شهدادڪوٽ(رپورٽر) سول اسپتال جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران مسلسل 43 ھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ڪندڙ ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، ذوالفقار سيلرو، فيض بروهي، محمد علي منڱريو، انور مغل، معتبر چانڊيو، اسد سنڌي، مظھر کوسو ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، دوائن سميت مريضن کي ڪابه سهولت نه پئي ملي، ڊاڪٽر ويزا تي ويل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.