اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سوئيڊن جي جعلي رهائشي ڪارڊ تي 16 سئو افغانين کي پاڪستاني ويزا ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن مطابق انهن افغانين کي پاڪستان مشن سوئيڊن مان ويزا جاري ڪيون آهن، سفارتي ذريعن مطابق پرڏيهي وزارت ان مامري تي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڄاڻايل افغانين جون پاڪستاني ويزا ڪينسل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق پرڏيهي وزارت سفارتخانن کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حڪم تائين ڪنهن به افغان شهري کي ويزا جاري نه ڪئي وڃي.