سن (ن پ ا) سن شھر جي رھواسي  پورھيت ممتاز ملاح جي معصوم نياڻي 8 سالن جي عائشه ملاح گذريل 5 سالن کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، ان حوالي سان  سندس پيءُ ممتاز ملاح پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڌيءُ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا آهي، سندس علاج تي الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي، وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي،  ٻي طرف معصوم نينگري جي امڙ لوڙڪ لاڙيندي نگران حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.