شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ سول اسپتال بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران اسپتالن ۾ سهولت جي کوٽ ۽ ڪرپشن خلاف گڏھه تي ايم ايس جو پتلو رکي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار علي ميرجت، ذوالفقار مگسي، ذوالفقار علي سيلرو، رميز راجا تنيو، معتبر چانڊيو، فيض بروهي، سڪندر سومرو ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ علاج جون سهولتون ناهن، جنهن سبب مريض دربدر ٿي رهيا آهن، اسپتال ۾ نان ڪواليفاءِ ڊسپينسرن کان ڊيوٽيون ڪرايون وڃن، ڪرپشن ڪري اسپتال کي تباهه ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي جاچ ڪرائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.