽس پوئتي هليا ويا، هاڻي اهي گئس پلانٽ ناهن هلندا، اهڙي صورتحال ۾ فيلڊ بند ڪرڻ کان علاوه ڪو به آپشن موجود ناهي. فيلڊ به هڪ اسٽوريج آهي. 53 سيڪڙو گئس امپورٽ ٿي رهي آهي. سيڪريٽري پيٽروليم ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته اسان هن سال جا پنج ڪارگو دير ڪرايا آهن، جڏهن پيڪ اوور ايندا آهن ته گئس جي کوٽ ٿي ويندي آهي. اسان هن وقت تائين فيلڊ بند ڪئي آهي. ڪراچيءَ ۾ انشور ايل اين جي ٽرمينل لڳائي رهيا آهيون. ايم ڊي، او جي ڊي سي ايل بريفنگ ڏيندي چيو ته ڊرلنگ مشنري جو روزانو ڪرايو ارڙهن هزار ڊالر آهي. رانا محمود الحسن چيو ته ان جي فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي. ڪاميٽي ميمبر عيني مري چيو ته هڪ ڊرلنگ مشين جي قيمت ڇا آهي؟ وزارت جي اختيارين چيو ته پاڪستان ۾ جيتري به ڊرلنگ ڪئي ويندي آهي، اها مشين ڪمپنيءَ طرفان پيپرا ذريعي ڊرلنگ لاءِ ٺيڪي تي ورتي ويندي آهي. رانا محمود الحسن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڊرلنگ واريون اڪثر پرڏيهي ڪمپنيون آهن. ايندڙ اجلاس ۾ سمورا تفصيل فراهم ڪيا ويندا. سيڪريٽري پيٽروليم چيو ته هڪ ڊرلنگ مشين جي قيمت ٽن ملين ڊالرن کان هڪ سئو ملين ڊالر تائين آهي. اجلاس ۾ پاڪ ايران گيس پائيپ لائين منصوبي جو معاملي متعلق سيڪريٽري پيٽروليم بريفنگ ڏيندي چيو ته ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين منصوبو هڪ حساس مسئلو آهي، ان حوالي سان معلومات لاءِ ڪاميٽي اجلاس کي اِن ڪئمرا ڪيو وڃي. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ايران پائيپ کي ڳنڍڻ لاءِ دروازي کان ٻاهر بيٺو آهي توهان ڪهڙي موڊ ۾ آهيو؟ سيڪريٽري پيٽروليم چيو ته هن منصوبي جا ڪيترائي بين الاقوامي رخ آهن، ان حوالي سان وزيراعظم اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏنو هو. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪيس اچي ٿو ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ بجلي ايران مان اچي ٿي، ميوو ايران مان اچي ٿو، گيس جي امپورٽ تي پابندي ناهي، پائيپ وڇائڻ تي پابندي آهي.