جنيوا (م ڊ) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ لعنتي شخص مري ويو. سوشل ميڊيا تي ريڊو جنيوا جي اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 37 ورهين جو سلوان موميڪا مئل حالت ۾ هٿ آيو، سندس لاش ناروي ۾ سندس گھر مان مليو آهي، سندس موت جو سبب معلوم ٿي نه سگھيو آهي. ريڊيو جنيوا جي رپورٽ موجب هن ٽوئيٽ کيهڪ ملين ماڻهن ڏٺو پر بعد م ٽوئٽ ڊليٽ ڪئي وئي. ٽويئٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان خبر جي تصديق جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سلوان موميڪا عراق مان فرار ٿي 2018ع ۾ سويڊن پهتو هو، ان کي 2021ع ۾ سوئيڊن جو رهائشي اجازت نامو ڏنو ويو هو. جون 2023ع ۾ سلوان موميڪا هڪ مسجد ٻاهران قرآن مجيد جا ورق ساڙڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي هئي. بعد ۾ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل نه ٿيڻ تي سويڊن سندس سياسي پناهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد هو گذريل مهيني ناروي هليو ويو هو.