شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ جي سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، امداد سومرو، ذوالفقار سيلرو، فيض بروهي، سڪندر سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شھدادڪوٽ اسپتال ۾ اڳ ئي ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، ڪنھن به شعبي جو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ڪونھي،ڊسپينسرن ۽ ليب ٽيڪنيشنن جي کوٽ آھي. مريض علاج جي لاءِ دربدر آهن، هنن الزام هنيو ته ڊاڪٽرن کي ويزا تي موڪلي رشوت اوڳاڙي وڃي ٿي، جاچ ڪرائي وڃي.