سن(ن پ ا) سن شھر ۾ مختلف شھرن مان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 319 ميوزڪ ٽيچرز طور ڀرتي ٿيندڙ استادن کي جوائننگ ليٽرز جاري نه ٿيڻ خلاف آل سنڌ ميوزڪ ٽيچرز جي سڏ تي سن ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي قاضي احمد سڪرنڊ، نوابشاھه سميت ٻين شھرن کان آيل فنڪارن تنبورو باجو ۽ ٻيا ساز ھٿن ۾ کڻي جيئي سنڌ پليٽ فارم کان جي ايم سيد جي مزار تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي فنڪارن رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي صوفي راڳ ڳائي دانھن ڏئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي فنڪار ٽيچرن علي حسن خاصخيلي ڪامران چانڊيو بادشاھ بوزدار عطاء الله بالادي گلزار خشڪ الله بخش دادن ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان فنڪارن پنھنجا طبلا باجا کپائي ڪري پنھنجا خرچ ڪري ٽيسٽون ڏيڻ وياسين، پر اسان کان آءِ بي اي جي ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي ھئي جيڪا ٽيسٽ اسان فنڪار ٽيچرن پاس ڪئي اسان کي اڍائي سان گذري ويا آهن، آفر آرڊر ته مليا پر اڃان تائين جوائننگ ليٽر جاري ناھن ڪيا ويا، سنڌ جا راڳي بيروزگار آھن ھاڻ ته راڳي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. حڪمران جيڪي اسان راڳين جي مرڻ کانپوء گل کڻي ورسيون ملھائيندا آهن انهن جي ضرورت ناھي اسان فنڪار سنڌ جو پيغام سنڌ جي تصوف سنڌ جي صوفي بزرگن کي ڳايو آھي، اسان سنڌ جي موسيقي کي اجاگر ڪيو آهي اسان جي موسيقي کي پٺ تي ڌڪي اسان سان ويساھ گھاتي نه ڪيو فنڪار ٽيچرن وزير تعليم سردار شاھ ۽ سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي جوائننگ آرڊر جاري ڪري ڏنا وڃن جيستائين اسان جا جوائننگ آرڊر جاري نه ٿيندا اسان جي جدوجھد جاري رھندي.