سن(ن پ ا) سن شھر ۾ شاهه اويس پمپنگ اسڪيم جا پائپ ٽٽي ويا آهن، ايريگيشن کاتي جي نااهلي، سبب پڇڙي وارن آبادگارن جي زمينن تي پاڻي نه پھچڻ ڪري پوکيل فصل سڪڻ لڳا آهن، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن. ان ڏس ۾ شاھه اويس پمپنگ اسڪيم جا پائپ ٽٽل ھجڻ ڪري سمورو پاڻي ٻاھر  وھي وڃڻ جي ڪري پڇڙي وارن علائقن جي زمينن تائين آبپاشي جو پاڻي نه ٿو پهچي سگهي  پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڪيترن ئي آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. رابطو ڪرڻ تي آبادگارن جو چوڻ ھو ته ڪيترائي ڀيرا ايريگيشن عملدارن کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون ويون آهن، پر ان باوجود به پاڻي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي آهي، هنن وڌيڪ الزام هنيو ته پمپنگ اسڪيم جي پائيپ لائين ليکيج مشينري غير فعال آهي ذريعن جو چوڻ ھو ته 20 کان وڌيڪ ملازم رکيل آھن جنھن مان صرف 5 ملازم ڊيوٽي ڪري رھيا آهن باقي 15 ملازمن کان   10 / 10 ھزار وٺي ويزا تي انهن کي عمري تي موڪليو ويو آهي ان ڪري شاخ تباھ ٿي رھي آھي مقامي آبادگارن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي شاه اويس پمپنگ اسڪيم جو ڪم بحال ڪيو وڃي، جيئن زيان ٿيندڙ پاڻي پڇڙي جي آبادگارن تائين پھچي سگھي ته جيئن سندن زرعي زمينون ٻيهر آباد ٿي سگهن.